وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2019/مهينو اپريل
اروڙ(انگريزي: Aror), يا الور(انگريزي: Alor) راءِ گهراڻي (494ع- 622ع) ۽ برهمڻ گهراڻي (622ع- 712ع) جي دور ۾ سنڌ جو تختگاهه ھو. سنڌ جو هي قديم تخت گاهه/ قلعو /بندر روھڙي ضلعي سکر کان پنج ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. ھي ماڳ اتر ′27◦40 ۽ اوڀر ′68◦ 50 ڊگرين تي آهي.ماڳ جو دور پراچين تاريخ کان چوٿين صدي ھجريءَ تائين آهي. ٻڌ ڌرم وارن جو ھتي ڪافي زور ھو. هتي ئي ن کان اڳ واري نئين پٿر جي دور جا آثار به ملن ٿا. ويدن واري زماني ۾ به ھي شھر چڱو -آباد- ھو. اروڙ تي چندر ونسي راجائن ٤٥٠ع کان ٦٤٢ع تائين حڪومت ڪئي. جن کي راءَ گھراڻو سڏيو وڃي ٿو. چندر ونسي گھراڻي ١١٠٠ ق. م ۾ به ھن شھر تي حڪومت ڪئي. سڪندر جي ڪاهه وقت ھتي جو راجا موسيڪانوس ھو. راءِ ساھسي جي وقت ۾ نيمروز ايرانيءَ ڪاھيو. ھي ھڪ وڏو -بندرگاهه- ھو، جنھن کي مضبوط حصار ڏنل ھو. عربن جي وقت به ھي شھر اوج تي ھو. عربن جي وقت ۾ توڙي جو ھي شھر تختگاهه نه رھيو، پر وڏو -بندرگاهه- ضرور ھو. ھي سنڌوءَ جي ھاڪڙي ڪپ تي ٻڌل ھو. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ھاڪڙي جي رخ مٽائڻ ڪري ھي بندر ڦٽڻ لڳو. ھاڻي ھي بندر، تختگاهه، قلعو، ھڪ ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ موجود آھي. اروڙ ماضيءَ جو بهشت برين ھو، جنھن جي ساراهه ابن خردازبه (٢٥٠ هه)، مسعوديءَ (٩٤٢ع)، ابن حوقل (٣٤٣هه) ۽ ٻين ڪئي آھي. ننڍي کنڊ جي پھرين مسجد محمد -بن قاسمجي وقت ۾ ھتي ٺھرائي وئي.