مھيش لالواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مهيش لالواڻي

مهيش لالواڻي
پس منظري معلومات
پيدائشي نالو مهيش لالواڻي
پيدائش ڊسمبر 1999 (عمر 24 سال)
مڇ، بلوچستان، پاڪستان
تعلق مڇ، بلوچستان، پاڪستان
صنف لوڪ ڀڄن
پيشا ڳائڻو
اوزار گٽار گيٽار،هارمونيم، پيانو ۽ طبلو
سرگرم سال سال 2011 – هينئرتائين
Labels مهيش لالواڻي ميوزڪ
Associated acts مهيش لالواڻي ميوزڪ
ويبسائيٽ www.example.com


مهيش لالواڻي (انگريزي ٻولي: Mahesh Lalwani) سنڌي راڳي آهي،[1] [2]هي سنڌي ۾ گيت ۽ ڀڄن ڳائيندو آهي.[2] هن ڪيترائي باليوڊ جا گيت سنڌي گيت سان ڌُن ٺاهي ڳايا آهن. مهيش جو تعلق مڇ بلوچستان کان آهي.[1][2]

تعليم ۽ ڪيريئر[سنواريو]

مهيش لالواڻي مڇ جو رهواسي آهي.[2] هي سنڌي لالواڻي ذات سان تعلق رکي ٿو. هن مڇ ڪاليج کان ايف ايس سي جي تعليم حاصل ڪئي آهي.[1][3] ننڍپڻ کان ئي کيس راڳ ڳائڻ جو شوق جاڳيو، جنهنکانپوءِ هن باقائدي راڳ جي تربيت حاصل ڪئي. هي سنڌي گيت ۽ سنڌي ۾ ڀڄن ڳائيندو آهي. مهيش پنهنجي هڪ ميوزڪ ڪمپني مهيش لالواڻي ميوزڪ جي نالي سان کولي آهي، جنهن وسيلي هي پنهنجا گيت ۽ سنڌي ڀڄن جاري (رليز) ڪندو آهي. مهيش لالواڻي کي ننڍپڻ کان راڳ ڳائڻ جو شوق ٿيو، هي راڳ رنگ جي محفلن ۾ ويندو رهندو هيو، اُتي راڳ ٻُڌي کيس پنهنجي اندر ۾ لڪيل ڪلاڪار کي ٻاهر آڻڻ ۽ گيت ڳائي پنهنجو آواز ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪلپنا جاڳي. جنهنکانپوءِ هن مختلف فنڪارن سان گڏجي گيت ڳائڻ شروع ڪيا، جتي هي طبلو وڄائڻ سکيو جنهنکانپوءِ هارمونيم وڄائڻ پڻ سکيو. راڳ جي سکيا اُستاد ضياالحق کان ورتائين، جنهنکانپوءِ وڌيڪ پاڻ محنت ڪري مشق ڪرڻ سان راڳ ڳائڻ سکيو آهي. سنڌي ۾ گانا ۽ سنڌي ڀڄن ڳائيندڙ مهيش لالواڻي، گُرو ماسٽر چندر کان مُتاثر آهي.مهيش سنڌي ۾ ڀڄن ۽ سنڌي راڳ ڳائيندو آهي، ان سان گڏوگڏ ماڻهن پاران فرمائش ڪيل مختلف سنڌي گيت ۽ باليووڊ گانا سنڌي ۾ ڳائيندو آهي، باليوڊ جي انهن گيتن جي سنڌي ۾ ڪويتا (شاعري) هي پاڻ رچيندو (ڪمپوز ڪندو) آهي.[1] انهن گيتن جي وڊيوگرافي پڻ پاڻ ڪندو آهي.مهيش ميوزڪ انسٽريمينٽ گيٽار، هارمونيم، پيانو ۽ طبلو تي راڳ ڳائيندو آهي.[1] هن پنهنجي پهرئين پرفارمنس مڇ سينٽرل جيل اسٽيڊيم ۾ 14 آگسٽ جي فنڪشن تي گيت ڳائي ڪئي هئي.[1] ان سميت مڇ مندر، ڪوئيٽا مندر ۽ ٻين مختلف محفلن ۾ مون گيت ۽ ڀڄن ڳائيندو آهي.[1]

البم[سنواريو]

مهيش لالواڻي جا هينئر تائين ٻه البم جاري ٿيا آهن.[1]

  1. . جيئي سماڌا
  2. . جيئي جهولي لال.

ان کانسواءِ ٻيا البم پڻ رليز ٿيڻ واري مرحلي ۾ آهن. جهولي لال البم ۾ گانو منهنجي ٻيڙي اٿئي وچ سِيرَ تي، ۽ جيئي سماڌا البم جا مشهور ڀڄن هن ريت آهن ، توکي سماڌن وارو سائين چوان، تنهنجي هٿ ۾ هٿ ۾ قسمت آ، سائنڻ، آئي اوتاري، جهولي لال سائين،  شامل آهن. هي باليووڊ جا گانا سنڌي ۾ مڪس ڪري سنڌي انداز ۾ ڳائيندو آهي، سندس سمورا گيت مهيش لالواڻي ميوزڪ يوٽيوب چينل تي موجود آهن.

مهيش لالواڻي پنهنجو ميوزڪ وڊيوز سوشل  ميڊيا جي سمورين سائيٽن جهڙوڪ يوٽيوب تي پنهنجي چينل مهيش لالواڻي ميوزڪ، انسٽاگرام، فيس بُڪ، ٽڪ ٽاڪ وغيره تي رکندو آهي، جتي عوام سميت پرستارن پاران کيس وڏي موٽَ ۽ پذيرائي ملندي آهي.

ايوارڊ[سنواريو]

14 آگسٽ 2017، تي مڇ سينٽرل جيل انتظاميا هڪ ميوزڪ محفل منقعد ڪئي جتي مهيش پڻ پرفارمنس ڏني هئي ۽ کيس مچ سينٽرل جيل سپرينٽينڊينٽ ايس ايس پي نويد الياس ايوارڊ ڏنو هيو.[1][2] ان سميت مختلف ٻيون شيلڊون پڻ ملي چڪيون اٿس.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 1.8 Editor. "نوجوان گلوڪار مھيش لالواڻي سان ڳالھ ٻولھ". سماچار نيوز (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-23. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 zasolangi. "اڄ جو ڪلاڪار مهيش لالواڻي". Indus News (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-03-30. 
  3. "Mahesh lalwani". www.facebook.com. حاصل ڪيل 2020-03-23. 

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]