مواد ڏانھن هلو

ناچڻي، موهن جو دڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ناچڻي، مهين جو دڙو
مصور اڻڄاتل, قبل مسيح
سال 2300 ق.م-1750 ق. م
قسم ٽامو يا پتل
ماپ 10.5 س. م  × 5 س. م  (4 1/8 انچ  × 2 انچ )
مڪانيٽ نيشنل ميوزم، نيو دھلي

ناچڻي، مهين جو دڙو (انگريزي:Dancing Girl Mohenjo Daro)  ٽامي يا پتل جو مجسمو آهي جيڪو اٽڪل 2300 ق. م کان 1750 ق. م  جي دوران سنڌو سڀيتا جي شهر مهين جي دڙي ۾ جوڙيو ويو جيڪو نهايت قديم شهرن مان هڪ هو.[1] مجسمو 10.5 (4.1 انچ) ڊگهو ۽ هڪ ننگي جوان عورت يا ڇوڪريءَ جو آهي جيڪا  اعتماد سان اُڀي يا سڌي ۽ بنان ٺاھ ٺُوھ جي فطري انداز ۾ بيٺل آهي.  ناچڻي  بهترين هنر جو تسليم ٿيل نمونو ۽ سنڌو سڀيتا جي ثقافتي هنر يا ڪاريگري آهي.  مجسمو 1926ع ۾ برطانوي آثار قديمہ جي ماهر ارنيسٽ ميڪي مهين جي دڙي جي ايڇ آر  ايراضيءَ مان دريافت ڪيو هو. مجسمو نئين دهليءَ جي نيشنل ميوزيم  ۾ رکيل آهي جنهن جي مالڪي يا وارثيءِ تي پاڪستان جو جهڳڙو رهيو آهي.[2]

تفصيل

[سنواريو]

مهين جي دڙي منجهان ٽامي يا پتل جي هن قسم جي هنري نموني جا ٻه مجسما مليا هئا جيڪي لچڪيدار ڍانچي وارا لڳن ٿا جن ۾ هڪ عام قسم وارو آهي ۽ هڪ خاص آهي. ناچڻي ڇوڪري ننگي آهي ۽ کيس ٻانهن ۾ ڪنگڻ ۽ ڳچيءَ ۾ هار پاتل آهي. ناچڻي قدرتي (فطري) انداز ۾ بيٺل آهي ۽ سندس هڪ هٿ ڪلهي سئون دُڏ تي آهي.[3] کيس کاٻي ٻانهن ۾ 24 کان 25 ڪنگڻ پاتل آهن ۽ ساڄي ٻانهن ۾ 4 ڪنگڻ پهريل آهن. کاٻي هٿ ۾ ڪا شئي اٿس ۽ هٿ سٿر يا ران تي رکيل اٿس. ٻئي ٻانهون عام طرح کان ڪجهه ڊگهيون اٿس.[4]  سندس هار ۾ گهنگهرن نموني لٽڪندڙ بناوتون يا دُر لڳل آهن. سندس وار ڊگھا آهن. چوٽي ٿيل وار ڪلهي تي رکيل اٿس.[5]

ماهرن جا رايا

[سنواريو]

پتل يا ٽامي جي ٻي ناچڻي جو مجسمو ڪراچي ۾ نيشنل ميوزيم ۾ نمائش لاءِ رکيل آهي. ناچڻي لاءِ برطانوي ماهر آثار قديم ايم ڊبليو ويلر راءِ ڏني آهي ته ”سندس پسند جو مجسمو آهي. هوءَ وڌيڪ نه  مس 15 سالن جي هوندي. سندس ٻانهن ۾ ڪنگڻن کانسواءِ ڪجهه به پاتل ناهي. پاڻ تي ۽ پنهنجي دنيا تي مڪمل اعتماد رکندڙ هڪ ڇوڪري مڪمل اعتماد سان بيٺل آهي. مان سمجهان ٿو هن دنيا ۾ هن جهڙي ٻي ڪا شئي ڪانهي.“[6] جان مارشل جنهن مهين جي دڙي مان مجسمو ڳولي لڌو ان چواڻي، ”هڪ نوجوان ڇوڪري، هٿ دُڏ تي اڌ ڳجهي ڏيک ۾ ڄنگھون هلڪيون يا ٿوريون اڳتي، ايئن ڄڻ هوءِ ساز جي سر تال سان پير ۽ ڄنگهون چوري ناچ ڪرڻ واري آهي“.[7] جڏهن هن مجسمو لڌو ته تعجب ۾ پيو. هن چيو، ”جڏهن مون مجسمو ڳولي لڌو ته اعتبار نه پئي آيو ته هيءَ قبل مسيح جو ٿي سگهي ٿو.“[8] آثار قديم جي ماهر گريگوري پوسيهي ناچڻي لاءِ بيان ڪيو ته، " فن جو نهايت سحر انگيز نمونو سنڌوءَ جي تهذيب جو آهي“. هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته ”اسانکي پڪ ناهي ته ڪو هيءُ ناچڻي هئي پر هوءَ سٺي (مٿانهين)  هئي ۽ جيڪو به ڪيائين سو هن ڄاتو پئي.“[9]

مالڪي تي ڦَڏو

[سنواريو]

مجسمو هندستان جي نيشنل ميوزيم دهلي ۾ پيل آهي. ڪجهه پاڪستاني سياستدان ۽ ماهرن گُهر ڪئي ته مجسمو پاڪستان کي موٽائي ڏنو وڃي.  2016ع ۾ بئريسٽر جاويد اقبال جعفري مجسمي موٽائڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي. نه موٽائڻ جو سبب ڄاڻايو ويو ته مجسمو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ دهلي ۾ رکيو ويو هو.[10][2]

حوالا

[سنواريو]
  1. Harle, J.C., The Art and Architecture of the Indian Subcontinent, p. 17, 2nd edn. 1994, Yale University Press Pelican History of Art, ISBN 0300062176
  2. 2.0 2.1 Reporter, The Newspaper's Staff. "Move to bring ‘Dancing Girl’ back from India". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-09-26. 
  3. McIntosh, Jane (2008) (en ۾). The Ancient Indus Valley: New Perspectives. ABC-CLIO. ISBN 978-1-57607-907-2. https://books.google.com.pk/books?id=1AJO2A-CbccC&q=dancing+girl&redir_esc=y#v=snippet&q=dancing%20girl&f=false. 
  4. Singh, Upinder (2008) (en ۾). A History of Ancient and Early Medieval India: From the Stone Age to the 12th Century. Pearson Education India. ISBN 978-81-317-1120-0. https://books.google.com.pk/books?id=H3lUIIYxWkEC&pg=PA162&dq=dancing+girl+harappa&hl=en&sa=X&ei=3E9oVLnXNcmIuASOtoLwAQ&redir_esc=y#v=onepage&q=dancing%20girl%20harappa&f=false. 
  5. Nalapat, Dr Suvarna (2013-02-16) (en ۾). Origin of Indians and their Spacetime. D C Books. ISBN 978-93-81699-18-8. https://books.google.com.pk/books?id=e--vDQAAQBAJ&pg=PA34&lpg=PA34&dq=aesthetics+of+the+dancing+girl+mohenjodaro&source=bl&ots=YO7jfPHQbn&sig=F13JtU_Xy5olSvRHBbbpVY65l9A&hl=en&sa=X&redir_esc=y#v=onepage&q=aesthetics%20of%20the%20dancing%20girl%20mohenjodaro&f=false. 
  6. M. A., Anthropology; B. Ed., Illinois State University; Twitter, Twitter. "Who Was the Famous Dancing Girl of Mohenjo-Daro?". ThoughtCo. حاصل ڪيل 2020-09-26. 
  7. Possehl, Gregory (2002). The Indus Civilization: A Contemporary Perspective. AltaMira Press. pp. 113. ISBN 978-0-7591-0172-2. 
  8. Marshall, John. Mohenjo daro and Indus Civilization. Arthur Probsthain. 
  9. Possehl, Gregory L. (2002) (en ۾). The Indus Civilization: A Contemporary Perspective. Rowman Altamira. ISBN 978-0-7591-0172-2. https://books.google.com.pk/books?id=pmAuAsi4ePIC&pg=PA112&dq=dancing+girl+harappa&hl=en&sa=X&ei=3E9oVLnXNcmIuASOtoLwAQ&redir_esc=y#v=onepage&q=dancing%20girl%20harappa&f=false. 
  10. Mansoor, Hasan. "‘Pakistan needs to do homework for Dancing Girl's return’". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-09-26.