مواد ڏانھن هلو

وهاڻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وهاڻو (ويھاڻو) (انگريزي: Pillow) اهڙي ٽقافتي شئي آهي جيڪا ماڻهو سمهڻ وقت سيراندي کان مٿي کي ڏيندو آهي. وهاڻو ٽيڪ ڏني ويهڻ لاءِ پڻ ڪم ايندو آهي. هيءُ مختلف قسم جي ڪپڙي مان ٺاهيو ويندو آهي. سنڌ ۾ آڳاٽي زماني ۾ وهاڻو توڙي ان جو ڇئو هٿ سان سبيو ويندو هو. ڇئو تي ڀرت به ڀريو ويندو هو. وهاڻي ۾ ۾ ڪپھ ڪتي وڌي ويندي آهي ۽ مٿان ڀرت وارو ڇئو چاڙهيو ويندو آهي. هاڻ به ايئن ڪيو وڃي ٿو. هن وقت مشيني دور آهي. وهاڻو ۽ ان جو ڇئو فيڪٽرين ۾ تيار ٿئي ٿو. وهاڻي ۾ فوم جو استعمال ڪيو وڃي ٿو.سنڌ ۾ وهاڻو توڙي ان جو ڇئو اڄ به هٿ سان تيار ڪيا وڃن ٿا.[1]

وھاڻي جا نالا

[سنواريو]

وھاڻو سنڌي ٻولي جو لفظ آهي. ان کي انگريزي ۾ پلو (انگريزي: pillow ) چون ٿا جيڪو اصل ۾ جرمن ٻوليءَ جو لفظ آهي پوءِ لاطيني ٻوليءَ مان پراڻي انگريزي ۾ شامل ٿيو. لفظ پلو جو انگريزي ۾ استعمال جو سڀ کان پراڻو رڪارڊ ٻارھين صدي عيسويءَ کان ملي ٿو. عربي ٻوليءَ ۾ ان کي وسادة،اردو ۽هندي ۾ ان کي تڪيہ چوندا آھن.فارسي ٻوليءَ ۾ بالش چوندا آهن.

وھاڻن جا قسم

[سنواريو]

وھاڻي کي ھڪ مخصوص ماپ جي ڪپڙي جي ٺھيل ڳوٿري ۾ اسپنچ ، فائيبر، ڪپھ ، پکين جا کنڀ، نرم گاھ ڀري ان ڳوٿري جي منھن کي سبي بند ڪري ٺاھيو ويندو آهي. عام طور تي ان ۾ ڪپھ ۽ اسپنج جي فوم جو گھڻو استعمال ٿئي ٿو. ان جا کوڙ قسم ٿين ٿا. ننڍي ماپ واري کي وھاڻي سڏين ٿا. سنڌ ۾ گھرن ۾ کيرپياڪ ۽ ننڍڙن ٻارن لاء وھاڻيون ٺاھيون وينديون آهن. ڪي وھاڻا سمھڻ لاء ، تہ ڪي ٽيڪ خاطر راحت وٺڻ لاء ۽ ڪي وري سونھن خاطر رکڻ لاءِ استعمال ٿيندا آھن. ھڪڙا طبي وھاڻا (انگريزي: Orthopedic pillows) بہ ھوندا آھن جيڪي ڊاڪٽرن جي مشوري سان استعمال ڪيا ويندا آھن جن جي بناوٽ طبي لحاظ کان مخصوص ھوندي آھي. ڪي وهاڻا ننڍا ٿين ته ڪي ٽيڪ وارا وھاڻا وڏي ماپ جا ھوندا آھن جيڪي گول ۽ ڊيگھ م وڏا ھوندا آھن جن کي طول وھاڻو سڏيو ويندو آهي. ھڪڙا وھاڻا چوڪور ھوندا آھن جن کي ڪشن (انگريزي: Cushion)سڏبو آھي ان جا وڏي ماپ وارا فرش يا غاليچن تي ٽيڪ يا سونھن لاءِ لاءِ رکيا ويندا آھن ۽ ننڍي ماپ وارا صوفن يا ڪوچن تي رکيا ويندا آهن. فيڪٽرين ۾ ٺھندڙ وھاڻن جا قسم گھڻي ڀاڱي سائيز جي لحاظ کان ٿيندا آهن جن ۾ معياري سائيز، ڪنگ (king) سائيز، ڪئين (queen) سائيز، يورپي سائيز، ڪانٽينينٽل سائيز، جمبو سائيز وغيره شامل آهن.

وھاڻي جي تاريخ

[سنواريو]
قديم مصر جو ڪاٺي جو وھاڻو جنھن جي ھيٺان عبارت : خوش آمديد اڪريل آھي

تاريخ ۾ وھاڻي جي استعمال جو سڀ کان پراڻو رڪارڊ ميسوپوٽيميا جي تھذيبن ۾ مليو آهي جيڪو 7000 سال قبل مسيح تائين پراڻو آهي .[2] ان وقت وھاڻو امير ماڻھو استعمال ڪندا ھيا. جنھن وٽ گھڻا وھاڻا ھوندا ھئا اھو اوترو گھڻو امير شمار ڪيو ويندو هو [2] وھاڻي جي عام ٿيڻ جو سبب سمھڻ سبب ھر ھر ٿيندڙ ڳاٽي، پٺي، ڪلھن جو سور ھيو جنھن ان جي استعمال جي ضرورت کي وڌايو اھڙي طرح ان جي پيداوار جو اضافو ٿيڻ ڪري عام استعمال جي چيز بڻجي ويو [3] قديم مصر 2055 کان 1985 قبل مسيح جي فرعونن جي يارھين شاھي گھراڻي جي دؤر ۾ ممين کي مقبرن ۾ وھاڻن تي سمھاري رکڻ جو پڻ رواج پيو.[4] قديم مصر م وھاڻا پٿر ۽ ڪاٺي مان ٺاھيا ويندا هئا ۽ لاش جي مٿن کان رکيا ويندا ھيا [4]

حوالا

[سنواريو]
  1. "وهاڻو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-07-22. 
  2. 2.0 2.1 Levy, Joel (2002). Really Useful: The Origins of Everyday Things. Buffalo, NY: Firefly. 
  3. Soane, Ely Banister (2007). To Mesopotamia and Kurdistan In Disguise. Cosmino, Inc.. p. 13. 
  4. 4.0 4.1 Seath, J.; A.P. Gize; A.R. David; K. Hall; P. Lythgoe; R. Speak; S. Caldwell (April 2006). "An atypical Ancient Egyptian pillow from Sedment el-Gebel: evidence for migrant worker trading and technology". Journal of Archaeological Science 33 (4): 546–550. doi:10.1016/j.jas.2005.09.014.