مواد ڏانھن هلو

مھراڻ ندي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مهراڻ ندي (انگريزي: Mehran River) آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌو نديءَ مان ڪيتريون ئي شاخون پئي نڪتيون آهن ۽ بند ٿيون آهن. خود سنڌو ندي به پيئي وقت به وقت وهڪرا ڦيرائي. آر-جي- بئنر جي بھاولپور رياست کان وٺي (جتان هاڪڙو نديءَ جو وهڪرو معلوم ٿئي ٿو) کيرٿر جبلن جي قطار تائين 18 جاين تي سنڌونديءَ جي جهونن وهڪرن جا نشان معلوم ڪيا آهن[1]. اڄ تائين ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ رحمڪي بازار جي ويجهو پُراڻ آهي. پراڻ لفظ جي معنيٰ آهي پراڻو درياءُ. ڪي چون ٿا ته سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ اڳي اُتان وهندي هئي. سنسڪرت ۾ سنڌو معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ، اُن جو ڌاتو يا بنياد آهي ”سينڌ“، معنيٰ وهڻ. جنهن سنڌوءَ جي بنيادي معنيٰ آهي ”جا سدائين پيئي وهي“. اهو سٿين يا تاتاري نالو آهي. سنسڪرت ۾ مهارڻو، مها =وڏو ۽ اَرڻو= جل. سمنڊ يا وڏو سمنڊ. سمنڊ جو پاڻي کارو ٿيندو آهي، پر هن نديءَ جو پاڻي مٺو هو، جنهنڪري اُن کي مٺو مهراڻ ڪري چوندا هئا ۽ ڪڇ جي رڻ مان ٻيڙيون ۽ جهاز هلندا هئا، جي رحمڪي بازار ۽ ٻلهياري (تعلقي ڏيپلي) وٽ اچي پڳهه هڻندا هئا، جنهنڪري اهي بندر هئا ۽ نديءَ جو پاڻي رڻ مان وهي لکپت تائين پهچندو هو ۽ لکپت جي ساريال پوک جو مدار ئي انهيءَ پاڻي تي هو.[1]. هن بابت ڪرنل جيمس ٽاڊ لکي ٿو ته ”بکر کان اتر 7 ميل پنڌ تي سنڌو نديءَ مان هڪ شاخ نڪري لکپت جي ڀرسان سمنڊ ۾ پوي ٿي. اها سنڌ جي اوڀر پاسي ڀٽن جي ڀرسان وهي ٿي. هن کي مٺي ندي يا مٺو مهراڻ چون ٿا[2].[1]. انهيءَ ڪري اڄ تائين ڀٽن جي ڏاڍي زمين جي دنگ واري ٽڪر کي ”مهراڻو“ چوندا آهن. هيءَ ندي هاڪڙو شاخ بند ٿيڻ کان پوءِ وهندي هئي.[1]. هينري ڪزنس لکي ٿو ته ”قديم زماني کان وٺي سنڌ ۾ ٻه وڏيون نديون وهنديون هيون: هڪڙي هاڻوڪي سنڌو ندي ۽ ٻي مهراڻ ندي. سن 962ع ۾ هڪ خوفناڪ زلزلو آيو، جنهن سکر ۽ بکر وارا ٽڪر ٽوڙي ڇڏيا. انهيءَ زلزلي سبب الور وٽان مهراڻ رخ ڦيرايو ته پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب شهر ڦٽي ويو.“[3] چوڻ ۾ اچي ٿو ته مهراڻ ندي وڳهه ڪوٽ جي ڀرسان وهندي هئي ۽ اڄ تائين وڳهه ڪوٽ جي ويجهو زمين مان پاڻيءَ جون ڳريل ڪاٺيون ۽ ٻيا اهڙا نشان ملندا آهن، جنهن مان سمجهجي ٿو ته مهراڻ ندي ضرور اڳي اِتان ئي وهندي هئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ”ٽاڊ راجستان“، جلد پهروين، گجراتي صفحو 717.
  3. ”ائنٽيڪئيٽيز آف سنڌ“، هينري ڪزنس.