مرتضيٰ وهاب
مرتضيٰ وهاب Murtaza Wahab Siddiqui | |
|---|---|
مرتضیٰ وہاب | |
| ڪراچي جو ميئر | |
| دفتر سنڀاليو 19 جون، 2024ع | |
| ڊپٽي | سلمان مراد |
| پيشرو | وسيم اختر |
| ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر | |
| عهدي ۾ 5 آگسٽ، 2022ع – 8 ڊسمبر، 2022ع | |
| سينيٽ جو ميمبر | |
| عهدي ۾ آگسٽ، 2017ع – 11 مارچ، 2018ع | |
| ذاتي تفصيل | |
| قوميت | پاڪستاني |
| سياسي پارٽي | |
| لاڳاپا | فوزيه وهاب صديقي (ماء)[1] |
| پيءُ | وهاب صديقي (پئي) |
مرتضيٰ وهاب (اردو: مرتضیٰ وہاب؛ انگريزي: Murtaza Wahab Siddiqi) هڪ پاڪستاني سياستدان ۽ ڪراچي جو موجوده ميئر آهي. هو آگسٽ، 2017ع کان مارچ، 2018ع تائين سينيٽ آف پاڪستان جو ميمبر هو.
ابتدائي زندگي ۽ تعليم
[سنواريو]پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر سياستدان، مرحومه فوزيه وهاب (1956-2012) جو پٽ، مرتضيٰ وهاب ڪراچي يونيورسٽي کان ڪامرس ۾ بيچلرز جي ڊگري حاصل ڪئي. پوء هن يونيورسٽي آف لنڊن مان ايل ايل بي ۽ لنڪن ان مان بار ايٽ لا جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ هو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل مقرر ٿيو.[2]
سياسي ڪيريئر
[سنواريو]30 اپريل، 2015ع تي کيس سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه جي صوبائي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو ۽ کيس قانون بابت سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو.[3] 21 مئي، 2015ع تي کيس وزير جو درجو ڏنو ويو.[4]
سنڌ هاء ڪورٽ ۾ مرتضيٰ وهاب کي وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ ۽ وزير جو درجو ڏيڻ جي خلاف هڪ درخواست داخل ڪئي وئي. درخواست گذار دليل ڏنو ته مرتضي وهاب جون، 2010ع ۾ سنڌ هاء ڪورٽ جو وڪيل ٿيو، ان ڪري هن جو تجربو فقط 6 سالن جو آهي. درخواست گذار مرتضي وهاب جي ڪراچي لا ڪاليجز جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين طور تقرري کي به چيلنج ڪيو. درخواست ۾ اهو چيو ويو ته هن پوسٽ تي رڳو صوبائي وزير تعليم يا ڪراچي يونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ٿي سگهي ٿو.[5] [6]
22 نومبر، 2016ع تي، سنڌ هاء ڪورٽ هن جي سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار طور مقرري کي غير قانوني قرار ڏنو. عدالت ڪراچيءَ ۾ مرتضى وهاب جي لا ڪاليجن جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين شپ کي به ختم ڪري ڇڏيو.[7][8]
هو 15 آگسٽ، 2017ع تي سنڌ اسيمبلي لاء، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار طور بنا مقابلي چونڊجي ويو. سعيد غني جي استعفيٰ کانپوءِ اها سيٽ خالي ٿي چڪي هئي.[9] هن جي سينيٽ جي رڪنيت 11 مارچ 2018ع تي ختم ٿي هئي.[10]
هو سال 2018ع جي عام چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس-111 (ڪراچي ڏکڻ-5) کان پيپلز پارٽي جي اميدوار طور حصو ورتو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.[11] ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار، عمران اسماعيل هي سيٽ کٽي ورتو.[12]
19 آگسٽ، 2018ع تي کيس سنڌ جي وڏي وزير، سيد مراد علي شاهه جي صوبائي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو.[13] 21 آگسٽ، 2018ع تي هو قانون ۽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ لاء وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو.[14] 5 سيپٽمبر، 2018ع تي، کيس انفارميشن جو اضافي پورٽ فوليو ڏنو ويو.[15] 5 آگسٽ، 2021ع تي، کيس ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرر ڪيو ويو.
ميئر ڪراچي جون چونڊيون، 2023ع
[سنواريو]سال 2023ع جي ڪراچي جي ميئر جي عهدي لاءِ چونڊن ۾ مرتضيٰ وهاب ۽ حافظ نعيم الرحمان ۾ مقابلو ٿيو. غير سرڪاري نتيجن موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار مرتضيٰ وهاب 173 ووٽن سان واضح طور تي فاتح طور سامهون آيو، جڏهن ته جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان 160 ووٽ حاصل ڪيا. ميئر جي غير سرڪاري نتيجن جو اعلان ٿيڻ کان پوءِ، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي ٻاهران جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۾ جهڙپون ٿيون.[16][17][18]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "PPP under scrutiny: With Barrister Murtaza Wahab". The News (انگريزي ۾). 30 August 2018. 30 August 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Rehan, Areesha (14 June 2023). "Know your mayoral candidate — Murtaza Wahab vs Hafiz Naeemur Rehman". Dawn News.
- ↑ Reporter, The Newspaper's Staff (26 July 2016). "Grant of minister's status to adviser challenged in SHC". DAWN.COM. 17 September 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sohail Anwar Sial appointed as Sindh Home Minister". The Nation. 21 May 2015. 17 September 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "'Illegal' posts: Notices issued on plea challenging appointment of CM's adviser | The Express Tribune". The Express Tribune. 27 July 2016. 17 September 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Siddiqui, Tahir (19 August 2016). "SHC seeks govt reply on petition against adviser's appointment". DAWN.COM. 17 September 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Siddiqui, Tahir (23 November 2016). "Appointment of Murtaza Wahab as CM's law adviser declared illegal". DAWN.COM. 17 September 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "SHC annuls Murtaza Wahab's appointment as CM's aide". The Nation. 22 November 2016. 17 September 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "PPP's Barrister Murtaza Wahab elected senator unopposed | The Express Tribune". The Express Tribune. 15 August 2017. 30 August 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Wasim, Amir (22 January 2018). "PPP unlikely to retain its strength in Senate after election". DAWN.COM. 30 August 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Academic credentials of Sindh governor-designate raise eyebrows | The Express Tribune". The Express Tribune. 26 August 2018. 17 September 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "PS-111 Result - Election Results 2018 - Karachi South 5 - PS-111 Candidates - PS-111 Constituency Details - thenews.com.pk". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). 17 September 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Ali, Imtiaz (19 August 2018). "Sindh CM Murad Ali Shah picks his 10-member cabinet". DAWN.COM. 21 August 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "CM's advisers Wahab, Mahar allocated portfolios". The News (انگريزي ۾). 17 September 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Reporter, The Newspaper's Staff (6 September 2018). "Four new ministers take oath as Murad expands Sindh cabinet". DAWN.COM. 17 September 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Tunio, Hafeez (2023-06-15). "JI, PPP clash after Wahab 'wins' Karachi mayor election". The Express Tribune (انگريزي ۾). 2023-06-15 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Sadhwani, Sanjay; Umer, Asghar; Umer, Sanjay Sadhwani and Asghar (2023-06-15). "Murtaza Wahab elected Karachi mayor by securing 173 votes". ARY NEWS (آمريڪي انگريزي ۾). 2023-06-15 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Khan, Imtiaz Ali | Asim (2023-06-15). "Karachi mayor polls: 8 detained as clashes erupt between JI, PPP after Murtaza Wahab emerges victorious". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2023-06-15 تي حاصل ڪيل.
- مضمون with short description
- Short description matches Wikidata
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- ايڪھين صدي جا پاڪستاني سياستدان
- پاڪستاني شخصيتون
- پاڪستان پيپلز پارٽي جا سياستدان
- جيوت ماڻهو
- جيئرا ماڻهو
- سنڌ جون شخصيتون
- ڪراچي جا سياستدان
- ڪراچي جا ماڻھو
- ڪراچي جا ميئر
- 1983ع جون پيدائشون