نياز اسٽيڊيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نياز اسٽيڊيم
تفصيل ميدان
جڳهه حيدرآباد
بنياد 1959
گنجائش 15,000
مالڪ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ
سنڀاليندڙ حيدرآباد ڪرڪيٽ ايسوسيئشن
مسواڙي حيدرآباد ڪرڪيٽ ٽيم، حيدرآباد هاڪ، پاڪستان
پڇاڙي نالو
پولين اينڊ
عالمي ڄاڻ
پهريون ٽيسٽ 16 مارچ – 21 مارچ 1973:
 پاڪستان بمقابله  انگلستان
آخري ٽيسٽ 25 November – 29 نومبر 1984:
 پاڪستان بمقابله  نيوزي لينڊ
پهرين او ڊي آئي 20 سيپٽمبر 1982:
 پاڪستان بمقابله  آسٽريليا
آخري او ڊي آئي 24 جنوري 2008:
 پاڪستان بمقابله  زمبابوي
As of 25 آگسٽ 2009
حوالو: نياز اسٽيڊيم، Cricinfo
ارباب نياز اسٽيڊيم سان ڀل نہ کائو.

نياز اسٽيڊيم(انگريزي: Niaz Stadiumسنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ واقع هڪ ڪرڪيٽ ميدان آهي. هن ميدان ۾ 15 هزار تماشائي ويهڻ جي گنجائش آهي.[1] هن ميدان ۾ پهرين ٽيسٽ راند 1973ع تي کيڏي وئي.[2]

هڪ ڏينهن واري عالمي راند ۾ هن ميدان تي پهريون هيٽ ٽرڪ پاڪستاني کلاڙي جلال الدين ڪئي. 1982 ۽ 83 ڌاري جلال الدين روڊ مارش، بروس يارڊلي ۽ گيف لاسن کي ستين اوور دوران ٽن لاڳيتن بالن تي آئوٽ ڪيو. انهي راند ۾ آسٽريليا 9 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسون جوڙيون ۽ پاڪستان اها راند 59 رنسن تان کٽي. ڪراچي سان تعلق رکندڙ جلال الدين هن راند کان سواءِ صرف 7 هڪ ڏينهن وارا ۽ 6 ٽيسٽ رانديون ئي کيڏي سگھيو.[3]

هن ميدان ۾ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ تائين ڪا به راند نه هارائي آهي.

رڪارڊ ۽ انگ اکر[سنواريو]

پهريون ٽيسٽ پاڪستان بمقابله انگلينڊ - مارچ 16-21، 1973ع[4]

آخري ٽيسٽ پاڪستان بمقابله نيوزي لينڊ - نومبر 25-29، 1984ع[5]

پهرين او ڊي آئي بمقابله آسٽريليا - سيپٽمبر 20، 1982ع[6]

آخري او ڊي آئي پاڪستان بمقابله زمبابوي - جنوري 24، 2008ع[7]

ٽيسٽ راند[سنواريو]

  • ٽيم جون وڌ کان وڌ رنسون: 581/3 پاڪستان ٺاهيون ڀارت جي خلاف 14 جنوري 1983ع تي.
  • ٽيم جون گھٽ کان گھٽ رنسون : 189 ڀارت ٺاهيون پاڪستان جي خلاف 14 جنوري 1983ع تي.
  • وڌ کان وڌ انفرادي رنسون : 280 ناٽ آئوٽ جاويد ميانداد پاڪستان لاءِ ڀارت جي خلاف، 14 جنوري 1983ع تي.
  • وڌ کان وڌ شراڪتداري : 451 ٽين وڪيٽ جي شراڪتداري مدصر نظر ۽ جاويد ميانداد پاڪستان لاءِ ڀارت جي خلاف 14 جنوري 1983ع تي.
  • وڌ کان وڌ وڪيٽون : 16 ٽن راندين ۾ ورتل وڪيٽون عبدالقادر(پاڪستان).
  • وڌ کان وڌ روسنون : 661 چئن راندين جون رسنون جاويد ميانداد(پاڪستان).

هڪ ڏينهن واري عالمي راند[سنواريو]

  • ٽيم جون وڌ کان وڌ رنسون: 267/6 پاڪستان ڪيون، سريلنڪا جي خلاف، 8 آڪٽوبر 1987ع تي.
  • ٽيم جون گھٽ کان گھٽ رنسون: 127 سريلنڪا ڪيون، پاڪستان جي خلاف، 3 نومبر 1985ع تي.
  • وڌ کان وڌ انفرادي رنسون: 115 ناٽ آئوٽ (103 بال) جاويد ميانداد پاڪستان لاءِ، سريلنڪا جي خلاف، 15 جنوري 1992ع تي.
  • وڌ ۾ وڌ شراڪتداري (پارٽنرشپ): 137 ٽين وڪٽ جي شراڪتداري ايڇ ماساڪجا ۽ ٽي ٽيبو زمبابوي لاءِ، پاڪستان جي خلاف 24 جنوري 2008ع تي.
  • وڌ کان وڌ رنسون: 335 پنج راندين ۾ ڪيل رنسون جاويد ميانداد(پاڪستان).
  • وڌ کان وڌ وڪيٽ: 7 ٻن راندين ۾ ورتل وڪيٽ عاقب جاويد (پاڪستان).

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.espncricinfo.com/pakistan/content/ground/58936.html
  2. "Niaz Stadium". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 17 June 2011. 
  3. http://www.espncricinfo.com/magazine/content/story/149691.html
  4. "Niaz Stadium". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 17 June 2011. 
  5. "Niaz Stadium". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 17 June 2011. 
  6. "Niaz Stadium". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 17 June 2011. 
  7. "Niaz Stadium". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 17 June 2011. 

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

سانچو:پاڪستان جا ڪرڪيٽ ميدان مڪانيت: 25°22′56.54″N 68°20′17.45″E / 25.3823722°N 68.3381806°E / 25.3823722; 68.3381806