وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2022/مهينو مارچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گوه شاد جي مزار جو نظارو، هرات، افغانستان
جامع مسجد هرات

ھرات (پشتو/دري: هرات، انگريزي: Herat) اولھہ افغانستان جو ھڪ نخلستاني شھر ۽ ھرات صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھي افغانستان جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون وڏو شھر آھي. 2020ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 574،276 آھي. ھي شھر افغانستان جي اولاھين حصي ۾ هریرود نديءَ (The Hari River) جي زرخيز ماٿريءَ ۾ اڇن جبلن ( Paropamisus Mountains) جي قطار جي ڏکڻ ۾ آباد آھي. صدين کان وٺي ھي شھر شاھراھ ريشم وسيلي وچ اوڀر، وچ ۽ ڏکڻ ايشيا سان ڳنڍيل رھيو آھي. تاريخي طور تي ھي شھر ايران ۽ فارسي ٻوليءَ جي اثر ھيٺ رھيو آھي ان ڪري ھن کي ”افغانستان جو ننڍڙو ايران“ ڪوٺيو وڃي ٿو