واپرائيندڙ بحث:Sarmad Mustafa Jatoi

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

سفارتخانو
بزمِ سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا Sarmad Mustafa Jatoi

السلام عليڪم! اسان اميد ڪريون ٿا تہ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي لاء بھترين اضافو ثابت ٿيندئو.

  • وڪيپيڊيا ھڪ کليل ڄاڻ چيڪلو آھي جنھن کي اسان سڀ ملي ڪري لکندا ۽ سنواريندا آھيون. وڪيپيڊيا منصوبي جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏھن تہ سنڌي وڪيپيڊيا فيبروري 2006ع ۾ عمل آئي. في الحال ھن وڪيپيڊيا ۾ 16,887 مضمون موجود آھن.
  • ھن چيڪلي (انسائيڪلوپيڊيا) ۾ توھان مضمون نويسي، سنوار ۽ تصحيح کان پھريان ھيٺين صفحن تي ضرور نظر وجھو.
  • صفحن جي ظاھريت جي تبديلي ۽ طریقيڪار جي لاءِ ڏسو ترجيحون.

اصول ۽ قاعدا

توھان جو واپرائيندڙ ۽ بحث صفحو
ھتي توھانجو مخصوص واپرائيندڙ صفحو بہ ھوندو جتي توھان پنھنجو تعارف لکي سگھو ٿا، ۽ توهانجي واپرائيندڙ بحث تي ٻيا رڪنَ توھان سان رابطو ڪري سگھن ٿا ۽ توھان ڏي پيغام موڪلي سگھن ٿا.

  • ڪنھن ٻئي رڪن کي پيغام موڪلڻ وقت ھنن امرن جو خاص خيال رکو:
    • جيڪڏھن ضرورت هجي تہ پيغام کي عنوان ضرور ڏيو.
    • پيغام جي آخر ۾ پنهنجي صحيح ضرور وجھو، ان جي لاءِ هي علامت درج ڪريو--~~~~ يا ھن () بٽڻ تي ٽڙڪ ڪريو.
    • اظھار بحث جي آدابن جو خصوصي خيال رکو.

تعاون

  • وڪيپيڊيا جي ڪنھن بہ صفحي جي سڄي پاسي ڳوليو جو خانو نظر ايندو آھي. جنھن موضوع تي مضمون ٺاھڻ چاھيو تہ ڳوليو جي خاني ۾ لکو، ۽ ڳوليو تي ٽڙڪ ڪريو.
  • توھان جي موضوع سان ملندڙ جلندڙ صفحا نظر ايندا. اھو اطمينان ڪرڻ کان پوء تہ توھان جي گهربل موضوع تي پھريان کان مضمون موجود ناھي، توھان نئون صفحو ٺاھي سگھو ٿا واضع هجي تہ ھڪ موضوع تي ھڪ کان وڌيڪ مضمون ٺاھڻ جي اجازت ناھي. توھان ھيٺ ڏنل خانو بہ استعمال ڪري سگھو ٿا.

  • لکڻ کان پهرئين ھن ڳالھ جو يقين ڪريو تہ جنھن عنوان تي توھان لکي رھيا آھيو ان تي يا ان سان ملندڙ عنوانن تي وڪي ۾ ڪوئي مضمون نہ ھجي. ان جي لاء توھان ڳوليو جي خاني ۾ عنوان ۽ ان جا هم معنيٰ لفظ (اهڙا لفظ جن جي معني هڪ هجي) لکي ڳولا ڪريو.

-- توھان جي مدد جي لاء ھر وقت حاضر، اوهان جو خادم--مھتاب احمد (ڳالھ) 17:46, 3 جُونِ 2017 (UTC)


ھدايت[سنواريو]

دوست وڪيپيڊيا ۾ دلچسپي وٺڻ لاءِ توھان جا قرب، توھان کي ھدايت ڪئي پئي وڃي تہ پنھنجو ترميمون زمرن ۾ نہ پر صفن تي ڪريو جيئن توھان [[زمرو:حياتيات]] تي ڪري رھيا آھيو اتي ترميم نہ ڪئي ويندي آھي صفحو صرف ھڪ زمري ۾ ايندڙ صفحن جي فھرست لاءِ آھي توھان کي گذارش آھي تہ حياتيات تي وڃي پنھنجون ترميمون ڪريو. ڪا ڳالھ پڇڻي ھجي حاضر آھيون.--مھتاب احمد (ڳالھ) 17:46, 3 جُونِ 2017 (UTC)

زمرن ۾ يا زمرن جي بحثن ۾ مواد نہ وڌو ويندو آھي[سنواريو]

محترم سرمد صاحب اسان توھان جي ترميمن لاءِ ٿورائتا آھيون پر ھڪ دفعو ٻيھر توھان کي اھو عرض آھي زمرن يا ان جي بحثن ۾ مواد نہ وجھو ڇو تہ پڙھندڙ زمرا نہ پر مضمون (صفحا) ڳوليندو آھي. زمرا صرف ھڪجھڙن مضمونن (صفحن) کي ھڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ لاءِ ھوندا آھن. جيڪڏھن توھان جو گھربل مضمون ڳولا ۾ نٿو اچي تہ ان کي تخليق ڪريو. جڏھن توھان ڳولا جي خاني ڪا شيءِ ڳوليندئو ۽ جيڪڏھن اھا موجود نہ ھوندي تہ ان لاءِ توھان کي ھڪ ڳاڙھي لنڪ ڏني ويندي جنھن تي توھان ڪلڪ ڪري پنھنجو مضمون تخليق ڪري سگھو ٿا. اميد تہ ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي ھوندي توھان کي. ڪنھن بہ سوال لاءِ رابطو ڪريو. مھرباني.--مھتاب احمد (ڳالھ) 10:59, 4 جُونِ 2017 (UTC)

Wikipedia:سنڌي_شخصيتون_ترميمي_ڊوڙ ۾ شرڪت ۽ مضمون لکڻ لاءِدعوت[سنواريو]

Wikipedia:سنڌي_شخصيتون_ترميمي_ڊوڙ

اسلام عليڪم, مانوارا ، توهان کي سنڌي وڪيپيڊيا جي سنڌي شخصيتون ترميمي ڊور (ايڊٽ اي ٿان) ۾ دعوت آهي اتي پنهنجي دستخط ڪري اتي درخواست ڪيل مضمون لکو يا انگري وڪيپيڊيا تا لاپاڳيل مضمون سنڌي وڪيپيڊيا تي ترجمو ڪري لکو. توهان جي تمام گهڻي مهرباني، اوهان جو خادم. --جوڳي اسد راچپر 09:35, 12 جُونِ 2017 (UTC)

ڪوشش لاءِ قرب[سنواريو]

@Sarmad Mustafa Jatoi: ادا سنڌي وڪيپيڊيا تي توھان جي محنت ڏسي خوشي ٿي؛ اميد تہ سٺي ڪم کي جاري رکندا. ادا توھان جي درخواست ھئي تہ توھان جي تخليق ڪيل مضمون کي انگريزي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪيو وڃي؛ ان لاءِ مان معذرت خواھ آھيان جو مون وٽ وڪيپيڊيا کي ڏيڻ لاءِ وقت ڪونھي ٻيو تہ اردو ۽ انگريزي وڪيپيڊيائن تي سخت نظرداري ڪئي وڃي ٿي؛ تنھن ڪري ڪوبہ مضمون بغير حوالي جي ٺاھڻ جو ڪو فائدو ناھي ڇو تہ ان کي يڪدم ڊاھيو ويندو. ٻي ڳالھ اھا تہ اتي ڪنھن کي لقب ڏيڻ ۽ تعريف ڪرڻ جي بہ منع ٿيل آھي تنھن ڪري مضمون ٺاھڻ لاءِ انگريزيءَ/اردوءَ جي سٺي ڄاڻ ھجڻ سان گڏ سٺين ويب-سرزمينن (ويبسائيٽن) جا حوالا ھجڻ پڻ لازمي آھن. ان سڀني ڳالھين جي ڪري ھڪ دفعو ٻيھر معافيءَ جو طلبگار آھيان.مھرباني--مھتاب احمد (ڳالھ) 21:13, 19 آڪٽوبر 2017 (UTC)

ادا ويبسائيٽن (سرزمينن ) جا حوالا ڪيئن ڏبا آهن ٿورو وتفصيل ۽ مثالن ذريعي سمجهائيندا ته قرب۔

@Sarmad Mustafa Jatoi:محترم توهان جنهن وقت ڪنهن مضمون ۾ توهان ترميم ڪندا پيا ته ان وقت ايڊيٽر ۾ توهان کي مٿي ڪجهه بٽڻ نظر ايندا ان تي هلڪي مائوس گهمائيندا ته حوالا شامل ڪريو جو بٽڻ نظر ايندو انتي ڪلڪ ڪريو ته پوءِ ان ويب سائٽ جو يو آر ايل وجهندا ته حوالو داخل ٿي ويندو، وڌيڪ رهنمائي لاءِ فيس بڪ تي سنڌي وڪيپيڊيا صفحو ڏسو،قُرب..جوڳي اسد راڄپر 21:00, 25 جنوري 2018 (UTC)

لوگو جي تبديليءَ لاءِ ھمايت گھربل آھي[سنواريو]

سنڌي وڪيپيڊيا لاءِ نئون لوگو

دوستو توھان کي ٻڌائيندي خوشي ٿي رھي آھي تہ مون درخواست ڏئي سنڌي وڪيپيڊيا جي لاءِ نئون لوگو ٺھرايو آھي، جيڪو توھان تصوير ۾ ڏسي سگھو ٿا. لوگو کي ھن وڪيءَ تي لڳرائڻ لاءِ توھان جي ھمايت گھربل آھي. مھرباني فرمائي ھن لنڪ تي ھي #{{تائيد}}--~~~~ نشان ھڻي پنھنجي تائيد جو اظھار ڪريو جيڪڏھن ڪنھن کي تنقيد ڪرڻي ھجي تہ ھي {{تنقيد}}--~~~~نشان ھڻو. تبصري واري خاني ۾ پنھنجا تاثر وغيره لکو. مھرباني.--مھتاب-احمد ڳالھ 08:55, 29 جنوري 2018 (UTC)

مضمون: غلام مصطفيٰ زرداري[سنواريو]

ادا غلام مصطفيٰ زرداري مضمون ۾ ڀاڱيدارين لاءِ مهرباني، پر ان ۾ 1 به حوالو ڏنل ناهي، مهرباني کي جيڪو لکيل آهي ان جو ڪٿان نه ڪٿان حوالو ڏيندو ته مضمون بهتر لڳندو. راجو (ڳالھ) 20:44, 19 جُونِ 2018 (UTC)

جي ادا بلڪل صحيع پيا فرمايو مگر آءُ معذرت خُواه آهيان ته مونکي حوالن جي باري ۾ ڪو به علم ناهي ۽ حوالا ڏيڻ نه ايندا آهن اگر رهنمائي ڪندئو ته قُرب
جي ادا بلڪل مان اوهان کي ٻڌائيندس! جيڪو به مسئلو هجي پڇي سگھو ٿا. سڀ کان پهرين مضمون ۾ وڃو، جيڪڏهن ڪميپوٽر ۾ آهيو ته پوءِ هيٺييون طريقو اختيار ڪيو.
  1. مٿي حوالو لکيل هوندو ان کي ڪلڪ ڪيو، يا هتي ڪلڪ ڪري تصوير ڏسو.
  2. پوءِ حوالن وارو خانو ايندو ان تي حولو لکو، ڪتاب جو حوالو هجي ته اهو لکو يا ويبسائيت جي اڊريس آهي ته اها لکو ۽ داخل ڪريو کي ڪلڪ ڪيو. اوهان هتي ڪلڪ ڪري تصوير ڏسي سگھو ٿا.
  3. ان کان پوءِ مضمون جي آخر ۾ حوالن واري جاءِ لکو. هتي ڪلڪ ڪري ڏسي سگھو ٿا.
  4. آخر ۾ مضمون کي محفوظ ڪندو ته هيئن نظر ايندو. هتي ڪلڪ ڪري تصوير ڏسو.
  • جيڪڏهن موبائيل ۾ آهيو ته پوءِ، جنهن سٽ جي سامهون حولو لکڻو آهي. ته پوءِ هيئن لکو. <ref> حوالي جو نالو، يا ويبسائيٽ جي اڊريس </ref> راجو (ڳالھ) 14:25, 20 جُونِ 2018 (UTC)

مدد گھربل[سنواريو]

ادا جيئن ته اوهان مضمون غلام مصطفيٰ زرداري ۾ حوالن جي لاء تاڪيد ڪيو هئو, ان حوالي سان گذارش آهي ته وڏين ڪوششن ۽ ڪاوشن کان پوء مونکي چند ڪتاب مليا آهن جن ۾ سائين غلام مصطفيٰ زرداري جي باري ۾ ذڪر ٿيل آهي ته ڇا انهن ڪتابن جا حوالا قابل قبول آهن؟ ۽ سماجي رابطن جي ويبسائيٽ (سرزمين) فيسبوڪ تي پڻ ڪجھ مواد موجود آهي ته ڇا ان پيج (صُفحي) جي لنڪ (ڳنڍڻو) ڪارآمد يا قابل قبول آهي؟ جواب گُھربل

@Cuterajoo: ادا راجو صاحب! اوهان جي هدايت مطابق آءُ مضمون غلام مصطفيٰ زرداري ۾ هڪ ڪتاب جو حوالو ڏنو آهي گذارش آهي ته ان جو جائزو وٺي تصديق ڪئي وڃي ۽ مونکي يقين ڏياريو وڃي ته منهنجو مضمون هر لحاظ کان مڪمل آهي ۽ وڪيپيڊيا تان نه هٽايو ويندو واڌو هٿ ادب Sarmad Mustafa Jatoi

وام 2019 لاءِ دعوت[سنواريو]

مانوارا ساٿي! اُميد ته توهان ڏانهن سڀ خيريت آهي! هاڻي 2019 وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو ۾ سائن اپ يا شامل ٿيڻ جو بهترين وقت اچي ويو آهي، جيڪو هن نومبر مهيني ۾ ٿي رهيو آهي (جنهن جي شروع ٿيڻ ۾ باقي ڪجه ڪلاڪ بچيا آهن!) نيڪ تمنائون، شُڀ ڪامنائون
جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 12:18, 31 آڪٽوبر 2019 (UTC)