جرمني جو چانسلر
| وفاقي چانسلر جو وفاقي جمھوريہ جرمني
Bundeskanzler(in) der Bundesrepublik Deutschland (جرمن) | |
|---|---|
وفاقي جمھوريہ جرمني جو سرڪاري نشان جيڪو چانسلر جو لوگو آهي. | |
| خطاب جو انداز | ميڊم چانسلر ھر ايڪسيلنسي |
| رڪن | جرمنيءَ جي ڪابينه
يورپي ڪائونسل |
| سيٽ | فيڊرل چانسلري (برلن) (شروعاتي) Palais Schaumburg, بون (بعد واري) |
| مقرر ڪندڙ | وفاق جو صدر In accordance with a vote in the بنڊسٽيگ |
| مدتِ عهدي | ڪوبہ نہ نئين بنڊسٽيگ (جرمني جي پارليامينٽ) جي پھرين اجلاس منعقد ٿيڻ تائين.[1] يا چار سال ۽ جنگ جي حالت ۾ غير محدود مدي تائين. |
| قيام | 1949 |
| پهريون عهديدار | ڪونراڊ اڊيننيوئر |
| نائب | جرمني جو وائيس چانسلر |
| پگهار | €220,000 p.a. |
| ويب سائيٽ | www |
وفاقي جمھوريہ جرمني جو وفاقي چانسلر (انگريزي: Federal Chancellor of the Federal Republic of Germany) جرمني جي 1949ع واري آئين تحت قائم ٿيل ھڪ رياستي عھدو آھي جنھن کي جرمن ٻوليءَ ۾ بنڊسڪينزلر (Bundeskanzler) چوندا آهن. اھو رياست جي حڪومتي سربراھ جو عھدو آھي. ان عھدي جي جرمني ۾ ابتدا سڀ کان اول سال 1867ع ۾ ٿي جڏھن اتر جرمني جي رياستي ڪنفيڊريشن قائم ٿي ھئي تہ ان جي سربراھ کي چانسلر جو نالو ڏنو ويو. 1919ع جي وئيمر واري آئين جي ڀيٽ ۾ چانسلرجي عھدي کي 1949ع واري آئين ۾ صدر جي عھدي کان وڌيڪ خودمختيار بڻايو ويو ۽ ان کي ملڪ جي پاليسي لاء رھنمائي ڪندڙ اصول ٺاھڻ جا اختيار ڏنا ويا ۽ کيس ملڪ جو حقيقي چيف ايگزيڪيوٽو بنايو ويو.[2] چانسلر جو عھدو پارلياماني جمھوريت ۾ وزيراعظم جي عھدي کي برابر ليکيو ويندو آهي. جرمني جي اٺون چانسلر موجوده سال 2019ع ۾ ھلندڙ چانسلر اينجلا مرڪيل آھي جيڪا 2005ع ۾ چونڊجي آئي ۽ 2009ع، 2013ع ۽ 2018ع ۾ وري چونڊجي آئي. سال 1867ع کان ھن عھدي جي شروعات کان وٺي ھاڻي تائين اھا پھرين عورت آھي جيڪا چانسلر جي عھدي تي رھي آھي ۽ عورت ھجڻ ڪري کيس مونث اچار سان جرمن ٻوليءَ ۾ بنڊسڪينزلرين چئبو آهي. اينجلا مرڪيل برلن جي ديوار ڪرڻ بعد يعني اوڀر جرمني ۽ اولھ جرمني جي انضمام کان پوءِ پھرين چونڊيل چانسلر آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Acting in accordance with the constitution". Regierungonline. The Press and Information Office of the Federal Government of Germany. 2010-03-09 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "www.bundespraesident.de: Der Bundespräsident / Constitutional basis". www.bundespraesident.de. 24 March 2018 تي حاصل ڪيل.