مواد ڏانھن هلو

پاناما شهر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پاناما شهر
Panama City

Ciudad de Panamá
گاديء وارو شھر
Nuestra Señora de la Asunción de Panamá
Banner of پاناما شهرPanama City
Banner
Coat of arms of پاناما شهرPanama City
Coat of arms
Official logo of پاناما شهرPanama City
Wordmark
ملڪپاناما
صوبوپاناما صوبو
ضلعوپاناما ضلعو
Foundation15 August 1519
بنياد رکندڙPedro Arias de Ávila
حڪومت
• MayorMayer Mizrachi (PP)
ايراضي
• گاديء وارو شھر2,082 چورس ڪلوميٽر (804 چورس ميل)
آبادي
 (2023)
• ڪل1,086,990
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
شهري
2,100,189
GDP (PPP, constant 2015 values)
ڊائلنگ ڪوڍ(+507) 2, 3
ويب سائيٽMuPa.gob.pa

پاناما شھر، پاناما (Panamá ) جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، پاناما جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. [1] [2] ان جي ڪل آبادي 10,86,990 آهي، [3] ان جي شهري علائقن جي آبادي 21,00,000 کان مٿي آهي. هي شهر، پاناما صوبي ۾، پاناما ڪينال جي پئسفڪ داخلا تي واقع آهي. هي شهر ملڪ جو سياسي ۽ انتظامي مرڪز آهي، گڏوگڏ بئنڪنگ ۽ واپار جو مرڪز آهي. [4]

پاناما شهر جو بنياد 15 آگسٽ 1519ع تي اسپيني فاتح پيڊرو آرياس ڊيويلا رکيو. اهو شهر مهمن جو شروعاتي نقطو هو جنهن پيرو جي انڪا سلطنت کي فتح ڪيو. اهو آمريڪي براعظم جي سڀ کان اهم واپاري رستن مان هڪ تي هڪ اسٽاپ اوور پوائنٽ هو، جيڪو نومبری دی ڈائیوس Nombre de Dios ۽ پورتوبیلو Portobelo جي ميلن ڏانهن وٺندو ھو، جنهن جي ذريعي گهڻو ڪري سون ۽ چاندي گذري ٿو جيڪو اسپين آمريڪا کان کنيو هو.

28 جنوري 1671ع تي اصل شهر کي باهه لڳڻ ڪري تباھ ڪيو ويو جڏهن پرائيويٽ هينري مورگن تباھہ ڪري ان کي باهه ڏئي ڇڏي. شهر کي ٻن سالن بعد 21 جنوري 1673 تي باضابطه طور تي، اصل آبادي کان 8 ڪلوميٽر (5 miles) جی مفاصلی تي، هڪ ٻيٽ تي بحال ڪيو ويو. اڳ ۾ تباهه ٿيل شهر جو ماڳ اڃا تائين بربادي ۾ آهي، ۽ هاڻي هڪ عالمي ورثو آهي [5] ۽ مشهور سياحن جي ڪشش جو، اسڪول جي سفرن ذريعي باقاعده دورو ڪيو ويندو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. Real Academia de la Lengua Española (October 2005). "Diccionario panhispánico de dudas. Apéndice 5: Lista de países y capitales, con sus gentilicios" (هسپانوي ۾). 20 March 2011 تي حاصل ڪيل.
  2. Real Academia Española y Asociación de Academias de la Lengua Española, «Lista de países y capitales, con sus gentilicios», Ortografía de la lengua española, Madrid, Espasa Española, Real Academia (2010), Panamá.1 País de América., Espasa, ص. 726, ISBN 978-84-670-3426-4, GENT. panameño -ña. CAP. Panamá.
    Panamá.2 Capital de Panamá.
  3. "Panamá (District, Panama) - Population Statistics, Charts, Map and Location". www.citypopulation.de. 2024-03-16 تي حاصل ڪيل.
  4. "Investing in Panama". BusinessPanama.com. اصل نسخو مان 9 December 2010 تي محفوظ ڪيل. 16 December 2010 تي حاصل ڪيل.
  5. Centre, UNESCO World Heritage. "Archaeological Site of Panamá Viejo and Historic District of Panamá". UNESCO World Heritage Centre (انگريزي ۾). 2023-03-17 تي حاصل ڪيل.