نارين جي فٽبال سَڀا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اليڪس مورگن ۽ اسٽيفيني وان ڊير گريگٽ ليون، فرانس ۾ 2019 فيفا ويمنز ورلڊ ڪپ فائنل دوران هڪٻئي کان بال کسڻ لاءِ وڙهندي

نارين جي فٽبال سَڀا ويمن اسوسيئيشن فٽ بال، عام طور تي مائين جي فٽبال يا عورتن جي فٽ بال طور سڃاتي ويندي آهي، هڪ ٽيم راند آهي، جيڪا ان سان لاڳاپيل فٽبال وانگر آهي، جيڪو رڳو زائفائون ئي کيڏنديون آهن. هي راند پيشي وراڻي سطح تي سموري دنيا جي انيڪ ملڪن ۾ کيڏي ويندي آهي ۽ قومي سطح تي 176 ٽيمون حصو وٺنديون آهن.[1][2] فٽ بال راند جو هڪ قِسم آهي جيڪو زائفائون کيڏنديون آهن، جيئن عورتن جي ٽينس، يا وري انهن جي جنس لاءِ مخصوص ٿيل ڪرڪيٽ جي راند هوندي آهي. جڏهن تہ ڪيترن ئي ڏيهن ۾ جتي مردن جي فٽ بال ٽيمون موجود آهن، اُتي نارين جي فٽ بال ٽيمون پڻ موجود آهن، تنهن هوندي ڪُجهہ ملڪن ۾ يا تہ ان راند ۾ زائفائن جي ڀاڱيداري تي روڪ وَڌل آهي، يا اهڙيون ڪُجهہ رڪاوٽون اتيت ۾ وِڌل هيون.

نارين جي فٽبال راند جي اتهاس قومي ۽ عالمي سطح تي وڏن وڏن مقابلا ڏٺا آهن. زائفائن جي فٽبال پنهنجي  پوري تاريخ ۾ ڪيتري ئي جدوجهد کي مُنهن ڏيڻو پيو. جڏهن تہ ان جو پهريون سونهري دور 1920 جي ڏهاڪي جي شروع ۾ برطانيا ۾ ٿيو هيو، وڏن وڏن ميڙن کي  لُڀائيندڙ ميچ (هڪ ميچ 50،000 کان وڌيڪ شوقين ماڻيا)[3]، فٽبال اسوسيئشن 1921 ۾ هڪ پابندي لڳائي هئي، جنهن ۾ نارين جي فٽبال  راند کي ان جي ميمبر ڪلب هيٺ استعمال ڪرڻ کان جهليو ويو هيو.اها روڪ جولاءِ 1971 تائين لاڳو رهي.[4]

مهورتي فيفا ويمن ورلڊ ڪپ سال1991 ۾ چين ۾ ڪرايو ويو.[5] تڏهن کان هن راند کي مقبوليت حاصل ٿي آهي.[6] ڪينيڊا ۾ فيفا ويمنز ورلڊ ڪپ جو فائنل 2015 ۾ آمريڪا جي اتهاس ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ فٽبال راند هيو[7] ۽ سموري دنيا ۾ 1.12 بلين کان وَڌيڪ ماڻهن فرانس ۾ ٿيندڙ 2019 فيفا ناريون ورلڊ ڪپ فٽبال راند کي ڏٺو.[8]

جرمني[سنواريو]

2007ع ۾ جرمني ۽ چيڪ جمهوريہ جي نارين جي فٽ بال ٽيمون مقابلي کان اڳ آمهون سامهون ڏسي سگهجن ٿيون

1971ع تائين جرمن فٽ بال فيڊريشن ( ڊي ايف بي) ٽورنامنٽس ۾ زائفائن جي حصي وٺڻ تي پابندي وِڌي هئي. انکانسواءِ جيڪڏهن اُن دور ۾ ڪوبہ فٽبال ڪلب نارين کي تربيت ڏيڻ يا کيڏڻ جي اجازت ڏيندو هيو تہ ان کي پابندين جو مُنهن ڏسڻو پوندو هيو. 1955ع جي ڊي ايف بي جي هڪ بيان مطابق، ’’هي اڳرائي واري راند عورتن جي فطرت جي مطابق ناهي. بال جي کسڻ جي لڙائي ۾ زائفائن جو نسواني عزت خراب ٿيندي آهي، روح ۽ جسم کي اڻ ٽر هاڃو پهچي ٿو.‘‘ انکانسواءِ عورتن جو چڍو (نيڪر) پائي فٽ بال کيڏڻ پڻ جرمن فٽ بال فيڊريشن لاءِ هڪ مسئلو هيو، هي دعوي ڪيو ويو هيو تہ هي لباس جو ضرورت ’’جسم جي نمائش سليڪو ۽ حيا کي ڌڪ رسائي ٿو‘‘.[9]

تنهن هوندي بہ جديد طور تي جرمني ۾ فٽ بال پڻ عورتن جي هڪ پسنديد واري راند آهي ۽ ان تي ماضي واري سوچ رنڊڪ ناهي.

ايران[سنواريو]

جرمني سميت ٻين ڪجهه ملڪن جهڙوڪ ايران ۾ عورتن جو سري عام فٽ بال کيڏڻ سميت اسٽيڊيم ۾ ان راد ڏسڻ تي پڻ رڪاوٽون وِڌل آهن. ايراني نارين ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ تهران جي اسٽيڊيم ۾ مردن جي هڪ فٽبال ميچ پهريون ڀيرو 2019ع ۾ وڃي ڏٺِي هئي. حڪومت پاران کين اها ميچ ڏسڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. سال 1979ع ۾ اسلامي انقلاب کانپوءِ زالن تي اسٽيڊيم ۾ وڃِي مردن جي ميچ ڏسڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي. ايران ۾ فٽبال جي راند ۾ جنسي متڀيد (فرق) جو معاملو ان وقت عالمي سطح تي منظر عام تي آيو جڏهن سحر خداياري نالي ڇوڪريءَ ان عدالت (ڪورٽ) ٻاهريان پاڻ کي باهہ لڳائي جتي ان جي خلاف مرداڻو ويس پهري هڪ فٽ بال ميچ ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي مقدمو هلائڻو هيو. هڪ هفتي کانپوءِ 29 سال ڄمار واري سحر خداياري جو موت ٿي ويو جهيو. ان واقعي کانپوءِ ايراني حڪومت تي عوام پاران وڏي ڇتي تنقيد ڪئي وئي ۽ عورتن کي اجازت ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ ۾ واڌارو ٿيو. فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا پڻ ايران تي دٻاءُ وِڌو تہ هو نارين کي ميچ ڏسڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جنهن کانپوءِ سرڪار جي محدود اجازت ملڻ سان زائفائون هاڻي پاڻ کيڏڻ بدران مردن جا مقابلا ڏسي سگهن ٿيون.[10]

درشن دَٻو[سنواريو]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "The FIFA Women's World Ranking". FIFA. 
  2. "The FIFA World Ranking". FIFA. 
  3. "Trail-blazers who pioneered women's football". بي بي سي نيوز. 3 June 2005. http://news.bbc.co.uk/sport1/hi/football/women/4603149.stm. Retrieved 2010-02-19. 
  4. Grainey, Timothy F. (2012). Beyond Bend It Like Beckham: The Global Phenomenon of Women's Soccer. University of Nebraska Press. ISBN 0803240368. 
  5. FIFA.com. "FIFA Women's World Cup 1991™ - News - USA triumph as history made in China PR - FIFA.com". www.fifa.com. حاصل ڪيل 2020-01-16. 
  6. "Staggering growth of women's soccer bodes well for World Cup in France". Los Angeles Times. حاصل ڪيل 2020-01-16. 
  7. Sandomir, Richard. "Women’s World Cup final was most-watched soccer game in US history". CNBC. حاصل ڪيل 2020-01-16. 
  8. FIFA.com. "FIFA Women's World Cup 2019™ - News - FIFA Women’s World Cup 2019™ watched by more than 1 billion - FIFA.com". www.fifa.com. حاصل ڪيل 2020-01-16. 
  9. فٽ بال اڳرائي واري راند آهي، ’’هي عورتن لاءِ ناهي‘‘: ٻئي عالمي جنگ مهاڀاري کانپوءِ واري دور ۾ جرمن عورتن کي فٽ بال کيڏڻ جي حوالي سان مختلف پابندين جو مُهن ڏِسڻو پيو هيو. تنهن هوندي 1970ع جي ڏهاڪو ۾ حالتون تبديل ٿيڻ لڳيون. هڪ اڳوڻِي جرمن فٽ بال رانديگرياڻي هن وقت کي ڪيئن ياد ڪري ٿي؟
  10. جڏهن ايران ۾ نارين 40 سال کانپوءِ اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسڻ پهتيون