مواد ڏانھن هلو

پاٽا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صوبائي انتظام هيٺ قبائلي علائقا (انگريزي: Provincially Administered Tribal Areas) پاڪستان جو هڪ اڳوڻو انتظامي ذيلي علائقو هو، جنهن جي وضاحت پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 246(ب) ۾ ڪئي وئي هئي. صوبائي اسيمبلي جو ڪو به قانون پاڻمرادو پاٽا تي لاڳو نه ٿيندو هو، جڏهن ته لاڳاپيل صوبي جي گورنر کي اهي اختيار حاصل هئا، جيڪي پاڪستان جو صدر کي وفاقي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) بابت حاصل هئا. 2018ع ۾ آئين جي پنجويهين ترميم تحت پاٽا ۽ فاٽا کي مڪمل طور خيبر پختونخوا جي انتظامي اختيار هيٺ آندو ويو، جنهن کان پوءِ پاٽا جي آئيني حيثيت ختم ٿي وئي.[1]

آئين موجب صوبائي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۾ چار اڳوڻيون نوابي رياستون، قبائلي علائقا ۽ مختلف ضلعن سان لاڳاپيل قبائلي علائقا شامل هئا.

صوبائي انتظام هيٺ قبائلي علائقا – خيبر پختونخوا
صوبائي انتظام هيٺ قبائلي علائقا – بلوچستان

پاٽا ۽ فاٽا ۾ فرق

[سنواريو]

فاٽا ۽ پاٽا بالڪل ٻہ مختلف جڳھن کي چيو ويندو ھيو. پاٽا (صوبائي منتظم شده علائقا) اھي علائقا آھن جيڪي 1995 کان پھريان صوبن جي زيرانتظام ھئا ۽ بعد ۾ پوءِ انھن کي باقاعده ضلعن جي حيثيت ملي ۽ فاٽا (وفاقي منتظم شده علائقا)، اھي علائقا جيڪي وفاقي حڪومت جي انتظام ھيٺ ھيا جن کي بعد ۾ خيبرپختونخوا صوبي جو حصو بڻايو ويو.

پڻ ڏسو

[سنواريو]
  1. ↑ "NA approves merger of Fata, Pata with KP".