نياز اسٽيڊيم
| تفصيل ميدان | |
|---|---|
| جڳهه | حيدرآباد |
| بنياد | 1959 |
| گنجائش | 15,000 |
| مالڪ | پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ |
| سنڀاليندڙ | حيدرآباد ڪرڪيٽ ايسوسيئشن |
| مسواڙي | حيدرآباد ڪرڪيٽ ٽيم، حيدرآباد هاڪ، پاڪستان |
| پڇاڙي نالو | |
| پولين اينڊ | |
| عالمي ڄاڻ | |
| پهريون ٽيسٽ | 16 مارچ – 21 مارچ 1973: |
| آخري ٽيسٽ | 25 November – 29 نومبر 1984: |
| پهرين او ڊي آئي | 20 سيپٽمبر 1982: |
| آخري او ڊي آئي | 24 جنوري 2008: |
| As of 25 آگسٽ 2009 حوالو: نياز اسٽيڊيم، Cricinfo | |
نياز اسٽيڊيم(انگريزي: Niaz Stadium)، سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ واقع هڪ ڪرڪيٽ ميدان آهي. هن ميدان ۾ 15 هزار تماشائي ويهڻ جي گنجائش آهي.[1] هن ميدان ۾ پهرين ٽيسٽ راند 1973ع تي کيڏي وئي.[2]
هڪ ڏينهن واري عالمي راند ۾ هن ميدان تي پهريون هيٽ ٽرڪ پاڪستاني کلاڙي جلال الدين ڪئي. 1982 ۽ 83 ڌاري جلال الدين روڊ مارش، بروس يارڊلي ۽ گيف لاسن کي ستين اوور دوران ٽن لاڳيتن بالن تي آئوٽ ڪيو. انهي راند ۾ آسٽريليا 9 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسون جوڙيون ۽ پاڪستان اها راند 59 رنسن تان کٽي. ڪراچي سان تعلق رکندڙ جلال الدين هن راند کان سواءِ صرف 7 هڪ ڏينهن وارا ۽ 6 ٽيسٽ رانديون ئي کيڏي سگھيو.[3]
هن ميدان ۾ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ تائين ڪا به راند نه هارائي آهي.
رڪارڊ ۽ انگ اکر
[سنواريو]پهريون ٽيسٽ پاڪستان بمقابله انگلينڊ - مارچ 16-21، 1973ع[4]
آخري ٽيسٽ پاڪستان بمقابله نيوزي لينڊ - نومبر 25-29، 1984ع[5]
پهرين او ڊي آئي بمقابله آسٽريليا - سيپٽمبر 20، 1982ع[6]
آخري او ڊي آئي پاڪستان بمقابله زمبابوي - جنوري 24، 2008ع[7]
ٽيسٽ راند
[سنواريو]- ٽيم جون وڌ کان وڌ رنسون: 581/3 پاڪستان ٺاهيون ڀارت جي خلاف 14 جنوري 1983ع تي.
- ٽيم جون گھٽ کان گھٽ رنسون : 189 ڀارت ٺاهيون پاڪستان جي خلاف 14 جنوري 1983ع تي.
- وڌ کان وڌ انفرادي رنسون : 280 ناٽ آئوٽ جاويد ميانداد پاڪستان لاءِ ڀارت جي خلاف، 14 جنوري 1983ع تي.
- وڌ کان وڌ شراڪتداري : 451 ٽين وڪيٽ جي شراڪتداري مدصر نظر ۽ جاويد ميانداد پاڪستان لاءِ ڀارت جي خلاف 14 جنوري 1983ع تي.
- وڌ کان وڌ وڪيٽون : 16 ٽن راندين ۾ ورتل وڪيٽون عبدالقادر(پاڪستان).
- وڌ کان وڌ روسنون : 661 چئن راندين جون رسنون جاويد ميانداد(پاڪستان).
هڪ ڏينهن واري عالمي راند
[سنواريو]- ٽيم جون وڌ کان وڌ رنسون: 267/6 پاڪستان ڪيون، سريلنڪا جي خلاف، 8 آڪٽوبر 1987ع تي.
- ٽيم جون گھٽ کان گھٽ رنسون: 127 سريلنڪا ڪيون، پاڪستان جي خلاف، 3 نومبر 1985ع تي.
- وڌ کان وڌ انفرادي رنسون: 115 ناٽ آئوٽ (103 بال) جاويد ميانداد پاڪستان لاءِ، سريلنڪا جي خلاف، 15 جنوري 1992ع تي.
- وڌ ۾ وڌ شراڪتداري (پارٽنرشپ): 137 ٽين وڪٽ جي شراڪتداري ايڇ ماساڪجا ۽ ٽي ٽيبو زمبابوي لاءِ، پاڪستان جي خلاف 24 جنوري 2008ع تي.
- وڌ کان وڌ رنسون: 335 پنج راندين ۾ ڪيل رنسون جاويد ميانداد(پاڪستان).
- وڌ کان وڌ وڪيٽ: 7 ٻن راندين ۾ ورتل وڪيٽ عاقب جاويد (پاڪستان).
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.espncricinfo.com/pakistan/content/ground/58936.html
- ↑ "Niaz Stadium", ESPN Cricinfo, 17 June 2011, حاصل ڪيل 17 June 2011۔
- ↑ http://www.espncricinfo.com/magazine/content/story/149691.html
- ↑ "Niaz Stadium", ESPN Cricinfo, 17 June 2011, حاصل ڪيل 17 June 2011۔
- ↑ "Niaz Stadium", ESPN Cricinfo, 17 June 2011, حاصل ڪيل 17 June 2011۔
- ↑ "Niaz Stadium", ESPN Cricinfo, 17 June 2011, حاصل ڪيل 17 June 2011۔
- ↑ "Niaz Stadium", ESPN Cricinfo, 17 June 2011, حاصل ڪيل 17 June 2011۔
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]- نقشي ۾ حيدرآباد جي مقانيت، 2009
- نياز اسٽيڊيم جا آرڪائيو رڪارڊ
- ۽ زمبابوي جي وچ ۾ ٿيل راند جون ست تصويرون[مئل ڳنڍڻو]
سانچو:پاڪستان جا ڪرڪيٽ ميدان 25°22′56.54″N 68°20′17.45″E / 25.3823722°N 68.3381806°E
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از October 2023
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Coordinates on Wikidata
- ڪرڪيٽ
- حيدرآباد، سنڌ
- پاڪستان جا اسٽيڊيم
- پاڪستان جا ڪرڪٽ اسٽيڊيم
- 1959ع ۾ پاڪستان ۾ قائم ٿيل
- حيدرآباد، سنڌ ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم
- حيدرآباد، سنڌ ۾ راندين جي جڳهيون