پاڪستان رائٽرز گلڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان رائيٽرس گلڊ

پاڪستان رائيٽرس گلڊ، پاڪستان سطح جي ادبي تنظيم قائم ٿي هئي، جنهن جي سنڌ شاخ 1959ع ۾ قائم ٿي، جنهن جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اردو اديبن مان جميل جالبي، جميل الدين عالي وغيره سان گڏ سنڌي اديبن ۽ شاعرن به سرگرميءَ سان حصو ورتو . اهڙن ڏات – ڌڻين ۾شيخ اياز ، غلام محمد گرامي ، رشيد ڀٽي ، محمد ابراهيم جويي ، علي محمد شيخ ۽ نياز همايوني جا نالا ذڪر لائق آهن . هن گلڊ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل معياري ادب جي همٿ افزائي ڪئي ۽ سرڪار کان مستحق اديبن کي مالي سهائتا وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. اها تنظيم اڃا قائم آهي، پر هاڻي ايتري فعال ڪانهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي