جرمني جو چانسلر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وفاقي چانسلر وفاقي جمھوريہ جرمني

وفاقي جمھوريہ جرمني جو سرڪاري نشان جيڪو چانسلر جو لوگو آهي.
عهديدار
اينجلا مرڪيل

22 نومبر 2005 کان
تعظيمي لقبَ ميڊم چانسلر
ھر ايڪسيلنسي
مقرر ڪندڙ وفاق جو صدر
عھدي جي مدت ڪوبہ نہ
تشڪيل 1949
اولين حامل ڪونراڊ اڊيننيوئر
نائب جرمني جو وائيس چانسلر
پگهار €220,000 p.a.
ويب سائيٽ www.bundeskanzlerin.de



وفاقي جمھوريہ جرمني جو وفاقي چانسلر(انگريزي: Federal Chancellor of the Federal Republic of Germany) جرمني جي 1949 واري آئين تحت قائم ٿيل ھڪ رياستي عھدو آھي جنھن کي جرمن ٻوليءَ ۾ بنڊسڪينزلر(Bundeskanzler) چوندا آهن. اھو رياست جي حڪومتي سربراھ جو عھدو آھي. ان عھدي جي جرمني ۾ ابتدا سڀ کان اول 1867 ۾ ٿي جڏھن اتر جرمني جي رياستي ڪنفيڊريشن قائم ٿي ھئي تہ ان جي سربراھ کي چانسلر جو نالو ڏنو ويو. 1919 جي وئيمر واري آئين جي ڀيٽ ۾ چانسلرجي عھدي کي 1949 واري آئين ۾ صدر جي عھدي کان وڌيڪ خودمختيار بڻايو ويو ۽ ان کي ملڪ جي پاليسي لاء رھنمائي ڪندڙ اصول ٺاھڻ جا اختيار ڏنا ويا ۽ کيس ملڪ جو حقيقي چيف ايگزيڪيوٽو بنايو ويو.[1] چانسلر جو عھدو پارلياماني جمھوريت ۾ وزيراعظم جي عھدي کي برابر ليکيو ويندو آهي. جرمني جي اٺون چانسلر موجوده 1919 ۾ ھلندڙ چانسلر اينجلا مرڪيل آھي جيڪا 2005 ۾ چونڊجي آئي ۽ 2009، 2013 ۽ 2018 ۾ وري چونڊجي آئي. 1867 کان ھن عھدي جي شروعات کان وٺي ھاڻي تائين اھا پھرين عورت آھي جيڪا چانسلر جي عھدي تي رھي آھي ۽ عورت ھجڻ ڪري کيس مونث اچار سان جرمن ٻوليءَ ۾ بنڊسڪينزلرين چئبو آهي. اينجلا مرڪيل برلن جي ديوار ڪرڻ بعد يعني اوڀر جرمني ۽ اولھ جرمني جي انضمام کان پوءِ پھرين چونڊيل چانسلر آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. "www.bundespraesident.de: Der Bundespräsident / Constitutional basis". www.bundespraesident.de. حاصل ڪيل 24 March 2018.