نئين سنڌ جو سفر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

*هي تقريرجي ايم سيد 3 مارچ 1946ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جو ٺهراءَ پيش ڪرڻ وقت ڪئي هئي.


آءٌ هن ايوان جي سامهون هيءُ ٺهراءُ پيش ڪرڻ لاءِ اٿيو آهيان! ”هيءَ اسيمبلي، سنڌ سرڪار کي سفارش ٿي ڪري ته وائسراءِ هند جي ذريعي بادشاهه سلامت جي حڪومت کي سنڌ جي مسلمانن جي جذن ۽ خواهشن کان واقف ڪري. جيئن ته هندستان جا مسلمان مذهب، فلسفي حيات، معاشرتي رسمن، ادب روايات، سياسي ۽ اقتصادي عقيدن جي جدا هئڻ سبب هڪ الڳ قوم آهن؛ ۽ هڪ الڳ قوم هئڻ جي حيثيت ۾ هندستان جي جنهن خطي ۾ هو اڪثريت رکن ٿا اتي هو آزاد ۽ خودمختيار قومي حڪومتن قائم ڪرڻ جا حقدار آهن.

تنهنڪري سنڌ جا مسلمان پر زور طريقي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن ٿا ته کين ڪو به اهڙو آئين قبول نه ٿيندو جو کين هڪ مرڪزي حڪومت ۾ ٻي اڪثريت واريءَ قوم جي ماتحت رهڻ لاءِ مجبور ڪري ۽ ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ سندن آزاداڻي زندگي گذارڻ ۽ الڳ نظريه حيات مطابق ترقي ڪرڻ لاءِ اهو ضروري امر آهي ته کين پنهنجون قومي حڪومتون قائم ڪرڻ ڏنيون وڃن. تنهنڪري ڪا به اهڙي ڪوشش، جا کين زبردستي هڪ مرڪزي حڪومت جي ماتحت رکندي، سا کين قبول نه آهي.

بلڪ اهڙي ڪوشش لازمي طور ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ۽ ٻين خوفناڪ نتيجن جي صورت ۾ نمودار ٿيندي.“

جناب صدر! آءٌ هن ٺهراءَ ذريعي، سنڌ جي مسلمانن جي عيوضيءَ جي حيثيت ۾، هندستان جي ڏهه ڪروڙ مسلمانن جي، “پاڪستان جي گهر“ کي هن ايوان ۾ پيش ڪري رهيو آهيان. اهو مطالبو قومن جي بنيادي حق خوداراديءَ جي اصول مطابق مسلمانن جي حقن جي حفاظت لاءِ ضمانت جي صورت رکي ٿو. دنيا اڄ سياست جي انهيءَ ارتقائي دؤر مان گذري رهي آهي، جو دؤر هر قوم کي هڪجهڙن موقعن ۽ هڪجهڙن حقن سان آزاديءَ جي نعمت ماڻڻ لاءِ اميدون ڏياري رهيو آهي. اها آزاديءَ جي تمنائي هئي، جنهن هندن ۽ مسلمانن کي خلوص دل سان جدوجهد ڪرڻ، تڪليفن سهڻ ۽ قربانين ڏيڻ لاءِ راضي پئي ڪيو آهي.

سائين منهنجا! آءٌ اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته مسلمان قوم، جنهن انگريزن جي اچڻ کان اڳ هندستان ۾ اٺ سؤ ورهيه حڪومت ڪئي هئي، تن کي سندن نفسياتي بيهڪ، قومي ڪردار ۽ روايات موجب هندستان جي آزاديءَ لاءِ ايتري ئي خواهش ۽ جذبو پئي رهيو آهي، جهڙو ٻين هندستان جي رهاڪن کي رهيو آهي. پاڪستان جي گهر مسلمانن جي هڪ جدا قوم هئڻ جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. برصغير (ننڍي کنڊ) هندستان جاگرافيائي طرح هڪ ملڪ شمار نه ٿو ڪري سگهجي.

هندستان جي جاگرافيائي وحدت جو اڪثر ذڪر ڪيو وڃي ٿو، پر ان کي هڪ ملڪ سڏڻ حقيقتن جي برعڪس ٿيندو. انگلينڊ ته ڇڏيو، جيڪڏهن يورپ کي انهيءَ نقطه نگاهه کان هڪ ملڪ سڏبو، ته مثال ٺهڪي ايندو، پر يورپ هينئر به مختلف قومن جو مجموعو آهي. جي اڃا گڏجي فيڊريشن جي درجي تي ئي پهچي نه سگهيون آهن.

هتي جيڪڏهن گجرات ۽ سنڌ جا مثال وٺبا ته حقيقتن تي پوري روشني پئجي ويندي، باوجود ٻنهي جي سرحدون گڏ هئڻ جي، هڪ صوبي مان ٻئي ۾ پهچڻ تي 28 ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ جو سندن وچ ۾ هڪ وڏو رڻ آهي. ٻئي طرف فرانس ۽ جرمنيءَ جو مثال وٺبو ته معلوم ٿيندو ته فرانس مان جرمنيءَ پهچڻ ۾ رڳو 5 منٽ لڳندا. مٿئين مثال مان ئي پتو پئجي سگهندو ته جاگرافيائي وحدت جو دليل ڪيتري قدر غلط ۽ بي بنياد آهي.

هندستان برصغير ٿي سگهي ٿو، يورپ، آفريڪا، اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا جا مثال ئي ساڻس پوري هڪجهڙائي رکي سگهن ٿا. انهيءَ هندستاني جاگرافيائي وحدت واري دليل جي بنياد تي يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا حق تي رهندي، جيڪڏهن اها هيءَ تقاضا ڪري ته ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو جي جاگرافيائي طور هن سان مليل آهن. سي هن سان شامل ڪيا وڃن. اهڙي طرح ارجنٽائين، پيرو ۽ چليءَ کي هڪ ٻئي کان جدا رهڻ جا به سبب ڪو نه رهندا.

ڪئناڊا ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس جا رهاڪو نه رڳو ساڳئي نسل جا آهن، پر ٻولي به هڪ ڳالهائين ٿا، مذهب هڪ اٿن، لباس رسمون ۽ رواج سندن ساڳيا آهن. ادب ساڳيو اٿن، ۽ پاڻ ۾ مٽي مائٽيءَ رستي گڏجي سگهن ٿا. جاگرافيائي طرح پڻ هڪٻئي سان لاڳو ۽ مليل آهن، پر باوجود انهن ڳالهين جي، ڪئناڊا پنهنجي الڳ قومي هستي قائم رکيو ويٺو آهي. ساڳيءَ طرح ڏکڻ آمريڪا جون مٿي ذڪر ڪيل قومون جي هڪ ئي جاگرافيائي خطي ۾ رهن ٿيون، سي گهڻو ڪري اسپيني نسل جون آهن. ٻولي ساڳي اٿن. ويس ساڳيو اٿن. مٽيءَ مائٽيءَ ۾ گڏجي سگهن ٿيون. انهن ۾ ظاهري ڪا به اهڙي ڳالهه نه آهي جا هڪ کان ٻئي ۾ مختلف هجي ته به هو پنهنجي نموني جدا رهڻ کي پسند ڪن ٿا ۽ منجهن ڪا به اهڙي نشاني ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي جو هو فيڊريشن ٺاهڻ يا گڏجڻ لاءِ تيار هجن. ساڳي حالت چين ۽ سائيبريا جي آهي. جاگرافيائي طور هڪ ٻئي سان نزديڪ آهن، نسل به ساڳيا تڏهن به سائيبريا چين سان گڏجي رهڻ جي عيوض يورال جبلن جي ٻئي طرف واري ملڪ رشيا سان ئي ڳنڍيل آهي.

انهن مثالن کي نظر ۾ رکندي جاگرافيائي وحدت کي متحده قومي وجود لاءِ دليل ٺهرائي نٿو سگهجي. هاڻي اچو ته لفظ ”نيشن“ جي معنا تي غور ڪيون لفظ نيشن ”نيٽنس“ ڌاتوءَ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ ”ڄاول“ ٿيندي. جنهن جو لاڳاپو ۽ واسطو ”اصل نسل“ سان آهي. اهو ثابت ٿيل امر آهي ته جرمن ۽ سلووڪ ماڻهو ساڳئي نسل جا آهن، شارليمين جي فرانس ۾ ٻئي شامل هئا. مٿي آءٌ ٻڌائي آيو آهيان ته فرانس ۽ جرمن جاگرافيائي طور هڪ ملڪ ٿيڻ گهرجن، ساڳي حالت سندن نسل جي بنسبت به آهي. زبان جي حوالي کان، سندن زبانون انڊو جرمنڪ يا انڊو يورپين گروپ مان آهن. انهن ٻنهي ملڪن جي هڪ گڏيل جمهوري حڪومت ٺهي سگهي ٿي، پر جرمن توڙي فرانس ڪڏهن به اها ڳالهه قبول ڪندا. وڌيڪ اوهان کي ياد ڏياريندس ته فرينچ ادب ٻن صدين تائين جرمنن پڙهيو ۽ پسند ڪيو، جرمن زبان جي ادب کي ترقي ڏيارڻ ۾ فرينچ ادب جو وڏو حصو آهي.

جهڙي طرح فرينچ ادب جرمنيءَ ۾ عام جام پڙهيو ويندو هو، اهڙي طرح جرمن فلاسافي فرانس جي يونيورسٽين ۾ صديءَ تائين پڙهائي ويندي هئي. هو مٽي مائٽيءَ ۾ گڏجن ٿا، رسم رواج اڪثر ساڳيا اٿن، انهيءَ هوندي به جيڪڏهن جمهوري طريقي حڪومت ۾ انهن کي ملائڻ جي ڪوشش ڪبي ته ان جو لازمي نتيجو اهو نڪرندو ته ٽن ڪروڙ فرينچن کي 8 ڪروڙ جرمن ويڙهي ويندا ۽ ٿوري وقت کان پوءِ فرينچ جدا هستي وڃائي ويهندا ممڪن آهي ته ڪي ماڻهو هيءُ ٻن باهمي مخالف قومن جو مثال ٺيڪ نه سمجهن، ته کين هالينڊ، بيلجيم، سويڊن ۽ ناروي جو مثال ياد ڏياريندس.

يورپ جي تاريخ تي هڪ مٿاڇري نظر ڊوڙائڻ سان پتو پئجي سگهندو ته جمهوريت ۽ نيشلزم ان کي اتحاد ۽ ميلاپ طرف ڇڪڻ جي عيوض، جدائيءَ ۽ الڳ هستين قائم ڪرڻ طرف پئي گهليو آهي. نيشنل ۽ جمهوري حڪومتن ۾ زوريءَ جو ڳانڍاپو ڪا معنيٰ ئي نٿو رکي. صرف ڳڏيل سمجهوتي ۽ لاڳيتن لاڳاپن جي ذريعي ئي دائمي اتحاد قائم ٿي سگهي ٿو. نيشلزم جي اثر هيٺ ملڪن ۾ معاشرتي لاڳاپا به پوري طرح قائم نه ٿي سگهيا آهن. هم جنسيت ۽ هڪ قوميت ته اڃا پري رهي.

فطرتي قانون پٽاندر انساني اتحاد جي ترقي مقرر حد کان مٿي تيز نه ٿي سگهندي، جيڪڏهن انهي وچ واري عرصي کي، جو قومن ۾ ميلاپ ۽ سمجهوتي لاءِ ضروري آهي مصنوعي طريقن سان گهٽ ڪبو ته فائدي جي بدران هاڃيڪار رد عمل پيدا ڪندو.

ميوي کي وڻ ۾ پهچڻ کان اڳ کٽو ٿيڻو پوي ٿو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان کي وقت پهرين مٺو ۽ پڪ ڪرڻ گهرندو ته اهو سندس فطري مٺاڻ کي ماري ڇڏيندو. اختلاف جيتوڻيڪ اڻ وڻندڙ ڳالهه آهي، پر ترقيءَ جي راهه ۾ مقابلي جو هئڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. کليل مقابلي کان سواءِ مصنوعي اتحاد جو پيدا ڪرڻ قومي زندگيءَ ۾ جمود ۽ موت پيدا ڪرڻ جي برابر ٿيندو.

مٿي ذڪر ڪيل جاگرافيائي، معاشرتي، اقتصادي، مذهب ۽ سياسي طور هڪجهڙن ماڻهن جي تاريخ تي مٿاڇري نظر ڊوڙائڻ کانپوءِ ڄاڻ پئي ته باوجود نسلي هم جنسيت جي به، هو هڪ قومي قالب ۾ سمائجي نه سگهيا آهن.

هاڻ اچو ته هندستان جي حالتن تي نظر ڊوڙايون. مون اڳ ۾ هندستان جي رڳو ٻن صوبن گجرات ۽ سنڌ جو مثال پيش ڪيو هو ته هنن کي هڪ جاگرافيائي خطو ليکي هڪ قوم شمار ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي، تو پوءِ بنگال، وچن علائقن، مدراس وغيره جي مشابهت ڪرڻ تي اجائي زياده مشڪل مسئلو ٿي پوندو، جتي جا رهاڪو هڪ ٻئي جي زبان به سمجهي نٿا سگهن. هاڻ جيڪڏهن اسان انهن جي مذهبي نقطه نگاهه کان ڀيٽ ڪنداسون ته معلوم ٿيندو ته انهن مان هڪ فرقو ٻئي سان سوشل تعلقات به رکڻ نٿو گهري. گجراتي برهمڻ جو نه صرف لباس مسلمان کان علحده آهي پر جيڪڏهن مسلمان جو هٿ يا صرف پاڇو ان جي کاڌي تي پوي ٿو، ته هو اهو کائڻ جي عيوض اڇلائي ڇڏڻ کي زياده پسند ڪري ٿو، پاڻ ۾ مائيٽيون ڪرڻ ته وڏو مشڪل ڪم آهي. پنگتي جدائي هنن ۾ هڪ عام قبول ڪيل اصول ٿي ويل آهي. ان ۾ ئي هن وقت سندن باهمي امن امان جي ضمانت آهي. منجهن هڪ ٻئي جي ويجهي اچڻ يا پنگتي ملاوت جي ڪوشش، رد عمل جي طور، پاڻ منجهن باهمي فسادن جي صورت پئي اختيار ڪئي آهي. ڪو پڇي ته سندن اختلافن جو بنيادي وجهه ڪهڙو آهي ته ان جو جواب ملڻ ڏکيو ڪو نه ٿيندو. هن زماني اسان جن ڳالهين کي نظرين جي نالي سان سڏيون ٿا، تن کي اڳئين وقت ۾ مذهب نالو ڏنل هو. جماعتون به اڳي مذهبي نقطه نگاهه کان ٺهنديون هيون. يورپ جا ترقي پسند عناصر ۽ جديد خيالن جا حامل، گهڻين تڪليفن ۽ قربانين کانپوءِ انهيءَ مذهبي تنگ خياليءَ جي ڀيد ڀاون کان مس پاڻ ڇڏائي سگهيا آهن. پر پٺتي پيل ملڪن جا قدامت پسند فرقا اڃا تائين فرقا بنديءَ ۾ پنگتي ڀيد ڀاون ۾ ڦاٿا پيا آهن ۽ دنيا جي ارتقائي رفتار ۾ پوئتي رهجي ويا آهن.

هتي جي قدامت پسنديءَ جو ثبوت ان مان ملندو ته ٻڌ ڌرم جو هندن جي مذهب ۾ هڪ ارتقائي قدم هو جو سوسائٽيءَ جي گهڻين خامين کي مٽائي اڳتي وڌائي سگهيو ٿي، تنهن کي هتان جي قدامت پسند گروهن قبولڻ جي بدران مخالفت ڪري ٿڏي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ ان وڃي سيلون، برما، چين ۽ ٿيٻٽ ۾ پناهه ورتي. جاهل برهمڻ اڃا چون ٿا ته گوتم ٻڌ هندو ڌرم کي ختم ڪرڻ آيو هو بنيادي طرح برهمنزم نان مشينري ۽ قدامت پسند مذهب رهيو آهي. سندن چوڻ مطابق برهمڻ صرف ڄمي پيدا ٿيندو آهي. ٻين مذهبن مان شڌ ٿي، برهمڻ بڻجي نٿو سگهي.

ڪو به ماڻهو ڪيتريون به سروتيون يا سمرتيون کڻي ڄاڻندو هجي ۽ نسل به آريه مان ڇو نه هجي. پر برهمڻ ٿي سگهي ٿو ته کتري، پر ويش يا شودر بنجڻ لاءِ رستا کليل اٿس.

جڏهن ڪنهن نسل يا فرقي جو جوڙجڪ اهڙي محدود ۽ سخت ٺهيل هجي، جو ان ۾ ڪنهن به ڦير ڦار جي جاءِ نه هجي ته جيستائين انهن حالتن ۾ تبديلي نه آئي آهي، تيستائين اتي جمهوري ۽ نيشنل حڪومت ۽ آسانيءَ سان ان تي عملدرآمد ٿيڻ مشڪل پيو نظر اچي.

هاڻ اچو ته هندستان جي ٻن مکيه مذهبن – هندو ڌرم ۽ اسلام تي بحث ڪري ڏسون ته اهي پنهنجن پوئلڳن کي گڏي هڪ قوم بنجڻ لاءِ ڪيتري قدر پاڻ وٽ جاءِ رکن ٿا. هاڻوڪين حالتن ۾ هو هڪ ٻئي کان زندگيءَ جي ڪيترن مسئلن ۾ اختلاف رکن ٿا، انهن جا رسم رواج، ادب ۽ اقتصادي نظريا الڳ آهن، مسلم فلاسافي انسان کي آزاد فرد تسليم ڪندي هن کي زندگيءَ جي راهه ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ ڪشادي ميدان ۽ آزاد عمل جو سبق ڏئي ٿي. ٻئي طرف هندو فلاسافي ”ڪرم“ جي نظريي ۾ اعتقاد رکندي، فرد جو دائره عمل محدود رکندي اچي ۽ کيس گذريل ڪرمن جي محتاج رهڻ جو درس ڏئي ٿي. مسلم فلاسافي جماعت ۽ فرد جي فردن سان مساوات ۽ برابريءَ جي اصول تي تعلقات قائم ڪرڻ جي حامي آهي.

هندو فلاسافي انسان ذات ۾ مختلف ارتقائي درجن جي حقيقت کي تسليم ڪندي، انهن کي ڪاروبار ۽ عمل ۾ سهولت خاطر چئن درجن يا جاتين ۾ ورهائڻ کي وڌيڪ لاڀائتو سمجهي ٿي ايتري قدر جو ڀڳوت گيتا جهڙو ڪتاب لکي ٿو ته جڏهن جاتين جا فرق ختم ٿيندا (يعني ڪلاس ليس سوسائٽي (Classless Society) ٺهندي) ته ڌرم ختم ٿي ويندو.

مذهبي فلاسافيءَ جي نقطي نگاهه کي هڪ طرف ڇڏي جيڪڏهن پنگتي خيال سان ان مسئلي تي غور ڪنداسون ته باوجود هڪ هزار سال هڪ ٻئي سان گڏ رهڻ جي اهي پنگتي طور هڪٻئي کان جدا ٿيو بيٺا آهن. نه پاڻ ۾ مٽي مائٽي ڪن ٿا نه کائين پين ٿا، مسلمان جو پاڇو به اڃا ڪن جي بدن يا کاڌي کي پليت ڪريو ڇڏي. سندن کاڌي جي اها حالت آهي جو هڪ شيءَ جي هڪ ڌر وٽ اجازت آهي ته ٻي ڌر وٽ جهل آهي.

اهي اختلاف سندن هر ڏينهن جي زندگيءَ تي اثر ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهن، سو جيستائين ٻنهي مذهبن جي عوام سان مذهبي ڪٽرپڻو گهٽ نه ٿيو آهي، ان وقت تائين انهن جو گڏجي هڪ قومي قالب ۾ سمائجڻ ڏکيو نظر پيو اچي. پروفيسر رينان جو نيشلزم جي موضوع تي ماهر سمجهيو وڃي ٿو، تنهن جو چوڻ آهي ته ”قوميت هڪ روحاني ۽ نفسياتي جذبن تي ٻڌل حقيقت ٿئي ٿي. هم جنسيت جو خيال ئي مختلف فردن کي هڪٻئي جي نزديڪ آڻي ٿو. اها هم جنسيت ٻه ڌاري تلوار مثال آهي جا جيڪڏهن ڪن کي حقيقتن جي بنياد تي گڏي ٿي ته ڪن کي هڪٻئي کان ڌاريو ثابت ڪري جدا ڪري ٿي.“

عام طرح اڄڪلهه ايئن به چوڻ ۾ پيو اچي ته عوام لاءِ اقتصادي مسئلو بنسبت مذهبي ۽ پنگتي نظرين جي وڌيڪ اهميت رکي ٿو ۽ انهي مسئلي کي پوريءَ طرح سلجهائڻ سان فرقيوار سوال پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندا پر سماج جي هاڻوڪي ذهني ۽ پنگتي پست حاليءَ ۾ انهيءَ مسئلي جو ترت حل نظر ڪو نه ٿو اچي.

جيڪڏهن اسان جو آخري مقصد هڪ آزاد ۽ ترقي ڪيل متحد قوم ٿيڻ جو آهي ته ان جو سٺو ذريعو هيءُ آهي ته هندن ۽ مسلمانن کي سندن گهڻائي وارين ايراضين ۾ سندن ڪلچر، فلاسافيءَ ۽ روايات هيٺ، ترقي ڪرڻ لاءِ مناسب موقعا ۽ سهولتون ملڻ گهرجن، ته پوءِ اڳتي هلي هو خوشنما مرڪب جو مجموعو بنجي پوندا. پر ڪو به عارضي ۽ زبردستيءَ جو مڙهيل اتحاد نه رڳو کين قبول پوندو، بلڪ رد عمل پيدا ڪري منجهن وڌيڪ اختلاف پيدا ڪندو. مسلمانن کي هندو سوسائٽي جي تنگ خياليءَ سبب سدائين خطرو رهي ٿو ته هندو گهڻائي سندن ڪلچرل ۽ اقتصادي نشو و نما لاءِ موقعا پيدا ڪري ڏيڻ ۾ رڪاوٽون وجهندي رهندي.

جمهوريت جي معنا عوام جي حڪومت آهي. پر انهيءَ عوام جو هم جنس هئڻ سڀ کان ضروري ڳالهه آهي. انهيءَ لاءِ آزاداڻي طور ۽ بنان خوف خطري جي ڪم ڪرڻ لاءِ وچيئن عرصي جي ضرورت آهي. ڪا به حڪومت صحيح معنا ۾ عوامي حڪومت سڏي نه سگهبي، جيستائين انهيءَ جي عوام جون مرادون ۽ مقصد ساڳيا نه هوندا. هاڻوڪين حالتن ۾ جڏهن ٻنهي فرقن جا اختلاف ايترا نمايان آهن، تڏهن جمهوري حڪومت ۾ سدائين گهڻائي (اڪثريت) جا مفاد اقليت مٿان غالب رهندا ۽ اقليت کي آزاداڻي نشونما جو موقعو ملي نه سگهندو. اسان اڄ ڪلهه هٽلر ۽ ٻين ڊڪٽيٽرن کي ڏوهه ٿا ڏيون ته هو پنهنجي راءِ ماڻهن مٿان زوريءَ مڙهين ٿا، پر ڌيان ڏئي ڏسنداسين ته هندستان ۾ جڏهن 30 ڪروڙ هندو بنا سمجهوتي جي حڪومت جي واڳ هٿ ۾ وٺندا ته 10 ڪروڙ مسلمانن جي ڪهڙي حالت ٿيندي! هن وقت جڏهن هي ٻئي مکيه مذهبي گروهه سياسي طاقت جي لاڀ لاءِ ڇتاڀيٽي ڪري رهيا آهن، تڏهن انهيءَ لاءِ ٻه طريقا کليل آهن. هڪ ته وڏو گروهه ننڍي گروهه کي هضم ڪري پاڻ ۾ ملائي وڃي يا ٻنهي کي عارضي طور الڳ واڌ ويجهه ڪرڻ لاءِ ڏنا وڃن. ڪي ماڻهو اهي دليل ٿا ڏين ته مسلم گهڻائي وارن رياستن جا ماڻهو اقتصادي طرح پٺتي پيل هئڻ سبب آزاديءَ کانپوءِ ترقي ڪري ڪين سگهندا. پر اهو دليل ڪا به قوم پنهنجي آزاديءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ نه ٿي سمجهي. ڇا پکي رڳو داڻي خاطر جهنگل جي آزادي کي ڇڏي، پڃري ۾ رهڻ قبول ڪندو؟ بلڪل نه. ان وانگر ڪا به قوم ٻين جي ماڙين تي هرکجي پنهنجي جهوپڙي ڊاهڻ لاءِ تيار نه ٿيندي.

ڇا افغانستان پنهجي آزاديءَ تان دست بردار ٿي هندستان جي زرخيزيءَ مان فائدي وٺڻ خاطر ان سان ملي وڃڻ لاءِ تيار ٿيندو؟

ان ڪري پاڪستاني رياستن لاءِ اقتصادي پستيءَ جو ڊپ پيدا ڪرڻ بي معنا ڳالهه آهي. مون کي اميد آهي ته اسان جا هندو ڀائر، جيڪي آزاديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ هر نموني جون قربانيون ڪري رهيا آهن سي ملڪ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي، مسلم ليگ جي لاهور واري ٺهراءَ موجب مسلمانن کي سندن گهڻائي وارن صوبن م آزاد رياستن ڏيڻ جو اصول قبول ڪندا ۽ اهڙيءَ طرح هندستان جي سياست کي سلجهائي، آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ رستو صاف ڪندا.

جناب صدر! آءٌ پنهنجي تقرير ختم ڪرڻ کان اڳ هڪ اتفاقي واقعي جو هتي ذڪر ڪندس. اڄ 3 تاريخ هندستان جي عظيم هستي مهاتما گانڌيءَ جي فاقه افطار ڪرڻ جو ڏينهن آهي. جنهن سڄي زندگي هندو مسلم اتحاد کي قائم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ پئي ڪئي آهي. مون کي اميد آهي ته مهاتما کي هيترين ڪوششن کانپوءِ محسوس ٿيو هوندو ته ملڪ جي پست حاليءَ سبب ترت وحدت هندستان جي پيدا ٿيڻ جو آسرو نه آهي. جيستائين ڪجهه عرصي گذرڻ کانپوءِ، ان لاءِ حالتون هاڪاري نه ٿيون آهن.

هندستان جي ڌارين جي غلاميءَ کان آزادي ۽ سامراجي حڪومت کان ڇوٽڪارو تڏهن ئي حاصل ٿي سگهندو، جڏهن مسلم گهڻائي وارين رياستن ۾ مسلمانن جي الڳ حڪومت برپا ڪرڻ جو اصول قبول ڪيو ويندو ۽ هر اها ڪوشش جيڪا گڏيل سمجهوتي کانسواءِ سڌو انگريزن سان مسئلي حل ڪرڻ ذريعي ڪئي ويندي. سا معاملي کي ٺيڪ ڪرڻ جي بدران پاڻ بگاڙيندي ۽ ملڪ ۾ انگريزي سامراج جي حڪومت جي عرصي کي گهٽائڻ بدران ان جي وڌڻ جو ڪاڻ بڻبي. [1] [2] [3]


حوالا[سنواريو]

  1. پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون) (جي ايم سيد) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. هي تقرير جي ايم سيد 3 مارچ 1946ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي ٺهراءَ پيش ڪرڻ وقت ڪئي هئي.
  3. ڪتاب: پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)