مھيش چندر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مھيش چندر (ڄائو 30 سيپٽمبر 1945) هڪ سنڌ ڄائو هندستاني ڳائڻو، ڪمپوزر ۽ گيت ليکڪ ۽ پراڻي سنڌي سنگيتڪار ماسٽر چندر جو پٽ آهي[1][1]. مهيش چندر ساهتي پرڳڻي جي ”نارنگين جي شهر“ سڏجندڙ شهر ٺاروشاھ ۾ ڄائو[2] [3]، جنهن کان پوء پنهنجي پيء ۽ ڪٽنب سميت بمبئي ۾ ويو. هن وقت هو ڀارت جو نالي چڙهين سنگيتڪارن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جنهن بالي وڊ فلمن ۾ پڻ آواز جو جادو جڳايو آهي ۽ ڪيترائي ايوارڊ کٽيا آهن. کيس اردو غزل ۽ ڪلاسيڪل هندستاني سنگيت تي غير معمولي مهارت آهي. مهيش چندر ماڊرن سنڌي سنگيت ۾ بي انتها واڌارو ڪيو آهي. سندس آواز جو وزن ۽ ماپو ساڳيو سندس پيء جهڙو ئي آهي. مهيش چندر راڳ جي سکيا پيء کان ورتي جڏهن ماسٽر چندر کائنس ”هز ماسٽر وائيس“ اسٽوڊيو ۾ ننڍڙي وهيء ۾ گيت رڪارڊ ڪرايو هيو. هڪ ”انٽرنيشنل فنڪار“ طور هو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پرفارم ڪري چڪو آهي.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "Mahesh Chander - TSW Sindhi Singer: Biography: Sindhi Music: Gazal". thesindhuworld.com. حاصل ڪيل 2021-11-24. 
  2. "Mahesh Chander - Encyclopedia of Sindhi". sindhiwiki.org. حاصل ڪيل 2021-11-24. 
  3. February 10, rajesh kumar dhanrajmal valechha says:; Am, 2012 at 10:35. "Mahesh Chander |". حاصل ڪيل 2021-11-24. 
  4. "Sindhi Artist, Sindhi Kalakar Mahesh Chander Details". sindhyat.com. حاصل ڪيل 2021-11-23.