ولاديمير پيوٽن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ولاديمير پيوٽن
(روسي ۾: Владимир Владимирович Путин خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 7 آڪٽوبر 1952 (72 سال)[1][2][3][4][5][6][7]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
سينٽ پيٽرسبرگ[8][9]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
رهائش ڊريسڊن (1985–1990)[10][11]
سينٽ پيٽرسبرگ (1987–1992)[12]
سينٽ پيٽرسبرگ (1992–)[13]
ماسڪو (1996–)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو رهائش (P551) وڪي ڊيٽا تي
شھريت سوويت يونين (–1991)
روس (1991–)[14][15][16]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
نسل روسی[17]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو ethnic group (P172) وڪي ڊيٽا تي
قد
وزن
عملي زندگي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي روسي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي روسي ٻولي[18][19][20]،جرمن ٻولي[21]،انگريزي ٻولي[21]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي سياست[22]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
ڪل دولت
عسڪري خدمتون
دستخط
 
ويب سائٽ
ويب سائٽ باضابطہ ویب سائٹ (روسي ٻولي)،باضابطہ ویب سائٹ (انگريزي ٻولي)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو official website (P856) وڪي ڊيٽا تي
IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

ولاديمير پيوتن (/ˈpu:tɪn/; Russian: Влади́мир Влади́мирович Пу́тин; IPA: [vlɐˈdʲimʲɪr vlɐˈdʲimʲɪrəvʲɪtɕ ˈputʲɪn] ( listen), آڪٽوبر 7، 1952ع تي ڄائو) 7 مئي 2012ع کان روس جو صدر آهي. پيوتن 1999ع کان 2000ع تائين وزير اعظم، 2000ع کان 2008ع تائين صدر ۽ وري 2008ع کان 2012ع تائين وزير اعظم هو.  وزير اعظم جي طور تي، پنهنجي بئي مدي دوران، هو حڪمران پارٽي جي، يونائيٽڊڊ رشيا پارٽيءَ جو چيئرمين هو.

پنهنجي اَبائي سينٽ پيٽرز برگ جي سياست ۾ داخل ٿيڻ کان پهرين پيوتن ڪي جي بي ( KGB) ۾ 16 سال آفيسر رهيو ۽ 1991ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي پهچي ريٽائر ٿيو هو. 1996ع ۾ ماسڪو منتقل ٿيو ۽ صدر يلسٽن انتظاميا ۾ شامل ٿيو، يلسٽن جي استعيفا کان پوءِ، هو صفن ۾ تيزي سان اڳتي وڌي آيو  ۽ 31 ڊسمبر 1999ع ۾ وقتي (قائم مقام) صدر ٿيو. پيوتن، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پنهنجي مخالف Gennady Zyuganov کان 30 سيڪڙو کان 52 سيڪڙو جي ڀيٽ سان صدراتي اليڪشن کٽي ورتي. هن 2004ع ۾ وري 72 سيڪڙو ووٽ کڻي اليڪشن کٽي هئي.

2008ع ۾ صدارتي مدي لاءِ، جيئن ته آئين جي مقرر ڪيل حد سبب پيوتن لاڳاتار ٽيون دفعو ٻيهڻ جي لاءِ اهل ڪو نه هو، تنهنڪري 2008ع جي صدارتي اليڪشن ۾ پيوتن جي بيهاريل اميدوار دميتري ميڊوف چونڊون کٽيون. ... سيپٽمبر 2011ع ۾، صدارتي مدو چئن سالن مان وڌائي چهه سال ڪيو ويو ته پيوتن اعلان ڪيو ته اهو ٽيون دفعو صدر جي عهدي لاءِ بيهندو. هن 64 سيڪڙو ووٽن سان مارچ 2012ع جي اليڪشن کٽي ورتي. ... مخالف ڌر جي گروپن پيوتن ۽ يونائيٽڊڊ رشيا پارٽي تي ٺڳي ڪرڻ جو الزام هنيو.

پيوتن جي پهرين صدارت دوران، روسي معشيت ۾ لاڳيتو اَٺن سالن کان واڌارو آيو ۽ جي ڊي پيءَ ۾ واڌاري سبب قوت خريد ۾ 72 سيڪڙو واڌارو آيو. اها ترقي، وکرن جي تيز بازاري، تيل جي بلند قيمتن ۽ دورانديش معاشي ۽ مالي پاليسين جي نتيجي ۾ آئي هئي.  2008-2009 جي عالمي اقتصادي بحران جي اَچڻ، ڪرندڙ تيل جي قيمتن، ڪرائيميا تي روسي قبضي ۽ اوڀر يوڪرين ۾ دخل ڏيڻ کان پوءِ 2014ع ۾ اولهه جي طرفان مڙهيل پابندين، 2015ع ۾ 3.7 سيڪڙو جي حساب سان جي ڊي پي جي سسڻ جي ڪري معشيت جي ڏکيائين ۾ واڌارو آندو آهي.

2015ع ۾، اڪنامسٽ ميگزين جي جمهوري فهرست ۾، درجي بنديءَ جي حساب سان روس 167 ملڪن مان 132  ”آمرايت“ طور اچي ٿو.

پيوتن پنهنجي عهدي جي دوران، داخلي طور تي ڏاڍي مُکياري ماڻي آهي. خاص طور تي 2014ع ۾ ڪِرائيميا جي الحاق کان پوءِ. 2007ع ۾، اهو ٽائيم ميگزين جي سالياني سخصيت، ۽ 2004، 2008، 2014 ۽ 2015 ۾، دنيا جي 100 بااثر ترين شخصيتن جي فهرست ۾ موجود هو. 2013ع، 2014ع ۽ 2015ع ۾، اهو دنيا جي سڀني کان طاقتور فردن جي فوربس فهرست ۾ نمبر هڪ تي ڏيکاريل هو.

شروعاتي زندگي، ۽ تعليم[سنواريو]

پيوتن، سوويت يونين جي،  وفاقي روسي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ (روسي فيڊريشن جي جديد سينٽ پيٽرس بَرگ) ۾ 7 آڪٽوبر 1952ع تي پيدا ٿيو هو. پيوتن جا والدين اپيرينوڊوچ پيوتن (1911–1999) ۽ ماريا اِيوانونا پيوتنا (née Shelomova; 1911–1998) هئا. ٻه ڀائر، وڪٽر ۽ البرٽ 1930ع جي وچ ڌاري پيدا ٿيا هئا. البرٽ ٻالڪپڻي ۾ ۽ وڪٽر ٻي عالمگير جنگ ۾ لينن گراڊ جي گهيري دوران خناق وگهي مري ويو.

پيوتن جي والده فيڪٽري ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ سندس والد سوويت بحريا ۾ ڪانسرپٽ هو، جنهن 1930ع جي شروعات ۾ آبدوز ٻَيڙي تي خدمتون سرانجام ڏنيون. ٻي عالمي جنگ ۾، پيوتن جي والد اين ڪي وي ڊي (NKVD) جي تباهي بٽالين ۾ خدمتون سرانجام ڏينون. پوءِ، پيوتن جي والد کي باقاعدي فوج ۾ بدلي ڪيو ويو، جتي 1942ع ۾ اهو شديد زخمي ٿي پيو هو.

1 سيپٽمبر 1960ع تي، پيوتن پنهنجي گهر جي ويجهو، بسڪوف لين (Baskov Lane) تي اسڪول نمبر 193 ۾ پڙهائي شروع ڪئي. ... 

ٻارانهه سالن جي عمر ۾، پيوتن سامبو ۽ جوڊو  سکڻ شروع ڪئي. پيوٽن جي مرضي هئي ته اهو سوويت پردي تي هڪ اهم جاسوس آفيسر جي طور تي ڪردار ادا ڪري.

پسينٽ پيٽرز برگ هائي اسڪول نمبر 281 ۾ پيوتن جرمن سکيو ۽ رواني سان جرمن ٻولي ڳالهائي ٿو.

پيوتن لينن گراڊ اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾ قانون جي تعليم پرائي ۽ 1975ع ۾ گريجوئيش ڪئي. پيوتن جو مقالو، بين الاقوامي قانون ۾ سڀ کان وڌيڪ پسنديده قوم سان ڪاروبار جو نظريو“ هو. اُتي هوندي، پيوتن لاءِ ڪميونسٽ پارٽي آف سوويت يونين ۾ شامل ٿيڻ لازمي هو ۽ ڊسمبر 1991ع تائين ان جو ميمبر رهيو. پيوتن، اَسسٽنٽ پروفيسر اَناتولي سابشيڪ سان مليو جنهن کيس ڪاروباري قانون (khozyaystvennoye pravo) پڙهايو ۽ پيوتن جي ڪيريئر تي متاثر ڪندڙ اَٿر ڇڏيو.

ڪي جي بي ڪيريئر[سنواريو]

پيوتن ڪي جي بي يونيفارم ۾.

1975ع ۾، پيوتن ڪي جي ٻيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ڪي جي بيءَ جي اوکاٽا، لينن گراڊ (سينٽ پيٽرس برگ) جي 401 ااسڪول ۾ سِکيا حاصل ڪئي. اسڪول کان پوءِ، سيڪنڊ چيف ڊائريڪٽوريٽ (ڪائونٽر انٽيليجينس) ۾ ڪم ڪيو، پهرين اهو فرسٽ چيف ڊائريڪٽوريٽ ۾ بدلي ڪيو ويو هو، جتي اهو پرڏيهين ۽ ڪائونسلر عملدارن جي نگراني ڪندو هو.

1985ع کان 1990ع تائين، پيوتن هڪ لڪل سڃاڻپ سان مُترجم طور ڊريسڊن، اوڀر جرمنيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون.

پيوتن جي سرڪاري سوانح حيات مطابق، 9 نومبر 1989ع ۾، ديوار برلن جي ڊهڻ دوران، ڪي جي بيءَ جي فائلن کي مظاهرين کان بچائڻ لاءِ ساڙي ڇڏيو هو.

اوڀر جرمنيءَ جي ڪميونسٽ حڪومت جي خاتمي کانپوءِ پيوتن لينن گراڊ موٽي آيو، جتي جون 1991ع ۾، هن وائس ريڪٽر Yuriy Molchanov رپورٽنگ ڪندي، لينن گراڊ اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جي بين الاقومي معاملن جي سيڪشن ڪم ڪيو. جتي پيوتن، شاگردن جي انجمن تي نظر رکندي، ڪي جي بيءَ لاءِ نون رنگروٽن جي ڳولا ڪئي ۽ لينن گراڊ جي ميئر ۽ پنهنجي اڳوڻي پروفيسر اناتولي سوبشيڪ سان نئين سر ٿيل دوستي جي تجديد ڪئي.  

پيوتن، سوويت صدر ميخائيل گورباچيف جي خلاف ڪي جي بي جي تعاون سان شروع ڪيل بغاوت کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي 20 آگسٽ 1991ع تي ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي هئي. پيوتن چيو: توڻي جو مون پنهنجي زندگيءَ جو بهترين حصو ”اداري“ سان گڏ گذاريو هو، ان ڪري فيصلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو، پر جيئن ئي بغاوت شروع ٿي ته مون هڪدم فيصلو ڪيو ته آئون ڪهڙي پاسي آهيان. 1991ع ۾، پيوتن، ڪميونزم کي تهذيب جي مرڪزي ڌارا کان پري ”هڪ بند گهٽيءَ“ جي طور تي بيان ڪيو آهي.

سياسي ڪيريئر[سنواريو]

سينٽ پيٽرزبرگ ۾ انتظاميا (1990–1996)[سنواريو]

مئي 1990ع ۾، پيوتن ميئر سوبشيڪ جي لاءِ بين الاقوامي معاملن جو صلاحڪار مقرر ٿيو. ان کان پوءِ 28 جون 1991ع ۾، سينٽ پيٽرز برگ جي ميئر جي پرڏيهي لاڳاپن جي ڪاميٽي سان گڏ پرڏيهي سرمائيڪاري جي واڌاري ۽ وينچر بزنيس کي رجسٽر ڪرڻ جو به سربراهه بڻجي ويو.

پهرئين سال ئي، شهر جي قانون ساز ڪائونسل جي تحت مَرينا سيليءَ پيوتن جي خلاف جانچ پڙتال ڪئي. ان اهو نتيجو ڪڍيو ته قيمتن جي اهميت کي گهٽايو ويو هو ۽ ٻاهران اهڙي خواراڪ گهرائڻ جي عيوض 93 ملين ڊالر اُماڻيا ويا، جيڪا ڪڏهن ڪو نه پهتي. جانچ ڪندڙن طرفان پيوتن کي ڪڍڻ جي سفارش جي باوجود به پيوتن 1996ع تائين ٻاهرين تعلقاتن جي ڪاميٽي جو سربراهه رهيو. 1994ع کان 1996ع تائين هو سينٽ پيٽرز برگ ۾ ٻين گهڻن ئي سياسي ۽ حڪومتي عهدن تي رهيو.

مارچ 1994ع ۾، پيوتن کي سينٽ پيٽرسبرگ جي حڪومت جو پهريئن ڊپٽي چيئرمين طور مقرر ڪيو ويو هو. مئي 1995ع ۾، هن حڪومت جي حامي، اسان جو گهر روس سياستي پارٽي، سينٽ پيٽرز برگ جي شاخ کي منظم ڪيو، جيڪا لبرل پارٽي آف پاور جي وزير اعظم وڪٽر چرنومائرڊن ٺاهي هئي. 1995ع جي گرمين ۽ سرءِ جي دوران، هن قانون ساز اليڪشن ۾ پارٽيءَ لاءِ ڪيمپين هلائي ۽ 1995ع کان 1997ع تائين هو لاڳيتو سينٽ پيٽرز برگ شاخ جو اڳواڻ رهيو.

ماسڪو ۾ شروعاتي ڪيريئر (1996–1999)[سنواريو]

پيوتن، ايف ايس ٻي (FSB) جي ڊائريڪٽر جي طور تي. 1 جنوري 1998

1996ع ۾، سوبشيڪ سينٽ پيٽرز برگ جي ٻيهر چونڊن ۾ هارائي ويو. جون 1996ع ۾، پيوتن کي ماسڪو گهرايو ويو ۽ کيس پاويل ٻوروڊن جي سربراهي هيٺ صدارتي پراپرٽي ميجيجمينٽ کاتي (ٻين زبانن) جو ڊپٽي چيف مقرر ڪيو ويو. هو مارچ 1997ع تائين ان عهدي تي رهيو. پنهنجي مدي دوران، پيوتن، پرڏيهه ۾ رياست جي پراپرٽي (ملڪيت) ۽ اڳوڻي سوويت يونين ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي اثاٿن کي روسي وفاق ڏانهن منتقل ڪرڻ جو ذميوار هو.

26 مارچ 1997ع تي، صدر بورس يلستن، پيوتن کي پنهنجو جو ڊپٽي چيف آف اسٽاف مقرر ڪيو، جنهن تي هو 1998ع تائين رهيو ۽ جون 1998ع تائين، چيف آف مين ڪنٽرول ڊائرڪٽوريٽ آف پريزيڊنسيل پراپرٽي رهيو. هن عهدي تي سندس پيشرو ايلڪسي ڪوڊرِن ۽ جاءِ نشين نِڪولائي پيتروسيف، ٻئي ممتاز سياستدان ۽ پيوتن جا ساٿي هئا.

حوالا[سنواريو]

  1. Vladimir Putin — اخذ شدہ بتاریخ: 9 اپريل 2014 — اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  2. SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6m40cxf — subject named as: Vladimir Putin — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  3. https://brockhaus.de/ecs/julex/article/wladimir-putin — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مدیر: Bibliographisches Institut & F. A. Brockhaus۽ Wissen Media Verlag
  4. Le Delarge artist ID: https://www.ledelarge.fr/19042_artiste_POUTINE_Vladjimir — subject named as: Vladimir POUTINE — مصنف: Jean-Pierre Delarge — ناشر: Gründ۽ Jean-Pierre Delarge — ISBN 978-2-7000-3055-6
  5. GeneaStar person ID: https://www.geneastar.org/genealogie/?refcelebrite=putinvladim — subject named as: Vladimir Poutine
  6. Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000023044 — subject named as: Wladimir Putin — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  7. http://putin.kremlin.ru/bio/page-0 — اخذ شدہ بتاریخ: 7 آڪٽوبر 2023 — اجازت نامو: Creative Commons Attribution 4.0 International۽ Creative Commons Attribution 3.0 Unported
  8. https://www.thoughtco.com/when-was-st-petersburg-known-as-petrograd-and-leningrad-4072464
  9. https://web.archive.org/web/20100514164020/http://premier.gov.ru/eng/premier/biography.html — سے آرکائیو اصل
  10. Здесь жил и работал подполковник Путин: экскурсия по Дрездену — اخذ شدہ بتاریخ: 6 جنوري 2017 — سے آرکائیو اصل فی 6 جنوري 2017 — ناشر: Deutsche Welle — شائع شدہ از: 24 جُونِ 2010
  11. «Завхоз» из Дрездена: как Владимир Путин сошелся с Сергеем Чемезовым — اخذ شدہ بتاریخ: 6 جنوري 2017 — سے آرکائیو اصل فی 27 اپريل 2016 — ناشر: Forbes — شائع شدہ از: 20 مَئي 2013
  12. ناشر: Kommersant — شائع شدہ از: 1 آڪٽوبر 2012
  13. ناشر: lenta.ru — شائع شدہ از: 1 آگسٽ 2016
  14. http://www.nytimes.com/2009/05/16/world/europe/16gazprom.html?pagewanted=all
  15. http://espn.go.com/tennis/story/_/id/11738938/tennis-maria-sharapova-no-1-chances-take-hit-loss-caroline-wozniacki
  16. http://espn.go.com/olympics/winter/2014/story/_/id/10323103/importance-sochi-olympics-vladimir-putin-espn-magazine
  17. https://www.youtube.com/watch?v=O6FTew7CjUI
  18. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb136071802 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  19. NL CR AUT ID: https://aleph.nkp.cz/F/?func=find-c&local_base=aut&ccl_term=ica=jn20001103098 — اخذ شدہ بتاریخ: 1 مارچ 2022
  20. CONOR.SI ID: https://plus.cobiss.net/cobiss/si/sl/conor/19191651
  21. 21.0 21.1 CONOR.SI ID: https://plus.cobiss.net/cobiss/si/sl/conor/19191651
  22. NL CR AUT ID: https://aleph.nkp.cz/F/?func=find-c&local_base=aut&ccl_term=ica=jn20001103098 — اخذ شدہ بتاریخ: 7 نومبر 2022