مواد ڏانھن هلو

پاٽلي پتر کان ڪراچي تائين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاهراهه ريشم (Silk Road) جيڪا "پاٽلي پتر" (پٽنا) کان شروع ٿي ڪراچي (Karachi) تائين ايندي هئي. پاٽلي پتر جو ذڪر اين. ايم. بليموريا (N.M Billimoria) پنهنجي مضمون "قديم هندستان خاص طور سنڌ ۽ پنجاب ۾ ايراني ماڻهو" (The Iranian in ancient India & specially in Sindh and Punjab) جنهن ۾ پاٽلي پتر بابت لکي ٿو ته؛

"هاڻوڪي پٽڻا ميگاسٿينز جو بيان ڪيل بوٿرائي آهي. لڳ ڀڳ 300 ق.م. ۾ اهو شهر گنگا ۽ سون يا سينا درياهه جي ميلاپ واري هنڌ تي موجود هو. اهو مگڌ (ڏاکڻي بهار جو علائقو) جي قديم سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ هو. پهرئين اهو شهر "ڪسم پور" ۽ "پشپاپور" (گلن جو شهر) سڏبو هو. پٽالي هڪ گل جو نالو آهي." 

فاهئيان (Fa-hian)، چيني سياح 414-399 ق.م. هتي آيو هو. اسٽرابو (Strabo) پنهنجي ڪتاب، "جاگرافي" ۾ هن شهر جو ذڪر ڪيو آهي. اريانوس (Arrian) جي ڪتاب، "انڊيڪا" (Indica) ۾ به ان شهر جو ذڪر ٿيل آهي. اشوڪ اعظم جي دور، 250 ق.م جي لڳ ڀڳ، اهو شهر پنهنجي عروج تي هو. ڊاڪٽر اسپونر جنوري 1913ع کان ان جي کوٽائي شروع ڪئي. ان کوٽائي مان هندستان تي ايران جي اثر جو پتو پوي ٿو. ڊاڪٽر هندستان تي ايران جي ڳُوڙهي اثر هئڻ جي ثبوت ۾ سڪا ۽ ٻيون شهادتون پيش ڪيون هيون. انهن جي هڪ منڊي ڪراچي ۾ هاڻوڪي ميٺادر واري علائقي ۾ واقع هئي. اهي واپاري قافلا سڪندر يوناني کان گهڻو اڳ هتي آيا ۽ اسڪائيليڪس، ڪيٽي سياح، بطليموس، نيئرڪس، هيڪاٽڪس، ميگس ۽ ٻين يونانين، سنڌ جي ڪراچي واري ڪناري تي بندرگاهه جو ذڪر ڪيو آهي. يونانين کان اڳ هتي ايراني آيا، پر انهن علائقن جو ڪو تاريخي دستاويز نه ڇڏيو، جنهن جي ڪري قديم حوالي طور يونانين جو لکڻين تي ڀروسو ڪيو وڃي ٿو.[1] [2]

حوالا

[سنواريو]
  1. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  2. ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي