وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2019/مهينو آڪٽوبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سکر بئراج جو ڏينھن ۾ ڏيک
لوئڊ بئراج جي سجاوٽ تختي

سکر بئراج يا لائيڊ بئراج پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ سکر شهر جي ويجهو سنڌو درياھ تي واقع هڪ مشهور بئراج آهي. ويهين صدي ۾ سکر ۾ جيڪي عمارتون ۽ ترقيءِ جا ڪم ٿيا، انهن ۾ سکر بئراج جو شمار دنيا جي عجائبات ۾ آھي. دنيا ۾ ھي وڏي ۾ وڏو بند آھي. سکر بئراج بکر جي قلعي کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي اولهندي طرف جتي اڳ سنسان جهنگ هو. ھيءَ پُل ڊيگھ ۾ هڪ ميل آهي ۽ سڳي اڇو پٿر جي جڙيل آهي، جنهن کي ڇاهٺ فولاد جا در لڳل آهن، جيڪي برقي قوت سان کڄن ۽ بند ٿين ٿا ۽ بئراج جو پاور ھائوس ڌار آھي. هن پل جي اسڪيم ليفٽيننٽ ڪرنل اسڪاٽ 1846ع ۾ تيار ڪئي هئي. 1904ع ۾ ڊاڪٽر سمرس سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مٿئين اسڪيم حڪومت ھند جي ڌيان تي آندي ۽ 1910ع ۾ ھي سوال حڪومت اڳيان پيش ٿيو ۽ 1916ع ۾ جانچ ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن ڪم کي چالو ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي.پر پهرين جنگ عظيم لڳڻ ڪري 1918ع تائين ڪم کي ملتوي ڪيو ويو. مسٽر اي_ اي مسٽو بئراج ۽ ان جي ستن واھن جو نقشو تيار ڪري بمبئي حڪومت اڳيان پيش ڪيو. 1923ع ۾ سيڪريٽري هند کان منظوري پهتي ۽ ساڳئي وقت جولاءِ مهيني ۾ بئراج ڪالوني جي ڪوارٽرن ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1926ع ۾ پل جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو. 1925ع ۾ واھن جي کاٽيءَ جو ڪم مشينن (ايڪسڪيوٽرن) جي وسيلي شروع ٿيو. ھر مشين ھڪ منٽ اندر 74 ٽن مٽي کوٽي ٻاھر اڇلائڻ لڳي. جملي 46 مشينون مختلف ھنڌن تي لڳايون ويون. انهن مشينن جي کوٽائي جو ڪم ڏسڻ وٽان ھو. انهن کوٽيندڙ (Excavators) ستن واھن جي کاٽي ڪندي جملي 596 ڪروڙ چورس فوٽ مٽي کوٽي ھئي. پل تعمير ڪرڻ لاءِ ڪافر ڊيم Cofferdam ٻڌي پاڻي ڪڍي ٻاھر اڇلائينديون ھيون. مهراڻ جي کاٻي ڪناري وارن روھڙيءَ جي ريلوي لائين جي لڳ ٽڪرين ۽ ساڄي پاسي سکر جي اُتر طرف وارين ٽڪرين مان پٿر ڪاٽي پل تعمير ڪئي وئي. لائيڊ بئراج جي اھميت ھن طرح آهي ته سکر جي لينسڊائون پل سڄي لوھ جي جڙيل آھي ۽ بئراج پل سڄي پٿرن جي جڙيل آهي. 13 جنوري 1932ع ۾ وائسراءِ لارڊ ولنگڊن ھن پل جو افتتاح ڪيو.