مواد ڏانھن هلو

جان مارشل (آثار قديمہ جو ماھر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جان مارشل (آثار قديمہ جو ماھر)
معلومات شخصيت
ڄم
موت
شھريت
عملي زندگي
مادر علمي
ڪم جي ٻولي
دلچسپي

سر جان مارشل، موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندڙ مشهور آرڪيالاجسٽ، جو جنم 19 مارچ 1876ع ۾ چيسٽر، برطانيا ۾ ٿيو.

تاريخ

[سنواريو]

سندس دلچسپيءَ جا مضمون تاريخ ۽ قديم آثار هئا. ان ڪري هن کي 1902ع ۾ هندستان جـي قـديـم آثـارن لاءِ سـروي واري محڪمي جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. هن کان اڳ انهيءَ عهدي تي اليگزينڊر ڪنگهام فائز هو. جان مارشل ننڍي کنڊ ۾ قديم آثارن جي بچاءَ ۽ پڌرائيءَ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي. ان جو مثالي ثبوت سندس دور جا هيٺيان دستاويز آهن:

  1. Archaeological Works code
  2. Ancient Monuments Preservation Act 1904

کوٽاين جي تاريخ

[سنواريو]

انهن دستاويزن هتان جي قديم آثارن کي قانوني، فني ۽ تاريخي تحفظ مهيا ڪيو ۽ انهن جي کوٽائيءَ جو ڪم به شروع ٿيو. سر جان مارشل جو پورو نالو ’Sir John Harbert Marshall ‘ هو. هن جي تعليم ڊيلوچ ڪاليج ۽ ڪنگس ڪاليج ڪيمبرج ۾ ٿي. هن مڪاني آثارن جي ڄاڻن کي سروي، کوٽاين ۽ مرمت جا ڪم ڏنا. سندس مکيه دريافتن ۾: ٽيڪسلا، موهين جي دڙي، سانچي، سارناٿ کان سواءِ ڪانجهيءَ جي زماني جو هڪ ماڳ Knossos ۽ ڀونوچ سمنڊ لڳ يوناني ٻيٽن ۾ ماڳ Crete شامل آهن. هن ٽيڪسيلا جون کوٽايون 1913ع ۾ شروع ڪرايون جيڪي 20 سالن تائين جاري رهيون. هن ٽيڪسلا ۾ ئي 1918ع ۾ ’Site Museum‘ جو بنياد رکيو. سانچي ۽ سارناٿ جي ٻڌمت سان لاڳاپيل ماڳن تي ڪم ڪرايو.

موهن جو دڙو

[سنواريو]

هن 1922ع ۾ کوٽائيءَ دوران سنڌ جي قديم تهذيب موهين جي دڙي جي صورت ۾ ڳولي لڌي. هن ’Knossos‘ ۽ ‘Crete’ تي 1898ع کان 1901ع جي وچ ۾ ڪم ڪرايا هئا. ان ڪري ننڍي کنڊ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ به هن کي کوٽاين جي پوري ڄاڻ هئي. ٽيڪسيلا ۽ موهين جي دڙي جي کوٽاين تي سندس ٽي ٽي شاهي جلد ڇپيل آهن، جن کي اڄ به هتان جي آرڪيالاجيءَ ۾ بنيادي حيثيت آهي. هن جو ٻيو هڪ ڪتاب ’Guide to Texila‘ آهي. موهين جي دڙي هن کان پوءِ ’Mackay‘ ڪم شروع ڪرايو، جنهن جي رپورٽ به ڇپيل آهي. انهيءَ وچ ۾ هن کي 1914ع ۾ سندس ڪيل خدمتن جي بطور ’Knighthood‘ ۽ ’سر‘ جو خطاب مليو ۽ وري سبڪدوشيءَ بعد 1936ع سڄي ’United Kingdom‘ جي ’Academic‘ جو ’Fellow‘ چونڊيو ويو هو. هن جي ٻين ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:

  1. Buddhist Art of Gandhara 1960
  2. Bagh Caves in Gwaliar state, 1927
  3. Monuments of Sanchi (3Vol)
  4. Guide to Sanchi 1918

وفات

[سنواريو]

سرجان مارشل 1928ع ۾ گلڊ فورڊ شهر ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011