انسٽا گرام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
انسٽا گرام
حقيقي مصنف ڪيون سيستروم, مارڪ ڪرائگر (Burbn, Inc.)
ترقي ڌنڌو فيس بڪ
ابتدائي اشاعت آڪٽوبر 6, 2010 (2010-10-06)
ارتقائي حالت هلندڙ
آپريٽنگ سسٽم آءِ او ايس 13.0 يا بعد ۾;[1] اينڊروئيڊ 10.0 يا پوءِ; ونڊوز فون 10[2]
حجم 9.93 MB
دستياب در 25 ٻوليون انگريزي, ڪروشن, زيچ, دانش, ڊچ, فنش, فرانسيسي, جرمن, يوناني, هندي, هنگرين, انڊونيشائي, اٽلين, جپاني, ڪورئين, مالي,رومانيا, روسي, جديد چائينز, سلواڪ, اسپيني, سويڊش, تگالوگ, ٿائي, قديمي چيني, ترڪش, يوڪريني ۽ ويٽناميز.[3]
صنف ڦوٽو ۽ وڊيو
اجازو فريويئر (سافٽويئر)
ويب سائيٽ instagram.com

انسٽا گرام ( آءِ جي يا انسٽا جي نالي سان پڻ ڄاتو وڃي ٿو[4]) ھڪ اھڙي آمريڪن سوفٽوير جو نالو آھي جنھن جي ذريعي توھان مختلف ويب سائيٽ جيئن فيس بڪ ٽويٽر وغيره تي پنھنجون تصويرون ويڊيوز موڪلي سگھو ٿا. هن سوفٽوير جي مالڪي فيس بڪ طرفان ڪئي وڃي ٿي. ڪيون سيسٽروم ۽ مائيڪ ڪرانگر طرفان هي سوفٽوير ٺاهيو ويو. جنهن پهرين ڀيري کي 2010ع ۾ آءِ او ايس ۾ متعرف ڪرايو ويو.اپريل 2012ع ۾ هِن سافٽوير جي روجن کي اينڊروئيڊ ۾ پڻ متعرف ڪرايو ويو. بعد ۾ 2012 جي مهيني نومبر ۾ انسٽاگرام کي ويب انٽرفيس ۾ پڻ متعرف ڪرايو ويو. هِن سوفٽوير جا اپريل 2016 ۾ ونڊوز 10 موبائيل ۽ ونڊيوز 10 لاءِ ايپليڪشن ٺاهيا ويا.

انسٽاگرام جي اهم خاصيت اها آهي ته هِن ۾ وڊيوز ۽ تصويرون موڪلي سگهجن ٿيون جيڪي مختلف فلٽر سان ايڊٽ ڪري چاڙهي سگهبا آهن. پوسٽ ڪرڻ مهل پنهنجو ڊجيٽل پتو ۽ حوالا پڻ ڏيئي سگهجن ٿا. هِن ۾ کاتو هلائيندڙ پوسٽون عام عوام سان يا پنهنجي فالوئرز سان ڳنڍي سگهي ٿو. هِن کي استعمال ڪندڙ ٻين جا پوسٽ ٽيگ ذريعي ڳولهي سگهي ٿو. استعمال ڪندڙ ٻين جا پوسٽ پسند، انهن تي رايا ۽ انهن کي ٻين سان پڻ شيئر ڪري سگهي ٿو.

شروعات ۾ هِن سوفٽوير تي صرف 1:1 اسيپيڪٽ ريشو فريم ۽ 650 پگزل سان تصويرون شيئر ڪيون وينديون هيون. 2015ع کان پوءِ انهن تصويرن جي پگزل جو مقدار وڌائي 1080 پگزل ۾ تبديل ڪيو ويو. بعد ۾ پيغام حاصل ڪرڻ ۽ موڪلڻ جو سهولت پڻ مهيا ڪئي وئي. پيغام فيچر متعارف ڪرائڻ کانپوءِ انسٽاگرم جي هڪ پوسٽ ۾ وڌيڪ تصويرون ۽ گڏوگڏ وڊيوز ۾ چاڙهي سگهبو آهي.

حوالا[سنواريو]