اليڪشن ايجنٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اليڪشن ايجنٽ (Election Agent) پاڪستان ۾ چونڊن ۾ ھر اميدوار کي حق آهي تہ پنھنجي پاران اليڪشن ايجنٽ مقرر ڪري ان ذريعي اليڪشن جي مرحلي جو مشاھدو ڪري. اليڪشن ايجنٽ کي تڪ اندر پولنگ دوران سمورين پولنگ اسٽيشنن ۾ داخل ٿيڻ ۽ ووٽنگ جي عمل جو جائزو وٺڻ جو اختيار ھوندو آھي پر ھو پولنگ عمل ۾ ڪابہ مداخلت نہ ٿو ڪري سگھي.ھن کي پاڻ وٽ ريٽرننگ آفيسر طرفان جاري ڪيل اجازت نامو پاڻ سان گڏ رکڻو ھوندو آھي. ھي ڳڻپ جي گوشواري (فارم 45) ۽ بيلٽ پيپر اڪائونٽ (فارم 46) تي صحيح ڪري انھن جا نقل پرزائيڊنگ آفيسر کان حاصل ڪرڻ جو مجاز ھوندو آھي.ھن کي ڪنھن بہ ووٽر سان پولنگ اسٽيشن اندر ڳالھائڻ جو اختيار ناهي نہ وري اليڪشن جو سامان پنھنجي قبضي ۾ وٺي سگھي ٿو جيڪڏهن ھي سامان قبضي ۾ وٺي يا ان کي ڪو نقصان پھچائي تہ اھو جرم تصور ٿيندو جنھن ۾ کيس گرفتار ڪري سگھجي ٿو.ھن کي پولنگ اسٽيشن جي اندر پنھنجو محافظ وٺي اچڻ جو اختيار ناهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ھينڊ بڪ؛ پریزائیڊنگ افسر اور اسٽنٽ پریزائیڊنگ افسر؛ الیڪشن ڪمیشن آف پاڪستان؛ صفحو 10