اسٽرابو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
Strabo
Strabo as depicted in a 16th-century engraving
پيدائش 64 or 63 BC
Amaseia, Pontus
(modern-day Amasya, Turkey)
وفات سانچو:C. (aged about 87)
نسل Greek
پيشو
  • Geographer
  • Philosopher
  • Historian

اسٽرابو (Strabo) يوناني فلاسافر هو ۽ بنيادي طور تي جاگرافيدان (geographer) هو. اسٽرابو 63 يا 64 ق.م. ۾ پيدا ٿيو. پاڻ مڇي مانيءَ وارو هو. تنهنڪري پنهنجي شوق کي پورو ڪرڻ، علم ۽ ڏاهپ حاصل ڪرڻ لاءِ هن تمام گهڻو سفر ڪيو. هن مسهور يوناني عالم ٽائرنين جي صحبت ۾ رهي، جاگرافيءَ جي علم ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي.

ايم ايڇ پنهور هن جي حوالي سان لکي ٿو: اسٽرابو پنهنجي دور جي جاگرافي جي ماهرن جي ڪم کي پنهنجي لکڻين ۾ ڪتب آڻي، انهن کي تباهه ٿيڻ کان بچايو. ڌرتي کي گولو مڃڻ سان گڏ هن نوان کنڊ ڳولي، انهن کي نالا ڏنا. هن جي تحقيق موجب کنڊن جي چئني پاسي سمنڊ آهي ۽ ڌرتي جو سڪل حصو، اتر واري اڌ گول جي چوٿين حصي تي ڇانيل آهي. باقي ايراضيءَ ۾ سمنڊ آهي. اسٽرابو جو لکيل جاگرافيءَ جو ترجمو، اَٺن جلدن ۾ لولب ڪلاسيڪل لائبرئري طرفان ڇاپيو ويو آهي. جيڪو لنڊن مان 1917ع ۾ ڇپيو.

اسٽرابو، سنڌ ۾ رهي سنڌ جي واپار تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي. ايم ايڇ پنهور موجب، سنڌ جي پراڻي جاگرافي تي لکيل سنڌس ڪتاب وڏي ڪم جو آهي.

پنهنجي ڪتاب ۾ اسٽرابو لکي ٿو: آگسٽس جي قلو پطرا جي فتح جي موقعي تي، مون هڪ سڱو گينڊو ڏٺو، جيڪو ان وقت سنڌو درياءَ ۾ عام هو. اهو سڱو گينڊو گهڻو ڪري سنڌ مان مصر موڪليو ويندو هو.

هو ماکيءَ جي مک جي باري ۾ لکي ٿو: سنڌ ۾ ماکي وڻن ۾ پيدا ٿئي ٿي. جيڪا ماکيءَ جي مک جي مدد سان پيدا ٿئي ٿي.

اسٽرابو، سنڌ جي واپار جي حوالي سان گهڻو ڪجهه لکيو آهي ۽ خاص طور تي هن ڀنڀور واري بندر جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. ڀنڀور، ان زماني ۾ سنڌو نديءَ جي الهندي شاخ گهارو ۽ سمنڊ جي کاري جي اترائين ڪپ يا ڪناري اقتصادي ۽ واپاري هلچل سان ڀرپور بندرگاهه ۽ عاليشان شهر هو. جيڪو هندوستان ڏانهن واپار لاءِ پهريون بندر هو. ڇاڪاڻ جو ڳاڙهي سمنڊ کي پار ڪرڻ کان پوءِ پهريون هندوستاني ڪناري انهيءَ بندر ذريعي ايندو هو. هي بندر ق. م. کان يارهين صدي عيسويءَ تائين هنڌ ۽ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو واپاري بندر هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ ۽ هنڌ جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ قافلن جو لنگهه (Gate way) به هو. سنڌ جي اندريئن علائقن جو مال هتي ايندو ۽ هتان اهو مال سامونڊي غورابن ۾ چڙهندو هو.

سڪندر يونانيءَ جي ڪاهه وقت هن بندر کي ان زماني جي حساب سان بين الاقوامي بندر جي حيثيت حاصل هئي. ڀنڀور جي بندر تان ئي مال ڏورانهن ڏيهن ڏانهن اُماڻيو ويندو هو. چين جو ريشم، شاهراهه ريشم (سلڪ روٽ) ذريعي ڀنڀور ايندو هو ۽ پوءِ ڀنڀور بندر تان روم ويندو هو.

اسرابو، ڀنڀور کي بارباريڪان لکي ٿو. سندس چوڻ آهي ته هي بندر ان وقت گڏيل هندوستان جو وڏي ۾ وڏو واپاري بندر هو ۽ ان جو مصر جي شهر، اسڪندريا جي ذريعي رومي سلطنت سان واپار هلندو هو.

اسٽرابو، سامونڊي واپاري رستا بيان ڪندي ڄاڻائي ٿو: مصر مان قافلا ڳاڙهي سمنڊ ۾ ايندا هئا ۽ اتان عربي سمنڊ لاءِ روانا ٿيندا هئا. آگسٽس جي دور  تائين مصر جا جهاز ورلي باب المغرب تائين پهچندا هئا. پر 23 ق. م. ۾ عدن جي تباهي ۽ عرب قبيلن تي حاوي ٿيڻ کان پوءِ مصري، يوناني ۽ رومن جهاز عربي سمنڊ ۾ اچڻ لڳا. عربستان مان قافلن جا رستا بيان ڪندي لکي ٿو: مال عدن تائين ويندو هو. جتان عربَ قافلن رستي اهو مال مصر ۽ ڀونچ سمنڊ جي ڏاکڻي ڪناري پهچندو هو. [1] [1] [2]


  1. file:///C:/Users/bby/Downloads/%D8%B3%D9%86%DA%8C%20%DA%AF%D9%87%D9%85%D9%86%D8%AF%DA%99%20%D8%B3%D9%8A%D9%84%D8%A7%D9%86%D9%8A%20_%20%D8%AF%D8%A7%D8%AF%D8%A7%20%D8%B3%D9%86%DA%8C%D9%8A.pdf
  2. ڪتاب: سنڌ گهمندڙ سيلاني، سنڌي ادبي بورڊ