مرسر سروي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مرسر جي بھترين رھائش واري سروي ۾ ويانا کان بغداد تائين 231 شھرن جو شمار ڪري انھن مان بھترين رھائش وارن شھرن جي قطاربندي(ranking) ڪئي ويندي آھي[1] انھن شھرن جي ملڪن کي پھرين پنجاھ نمبرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي جن ۾ آسٽريا،سوئيٽزرلينڊ،نيوزيلينڊ،جرمني،ڪيناڊا,ڊينمارڪ ،فنلئنڊ، آسٽريليا،سوئيڊن،آمريڪا جون گڏيل رياستون شامل آهن [2] ان سروي ۾گذريل اٺن سالن کان ويانا جو شمار پھرين نمبر ۾ ٿئي ٿو . ھن سروي ۾ بھترين رھائش کان علاوه محفوظ ترين شھرن جي قطاربندي به شامل ھوندي آھي ۽ انھن جي لسٽ ۾ سڀ کان اوچي مقام وارا شھر داخلي سالميت وارا، ڏوھن کان محفوظ، قانون جي مؤثر نفاذ وارا ھوندا آھن. انھن شھرن جي قطاربندي ۾ سڀ کان پھريون نمبر محفوظ ترين شھر لڪسمبرگ آھي ۽ ان بعد ٻئي نمبر تي لاڳيتا ٽي شھر آھن جن ۾ ھيلسنڪي، برن ۽ زيورچ شامل آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. "Quality of Living worldwide city rankings 2010 – Mercer survey". Mercer.com. وقت 2011-07-25 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 August 2011. 
  2. "2015 quality of living survey". Mercer.