ناٽڪ جا ڪتاب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عيسوي اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري، بمبئيءَ جي مسٽر ڪيخسُرو ڪابرا، ڪن پارسي جوانن جي مدد سان، ”گايڪ اُتيجڪ منڊلي“ بمبئيءَ ۾ برپا ڪئي. اها ئي منڊلي هئي، جنهن جي ڪن ميمبرن هڪ ناٽڪ جي منڊلي ”وڪٽوريا ڪمپني“ نالي سنڌ ۾ موڪلي، سنڌي ماڻهن ۾ ناٽڪ جو خفت پيدا ڪيو. مرحوم مرزا قليچ بيگ جڏهن بمبئي ڪاليج ۾ پڙهندو هو، تڏهن انهيءَ گايڪ ا[تيجڪ منڊليءَ وارن هڪ ناٽڪي ڪتاب ”سونا نا مُول نِي خورشيد“ (سون جي ملهه واري خورشيد) گجراتيءَ ۾ تيار ڪيو، جو پوءِ هنديءَ ۾ ترجمو ٿيو. مرزا صاحب انهيءَ تان ”خورشيد“ ناٽڪ لکيو. سنه 1888ع ڌاري، سرڳواسي راءُ بهادر ديوان ڪؤڙيمل، سري هرش جي جوڙيل ”رتناولي“ ناٽڪ جو ترجمو ڪيو. انهيءَ وقت ڌاري ڪاساين جا ناٽڪ ۽ ٻيا ناٽڪ حيدرآباد ۾ نڪتا، ته ناٽڪ جو خفت هيڪاري وڌيو. سنه 1893ع ۾، ڪراچي ڪاليج جي شاگردن لاءِ هاسٽل جي ضرورت محسوس ڪئي. ديوان ميٺارام، جنهن جي نالي پٺيان هينئر هاسٽل سڏجي ٿي، تنهن چڱو چندو ڏنو، پر ساڳئي وقت ”اميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽي“ ٺاهيائون. پهريون ناٽڪ ”نل دمينتي“، ماستر ڄيٺانند ڀريائيءَ جو تيار ڪيل، سنه 1894ع ۾ حيدرآباد ۾ ڪيائون. ٻئي سال کان وٺي مرزا قليچ بيگ، ديوان ليلارام سنگهه ۽ ٻين کان ناٽڪ تيار ڪرايائون، ۽ ائين سنڌي ساهت وڌايائون.[1]

حوالا[سنواريو]