وڪيپيڊيا:فيمينزم ۽ لوڪ وارتا ڏکڻ ايشيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


فيمينزم ۽ لوڪ وارتا ۾ ڀليڪار!


فيمينزم ۽ لوڪ وارتا ڏکڻ ايشيا ۾ ڀليڪار!


فيمينزم ۽ لوڪ وارتا ڏکڻ ايشيا جنهن کي اڳ ۾ وڪي محبوب ناريون 2020 سڏيو ويندو هيو، هڪ عالمي مهم آهي جيڪا وڪيپيڊيا تي هر سال فيبروري ۽ مارچ مهيني ۾ دنيا جي مختلف لوڪ ثقافتن ۽ مختلف لوڪ وارتائن ۾ عورتن کي وڪيپيڊيا تي دستاويزي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ملهائي ويندي آهي.هي رِٿا (پروجيڪٽ) وڪيپيڊيا جي فوٽوگرافي مهم وڪي محبوب لوڪ وارتا (وڪي لوز فوڪلور) جو ايڊيشن آهي، جيڪو پوري دنيا ۾ لوڪ وارتان جي دستاويزي ڪرڻ لاءِ وڪيميڊيا ڪامنز تي ملهايو ويندو آهي.

ان مقابلي جو بنيادي مقصد سموري دنيا ۾ آزاد انسائيڪلوپيڊيا وڪيپيڊيا ۽ وڪيميڊيا فائونڊيشن جي ٻين رٿائن ۾ انساني ثقافتي رنگارنگي سان لاڳاپيل مضمون گڏ (جمع) ڪرڻ آهي. جيئن ته اسان دنيا ۾ پنهنجي ٻين لاڳاپيل ۽ گروپن سان شريڪ ٿي رهيا آهيون، تنهنڪري هن سال اسان دنيا جي سڀني لوڪ ثقافت تي ڌيان ڏيون ٿا، خاص طور تي جنسي فرق (جينڊر گيپ) جي خال کي ڀرڻ تي ڌيان ڏيئي رهيا آهيون.

لوڪ وارتا ۾ ناريون- جنهن ۾ لوڪ وارتا، لوڪ ڪلچر ۾ ناريون ۽ منفرد شخصيتون شامل آهن، پر هي صرف ان تائين محدود ناهي (لوڪ فنڪار، لوڪ ناچ، لوڪ ڳائڻا، لوڪ موسيقار، لوڪ راندين جا ايٿليٽ، ڏند ڪٿائن ۾ زائفائون، لوڪ وارتا ۾ ويڙهاڪ ناريون، ڏائنڻيون ۽ جادوگرياڻين جو شڪار، پرين جون ڪهاڻيون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه).


2019 کان وٺي، اسان گهڻ ٻوليائي وڪيپيڊيا مقابلو آرگنائز ڪري رهيا آهيون، ۽ هن رِٿا (پراجيڪٽ) کي ميٽاوڪي تي رکڻ لاِءِ چونڊيو آهي ته جيئن بين الوڪي (انٽروڪيز)، بين لساني ۽ بين الرٿائي (انٽر پراجيڪٽ) سهڪار وسيلي اسانجي عالمي وڪي محبت تحريڪ جي حقيقي پهلو کي جاڳرتا ملي سگهي. هن مهم جي اڳڪٿي (ٽارگيٽ) دنيا جو غير محسوساتي ثقافتي ورثو کي تحفظ ڏيڻ ۽ لوڪ وارتا ۾ عورتن جي باري ۾ سنواح حيات (بايوگرافي) جي دستاويزي ٺاهڻ آهي.

مرڪزي خيال

  • لوڪ وارتا–سموري دنيا جون لوڪ ڪهاڻيون، جن ۾ لوڪ فيسٽيول، لوڪ ناچ، لوڪ راڳ (موسيقي، ميوزڪ)، لوڪ سرگرميون، لوڪ رانديون، لوڪ کاڌا، لوڪ لباس، پرين جون ڪهاڻيون، لوڪ ناٽڪ يا ڊراما، لوڪ آرٽ، لوڪ مذهب، ديومالائي پُراڻ (ڏندڪٿائون)، وغيره شامل آهن، پر رڳو انهن موضوعن تائين محدود ناهن.

جٽاءُ

  • مقابلي جو جٽاءُ (عرصو) فيبروري 1، 2021 (وقت 00:01 بجي يوٽي سي) کان مارچ 31، 2021 (وقت 11:59 بجي يو ٽي سي) تائين جاري رهندو.
    • روان سال ۾ هي مقابلو پهرئين فيبروري 2020ع کان شروع ٿيندو ۽ ايڪٽيهين مارچ 2020 تي پنهنجي پُڄاڻي (اختتام) تي پهچندو.

اصول ۽ ضابطا

  • سنواريل يا نوان لکيل مضمون گهٽ ۾ گهٽ ٽي هزار بائٽ (3000 Bytes) ۽ ٽي سئو (300 Words) لفظن تي ٻَڌل هجن.
  • مضمون مشيني ترجمو ٿيل نه هجن.
  • مضمون پهرئين فيبروري کان ايڪٽيهين مارچ (1 فيبروري کان 31 مارچ 2021) جي دوران تخليق يا واڌارو ڪيل، سنواريل هجن.
  • مضمون لازمي طور مرڪزي خيال (فيمنزم ۽ لوڪ وارتا) سان لاڳاپيل موضوعن تي لکيا وڃن.
  • مضمون جي درجيڪاري (مندرجات) ۾ حق ڇپائي (ڪاپي رائٽ) ۽ معروفيت جي ڀڃڪڙي (خلاف ورزي) نہ ٿيل هجي.
  • مضمونن ۾ وڪيپيڊيا اصولن، هدايتن پٽاندڙ مناسب حوالا شامل هُجن، ۽ وڪيپيڊيا معروفيت جي اصولن مطابق لکيا وڃن، تہ جيئن ان جي مواد (متن) جي ثابتي (تصديق) ٿي سگهي.

انعامَ

سڀ کان وڌيڪ ڀاڱيداريون ڪندڙن لاءِ انعام (وڌيڪ مضمون):

  • پهريون انعام: 300 آمريڪي ڊالر
  • ٻيون انعام: 200 آمريڪي ڊالر
  • ٽيون انعام: 100 آمريڪي ڊالر
  • آٿت انعام ٽاپ 15 کٽيندڙ: 10 يوايس ڊالر هرهڪ کي

شرڪت ۽ شريڪ ٿيندڙ

داخلا

  • هن مقابلي ۾ شريڪ ٿيندڙ واپرائيندڙ (يوزرز) هيٺ پنهنجو نالو درج ڪريو:


مضمونن جي داخلا

هيٺ ڏنل بٽڻ تي ٺِڙڪ (ڪِلڪ) ڪري اُتي پنهنجا مضمون درج ڪيو