نگرخاس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نگر خاص
Nagarkhas
نگر خاص شھر
نگر خاص شھر
ملڪ پاڪستان
انتظامي يونٽ گلگت بلتستان
ضلعو نگر ضلعو
بلندي 2,688 ميل (8,819 ft)

نگرخاص(انگريزي: Nagarkhas ) جنھن کي اويومگر (انگريزي: Oyumagar ) پڻ سڏين ٿا، پاڪستان جي انتظامي يونٽ گلگت بلتستان جي گلگت ڊويزن جي نگر ضلعي جو ھڪ شھر ۽ پراڻي ھنزہ نگر ضلعي جو صدر مقام آهي جيڪو نگر ندي جي ڪناري تي واقع آهي. ھي شھر اڳوڻي پرنسلي نگر رياست جو گاديءَ جو هنڌ رھيو ھو. شاھراھ قراقرم نگر ضلعي مان گذري ٿي جنھن ڪري ھن شھر کي پڻ اھميت ملي ٿي.

بھار جي موسم م نگر جي وادي
نگر ضلعي م سمائر وادي
نگرخاس ۾ واقع شاھي محل

نگرخاس نگر ندي ۽ ھنزہ ندي جي سنگم جي ڏکڻ اوڀر ۾ پنج ميلن جي فاصلي تي ڪريم آباد کان ھيٺ واقع آهي[1].

سياحتي مرڪز[سنواريو]

نگر وادي کي اڳي بروشل سڏيندا هئا. ان جي بلندي سطح سمنڊ کان 2688 ميٽر (8822 فٽ) آھي. غلميٽ، مناپن، بار، چپروٽ ۽ ھوپر واديون نگر ضلعي جا قدرتي منظرن وارا سياحتي مرڪز آھن. ھن ضلعي جي حدن م دنيا جي وڏين چوٽين مان ھڪ راڪاپوشي واقع آهي جيڪا 7788 ميٽر (25,561) فوٽ بلند آھي. ان کان سواءِ ديرن، سپينٽڪ يا گولڊن پيڪ پڻ اتي واقع آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. Tilman, H.W., Two Mountains and a River: I made a resolve not to begin climbing until assured by a plague of flies that summer had really come, Vertebrate Publishing, صفحا. 119–, ISBN 978-1-909461-31-4