ويلنٽائن ڏينهن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سينٽ ويلنٽائن ڏينهن
Saint Valentine's Day

قديم ويلنٽائن ڪارڊ
عرفيت ويلنٽائن ڊي (ڏينهن)
(Valentine's Day)
سينٽ ويلنٽائن جي دعوت
(Feast of Saint Valentine)
ملهائڻ وارا گهڻن ئي ملڪن ۾ ماڻهو;
آنگليڪان ڪميونين (ڏسو فهرست آنگليڪان چرچ ڪيلنڊر), اوڀاريون آرٿوڊوڪس چرچ (ڏسو اوڀاريون آرٿوڊوڪس عبادتون ڪيلنڊر), لوٿري چرچ (ڏسو سينٽ ڪيلنڊر (لوٿران))
قسم ثقافتي، عيسائي، تجارتي
اهميت سينٽ ويلنٽائن جي دعوت جو ڏينهن; محبت ۽ پيار جون تقريبون
رسمون تهنيتي ڪارڊ ۽ تحفا موڪلڻ, ڊيٽنگ، چرچ جون خدمتون
تاريخ فيبروري 14 (ڪيٿولڪ چرچ جي طرفان مقرر)؛ جولاءِ 7 (آرٿوڊوڪس چرچ پاران مقرر)
دورانيو 1 ڏينهن
تقرر هر سال
Shrine of St. Valentine in Whitefriar Street Carmelite Church in Dublin, Ireland
Saint Valentine of Terni and his disciples

ويلنٽائن ڏينهن (انگريزي ٻولي: Saint Valentine's Day) جنهن کي ويلنٽائن ڊي (Valentine's Day) ۽ سينٽ ويلنٽائن جي دعوت (Feast of Saint Valentine) [1] پڻ چيو وڃي ٿو هڪ خاص عالمي ڏينهن آهي جيڪو هر سال 14 فيبروري تي ڪجهه اولهه ۽ سيڪيولر ملڪن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري طور تي ملهايو ويندو آهي۔ هِن ڏينهن نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون پنهنجي محبت جو اظهار ڪندا آهن۔ سينٽ ويلنٽائن سينٽ لوسيلا کي Baptism ڏيندي

ابتدا[سنواريو]

ويلٽائن ڊي ڇا آهي ۽ ان جي ابتدا ڪهڙي طرح ٿي ؟ ان جي باري ۾ ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون تنهن هوندي به انهن ۾ هي ڳالهہ هڪ جهڙي آهي :

  • ”ويلنٽائن ڊي (جيڪو 14/ فيبروري تي ملهايو ويندو آهي) محبوبن جي لاء خاص ڏينهن آهي۔“ [2]
  • ”انکي عاشقن جي تهوار(Lover's Fesitival) جي طور تي ملهايو ويندو آهي۔“[3]

سينٽ ويلنٽائن[سنواريو]

سينٽ ويلنٽائن هڪ عيسائي راهب هيو۔ ان سان بہ ويلنٽائن ڊي جي حوالي سان ڪجهہ ڳالهيون ڳنڍيل آهن۔ انکي عاشقن جي ڏڻ جي طور تي ڇو ملهايو ويندو آهي؟ ۽ سينٽ ويلنٽائن سان هن جي ڇا نسبت بڻجي ٿي ، ان جي باري ۾ بڪ آف ناليج جو ذڪر ڪيل ٽڪرو توجهہ جي لائق آهي :

”ويلنٽائن ڊي جي باري ۾ يقين ڪيو ويندو آهي تہ هن جو آغاز هڪ رومي ڏڻ لوپر ڪاليا (Luper Calia) جي صورت ۾ ٿيو۔ قديم رومي مرد هن ڏڻ جي موقعي تي پنهنجي دوست ڇوڪرين جا نالا پنهنجي قميصن جي ٻانهن تي لڳائي هلندا هيا۔ ڪڏهن ڪڏهن هي جوڙا تحفن جو تبادلو بہ ڪندا هيا۔ بعد ۾ جڏهن هن ڏڻ کي سينٽ ’ويلن ٽائن‘ جي نالي سان ملهايو وڃڻ لڳو تہ ان جي ڪجهہ روايتن کي برقرار رکيو ويو. انکي هر اب فرد جي لاء اهم ڏينهن سمجھيو وڃڻ لڳو جيڪو رفيق يا رفيقہ حيات جي تلاش ۾ هجي۔ سترهين صدي جي هڪ پراُميد دوشيزه سان هي ڳالهہ منسوب آهي تہ هن ويلنٽائن ڊي واري شام تي سمهڻ کان پهرين پنهنجي وهاڻي سان پنج پتا ٽاڪي ڇڏيا هن جو خيال هو تہ ايئن ڪرڻ سان هو خواب ۾ پنهنجي ٿيڻ واري مڙس کي ڏسي سگهندي۔ بعد ۾ ماڻهن تحفن جي جڳهہ ويلنٽائن ڪارڊز جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو۔“ [4]۔

14 فيبروري جو هي ’يومِ محبت‘ سينٽ ويلنٽائن سان منسوب ڇو ڪيو ويندو آهي؟ ان جي باري ۾ محمد عطاء الله صديقي رقم طراز آهي :

”هن جي متعلق ڪو مستند حوالو تہ موجود ناهي البتہ هڪ غير مستند خيالي داستان ملي ٿي تہ ٽين صدص عيسوي ۾ ويلنٽائن نالي جو هڪ پادري هيو جيڪو هڪ راهبہ (Nun) جي زلف گره گير جو اسير ٿيو۔ جيئن تہ مسيحيت ۾ راهبن ۽ راهباڻين جي لاء نڪاح منع ٿيل هو۔ ان ڪري هڪ ڏينهن ويلنٽائن صاحب پنهنجي معشوقہ جي تشفي جي لاء انکي ٻڌايو تہ انکي خواب ۾ ٻڌايڳ ويو آهي تہ 14 فيبروري جو ڏينهن اهڙو آهي ان ۾ جيڪڏهن ڪو راهب يا راهبہ صنفي ميلاپ به ڪري وٺن تہ انکي گناھ نہ سمجھو ويندو۔ راهبہ ان تي يقين ڪيو ۽ ٻئي جوشِ عشق ۾ هي سڀ ڪجهه ڪري گذريا۔ ڪليسا جي روايتن جون هيئن ڌجيون اُڏائڻ تي ان جو حشر اهو ئي ٿيو جيڪو عموماً ٿيندو آهي يعني انهن کي قتل ڪري ڇڏيو ويو. بعد ۾ ڪجهه منچلن ويلنٽائن صاحب کي’شهيد ِمحبت‘ جي درجي تي فائز ڪندي هن جي ياد ۾ ڏينهن ملهائڻ شروع ڪري ڇڏيو۔ .

ويلنٽائن جو ڏوھ قبوليت مسيح[سنواريو]

قديم رومي پنهنجي مشرڪاڻہ عقيدن جي اعتبار سان خدائي محبت جون محفلون ڄمائيندا هيا ، ان جو آغاز تقريباً 1700 سال اڳ رومين جي دور ۾ ٿيو جڏهن تہ ان وقت رومين ۾ بت پرستي عام هئي ۽ رومين پوپ ويلنٽائن کي بت پرستي ڇڏي ڪري مسيحيت اختيار ڪرڻ جي ڏوھ ۾ موت جي سزا ڏني هئي پر جڏهن خود رومين مسيحت کي قبول ڪيو تہ هنن پوپ ويلنٽائن جي موت جي سزا جي ڏينهن کي يوم شهيد محبت چئي ڪري پنهنجي عيد بڻائي ڇڏيو.[حوالو گھربل]

ويلنٽائن جو ڏوھ شادي ڪرائڻ[سنواريو]

ان جي تاريخ عيسائي راهب ولنٽينس يا ويلنٽائن سان ايئن ڳنڍي آهي تہ جڏهن رومي بادشاھ ڪلاوديوس کي جنگ جي لاء لشڪر تيار ڪرڻ ۾ مشڪل ٿي ته هن ان جي وجهن جو پتو لڳايو ، بادشاھ کي معلوم ٿيو تہ شادي شده ماڻهو پنهنجي اهل و عيال ۽ گھر ٻار ڇڏي ڪري جنگ ۾ هلڻ جي لاء تيار نہ آهن تہ هن شادي تي پابندي لڳائي ڇڏي پر ويلنٽائن هن شاهي حڪم نامي جي خلاف ورزي ڪندي نہ صرف خود خفيہ شادي رچائي ڇڏي ، بلڪہ ٻين ماڻهن جون شاديون بہ ڪرائڻ لڳو. جڏهن بادشاھ کي معلوم ٿيو تہ هن ويلنٽائن کي گرفتار ڪيو ۽ 14 فيبروري تي انکي ڦاهي ڏئي ڇڏي .[حوالو گھربل]

يوناني ديو مالا[سنواريو]

هي ڏينهن يعني 14 فيبروري جو ڏينهن رومي ديوي يونو (جيڪا يوناني ديوي ديوتائن جي ملڪہ ۽ عورتن ۽ شادي وهانءَ جي ديوي آهي) جو مقدس ڏينهن مڃيو ويندو آهي جڏهن تہ 15 فيبروري جو ڏينهن انهن جي هڪ ديوتا ليسيوس جو مقدس ڏينهن آهي ( هن جي عقيدي جي مطابق ليسيوس هڪ رڍ هئي جنهن ٻن ننڍڙن پيارن ٻارن کي کير پيئاريو هو جيڪي اڳتي هلي ڪري روم شهر جا باني ٿيا) ۔[حوالو گھربل]

سيڪيولرز حضرات جا ويلنٽائن ڊي جي حق ۾ دليل[سنواريو]

ويلنٽائن ڊي جي باري ۾ سيڪيولر ۽ آزاد خيال دانشور طبقي جي راءِ هي آهي تہ ويلنٽائن ڊي خوشيون ۽ محبتون ورهائڻ جو ڏينهن۔ ورلنٽائن ڊي جي حوالي سان هن طبقہ فڪر جي راءِ هي آهي :

  • ”هن جيڪڏهن مڙس پنهنجي زال کي از راہِ محبت گل پيش ڪري يا زال پنهنجي سرتاج جي سامهون چند محبت ڀريا ڪلما چئي ڇڏي ته ان میں آخر حرج ڇا آهي؟“

معاشرتي حوالي سان مخالفت ۾ دليل[سنواريو]

اسلامي نقطہ نظر[سنواريو]

اسلام ۾ غیر مردن ۽ غير عورتن جو هڪ ٻئي سان ملڻ ۽ محبت جو اظهار ڪرڻ جي جهل آهي.

مسيحي نقطہ نظر[سنواريو]

چرچ هنن ڏند ڪٿائن جي سدائين نندا ڪئي ۽ انکي جنسي بي راھہ روي جي تبليغ تي ٻڌل قرار اڏنو. اهو ئي ڪارڻ آهي تہ هن سال بہ عيسائي پادرين هن ڏينهن جي نندا ۾ سخت بيان ڏنا۔ بينڪاڪ ۾ تہ هڪ عيسائي پادريءَ ڪجھہ ماڻهن کي ساڻ وٺي هڪ اهڙي دوڪان کي نذرآتش ڪري ڇڏيو. جنهن تي ويلنٽائن ڪارڊ وڪرو ٿي رهيا هئا۔

سڄي دنيا ۾ تقريبون[سنواريو]

اڄ ڪالھہ يورپ ۽ آمريڪا ۾ ويلنٽائن ڊي ڪيئن.ملهايو ويندو آهي، ان جي تفصيلن کي ڄاڻڻ جي لاءِ محترم صديقي جو پيش ڪيل هيٺ ڏنل واقعو پڙهو فرمايو: ”اسان جو هڪ فاضل دوست جيڪو نہ صرف آمريڪا کان بين الاقوامي قانون ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آيو آهي بلڪي اتي هڪ معروف يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ جو اعزاز بہ رکي ٿو، هن پنهنجي اکين ڏٺل واقعن جي روشني ۾ ان جو پسمنظر بيان ڪيو تہ هاڻوڪن سالن ۾ آمريڪا ۽ يورپ ۾ هن ڏينهن کي جوش ۽ خروش سان ملهائڻ وارن ۾ هم جنس پرستي ۾ وڪوڙي نوجوان ڇوڪرا (Gay) ۽ ڇوڪريون پيش پيش هيا. هو بيان ڪري ٿو ٿہ هن سان فرانسسڪو ۾ ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي هم جنس پرست عورتن ۽ مردن جا برهنہ جلوس ڏٺا۔ جلوس ۾ شرڪت ڪندڙن پنهنجي سينن ۽ خاص عضون تي پنهنجي محبوبن جا نالا چنبڙائي رکيا هئا۔ اتي اهڙو ڏينهن سمجھيو ويندو آهي جڏهن ’محبت‘ جي نالي تي آواره مرد ۽ عورتون جنسي هوسناڪي جي تسڪينن جي شغل ۾ غرق رهن ٿا۔ جنسي انارڪي جو بدترين مظاهرو هن ئي ڏينهن ڪيو ويندو آهي۔ “ (ايضاً: ص3 تا 4)
پاڪستان ۾ گذريل ٻن ٽن سالن کان هن کي ڪهڙي انداز ۾ ملهايو پيو وڃي ان جو اندازو 14 فيبروري کان هڪ ٻہ ڏينهن اڳ پو جي ڪنهن بہ قومي اخبار تي سرسري نگاھ وجهي ڪري ڪري سگهجي ٿو ۔ هڪ واقعو ملاحظہ فرمايو:
راقم جي هڪ دوست ٻڌايو تہ 14 فيبروري 2004ء(ڇنڇر) تي جڏهن مان پنهنجي ڪم کان واپس گھر اچي رهيو هيس تہ رستي ۾ هڪ جڳهہ مان ڏٺو تہ 25،30 نوجوان جن ڳاڙهيون قميصون/ شرٽوب پهري رکيون آهن ۽ هٿن ۾ گلاب جا گل اٿن، هڪ ساده مزاج همراھ کي ڪٽي رهيا آهن۔ مان انهن کي سمجھائڻ ۽ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي تہ هو مونکي بہ ڌڪا ڏيڻ لڳا۔ تحقيق ڪرڻ تي معلوم ٿيو تہ هي نوجوانن/ مستانن جي ٽيم ويلنٽائن ڊي ملهائڻ جي شوق ۾ راھ ويندي عورتن کي تنگ ڪرڻ ۽ گل پيش ڪرڻ جو مظاهرو ڪري رهي هئي۔ ان شخص انهن کي اهڙيون فحش حرڪتون ڪرڻ کان منع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هي سڀ ان تي مڇرجي پيا۔ هن چيو:” مان سوچيو تہ پوليس کي فون ڪئي وڃي پر ويجهو ڪٿي فون جي سهولت ميسر نہ هئي ۔ پوء مان هن معمولي واردات کي نظر انداز ڪري اڳتي وڌيس۔“ جيتوڻيڪ ظاهري طور تي هي واقعو ننڍو هو پر حقيقت ۾ ايئن نہ آهي ڇو تہ سرڪاري سطح تي جيڪڏهن اهڙن قدمن جي روڪ ٿام نہ ڪئي وئي تہ آئنده چند سالن ۾ جنسي انارڪي ۽ اباحيت جي هڪ نہ بيهندڙ ٻوڏ هن معاشري جا رهيل سهيل اسلامي قدر وهائي کڻي ويندي.

ڀارت[سنواريو]

اسلامي ملڪ ۽ سياسي جماعتن سان ٽڪراءُ[سنواريو]

ڪجھہ اسلامي ملڪن ۾ هن ڏينهن هن رسم جي خلاف مهم بہ هلائي ويندي آهي۔[5]

پاڪستان[سنواريو]

پاڪستان ۾ ويلنٽائن ڊي جو تصور نوي جي ڏهائي جي آخر ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي جي خصوصي نشريات جي وجهہ سان مقبول ٿيو۔ پاکڍڪستان جي سياسي جماعت، جماعت اسلامي جو هي مطالبو رهيو آهي تہ انکي ملڪ ۾ بين ڪيو وڃي۔ ان جي باوجود شهري علائقن ۾ انکي جوش ۽ خروش سان ملهايو ويندو آهي۔ گلن جي وڪري ۾ ڪيترائي سيڪڙو اضافو ہو ٿي ويندو آهي۔ اهو ئي حال ڪارڊز جي وڪري جو هوندو آهي۔.[6]

سعودي عرب[سنواريو]

2002 ۽ 2008 ۾ سعودي پوليس ويلنٽائن جي حوالي سان ڪنهم بہ شيء جي وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي[7][8] ۔ان پابندي اتي هڪ ڪاري بازار (بليڪ مارڪيٽ) بڻائي ڇڏي جتي ويلنٽائن جي گل ۡ ٻيون شيون ملنديون هيون[8][9]۔ 2012 ۾ مذهبي پوليس 140 مسلمانن کي هي تهوار ملهائيندي پڪڙيو ۽ دوڪانن تي وڪرو ٿيندڙ سڀ گل قبضي ۾ وٺي ڇڏيا ۔[10] سعودي عرب ۾ مسلمان هي تهوار نٿا ملهائي سگهن جڏهن تہ غير مسلم گھرن ۾ انکي ملهائي سگهن ٿا[11]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]