وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/7 جون 2017
ڏيک
- سلامتي ڪاؤنسل جي پنج مستقل رڪنن کان علاوه ڏھ غير مستقل رڪن بہ ھوندا آھن جن کي جنرل اسيمبلي ٻن ٻن سالن جي لاء منتخب ڪرندي آھي۔
- ڪولھي جون ھڏيون ڪنھن ھڏي سان ميل ناھن رکنديون ۽ بي قاعده انداز ۾ مليل ھونديون آھن ۽ انھن جو نالو بہ ڪجھ ناھي ھوندو.
- ايڊز جون علامتون ظاھر ٿيڻ کان پھريان ان جو وائرس انساني جسم ۾ ڪيترائي مھينا يا سالن تائين رھي سگھي ٿو۔
- سيپٽمبر 1980ء ۾ جڏھن عراق ایران تي حملو ڪيو ھيو صدام حسين چيو ھيو تہ ھو 3 ڏينھن ۾ تھران تي قبضو ڪرندا۔
- ڪرڪيٽ جو پھريون عالمي ڪپ 1975ع ۾ کيڏيو ويو، ھر چئن سالن کان پوء عالمي مقابلو ٿيندو آھي جڏھن تہ عورتن جو ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 1973ع ۾ کيڏيو ويو۔
- انڊونيشيا جي جنرل سھارتو جڏھن اقتدار ڇڏيو تہ ان جي خفيہ دولت 35 بلين امريڪي ڊالر ھئي۔
- سورھين صدي جي آخر تائين يعني 1564ع تائين نئون سال مارچ جي آخر ۾ شروع ٿيندو ھيو۔