مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو ڊسمبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھاجرہ، پيغمبر ابراهيم جي زال جو نالو آھي جنھن مان کيس اسماعيل پيدا ٿيو. جينيسز، توريت مطابق مصري نسل جي هاجره ساره جي ٻانهي هئي. ساره، هاجره کي ابراهيم کي ٻار ڄڻڻ لاءِ ڏنو. اسلام جي مطابق هاجره ابراهيم جي زال هئي. ھاجرہ جو نالو ڪتاب جينيسز، توريت مان ورتل آهي، هن جو ذڪر توريت کان سواءِ سمورن ابراهيمي مذهبن ۾ ملي ٿو. ساراه کي اسحاق نالي پٽ ڄائو، ۽ ٻنهي عورتن وچ ۾ ٻيهر اختلاف شروع تي ويا. جڏهن اسحاق ٿڃ ڇڏيو، ته ساراه ڏٺو ته هن جي پٽ سان اسماعيل ڀوڳ ڪندو هو. ان لاءِ هن ابراهيم سان شڪايت ڪئي ته اهو اسماعيل ۽ حاجره کي ڪٿي ٻي هنڌ موڪلي ڇڏي ۽ اسماعيل، ڪنهن به ورهاست جو حصو نه ٿيندو. ابراهيم ان تي پريشان ٿيو، پر خدا جي حڪم ٿيو ته هو ائين ڪري. ڪيترن ئي مصورن هاجراه ۽ اسماعيل جي صحرا ۾ زندگي کي پنهنجي مصوري ۾ چٽيو آهي. وليم شيڪسپيئر پنهنجي ڊرامي ۾ پڻ ان قصي جو ذڪر ڪيو آهي.