مرئمان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مري امان، مري آٿا
مينهُن (برسات)

ديوي مري امان
تامل متن மாரியம்மன்
Tamil மாரியம்மன்
ٺِڪاڻو انسان جي دل
ھٿيار ترشول
سواري ببر شينهن

مرئمان, مريئم امان (انگريزي ٻولي: Mariamman) هندومت جي هڪ ديوي آهي، جيڪا تامل ۾ گهڻي مقبول آهي. ان کي تمل ٻولي ۾ மாரியம்மன் چوندا آهن، جنهن جو مطلب “ماءُ مري“۔ مريئمان سندس نالو هيو۔ ان جو اُچارمريئم اما پڻ آهي. تمل ٻولي ۾ امان يا آٿا جي معنيٰ ماءٌ آهي. مري امان مينهُن (برسات) جي ديوي آهي ۽ تمل علائقن ۽ ويجهن علائقن ۾ مقبول آهي، تامل ناڊو جي ٿيروچيرال ۾ انکي ماءٌ جو درجو حاصل آهي ڏکڻ هندستان ۾ پاروتي[1] درگا[2] ۽ درگا ۽ اُتر هندستان ۾ شيتلا سان گهڻي قربت حاصل آهي. مري امان کي ڪالي جو اوتار پڻ چيو ويندو آهي. ايئن مڃيو ويندو آهي تہ جڏهن ڪالي ماتا مري امان جو اوتار وٺي ڏکڻ هندستان ۾ وئي تہ ڀيروو مدورائي ويران سمجهي ڪري ان جي پٺيان لڳو. مري امان جو ميلو آدي جي ڏينهن ۾ لڳندو آهي، جيڪو سياري جي مُند جي پڇاڙيءَ ۽ ساوڻي (موسم برسات) جي شروع جو زمانو آهي.

مُنڍ (شروعات)[سنواريو]

10هين صدي ۾ چول سلطنت جي تريشولي، تمل ناڊو ۾ مري امان

مري امان هڪ تمل لوڪ ديوي آهي جنهن اٽڪل ما قبل ويد جي دور ۾ هُئي. هيءَ تمل ديوي آهي ۽ تمل ناڊو ۾ گهڻي مقبول آهي. ما بعد ويد دور ۾ انکي پاروتي[3]، ڪالي ۽ درگا جي نالو سان سڏيو ويو آهي.[4] جڏهن تہ اُتر هندستان ۾ انکي شيتلا جي نالو سان سُڃاتو ويندو آهي ۽ اَوڀَر هندستان ۾ مناسا جي نالو سان سُڃاتي ويندي آهي.

پوڄا[سنواريو]

سانچو:هندو مت

مريئمان جي پوڄا غير ويدي طريقي تي ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ انيڪ طرح جا ناچ (رقص) پڻ شامل اهن.[5] ميلن جي ڏهاڙن ۾ مٽي جي ٿانون ۾ ڪُجھ کاڌا (پڪوان) پڻ چاڙهيا ويندا آهن، جنهنکي پونگل ۽ ڪوز وغيرہ سڏيو ويندو آهي. انهيءَ موقعي تي ماڻهو باهه تي هلندا آهن ۽ نڪ يا منهن ۾ چير يا جهير پڻ ڪندا آهن.

تيروسيرا پلي کان 6 ڪلوميٽر پري تي واقع سمي پورم مندر ۾ هاڻي پڻ مريئمان جي پوڄا هندومت جي طريقو عبادت ۾ شامل آهي. اپريل جي ٻئي هفتي ۾ مندر جي انتظاميا ڏهه جو هڪ پروگرام منعقد ڪندي آهي. اوڙِي پاڙي جي ڳوٺن جا ڪُجھ ماڻهو مري امان کي ڪُڪِڙ ۽ ٻڪري جو ٻليدان(قرباني) ڏيندا پر هاڻي جانور کي ذبح ڪرڻ جو رواج ختم ٿي رهيو آهي ۽ انکي وڪڻيو ويندو آهي. ديوي جي اهم پوڄا مندر کان هڪ ميل پَري سڙڪ تي ڪئي ويندي آهي.

مندر[سنواريو]

مريئمان جا ڪيترا ئي مندر ڳوٺاڻن جي لاءِ مقدس عبادت گاهہ جو درجو رکن ٿا، جتي مرد ۽ مايون عبادت ڪنديون آهن. گهڻن ئي مندرن ۾ ديوي کي هڪ گرينائٽ پٿر سان بڻايو ويندو آهي، جنهن جو هڪ سرو چُهنبدار (نوڪَ وارو) هوندو آهي ۽ پٿر جي سري تي ڳاڙهن گُلن جي مالها وِڌي ويندي آهي. ان طرح جي مندرن ۾ ڪوبرا عام جام ملندو آهي. ۽ نانگن کي کير ۽ آنا ڏنا ويندا آهن کائڻ لاءِ.

حوالا[سنواريو]

  1. "ஆயி உமையானவளே ஆதிசிவன் தேவியரே" (Oh Mother Uma, Consort of Siva!) – Mariamman Thalattu, Goddess Mari Prayer.
  2. "The truthful Kali who guarded the homesteads sat with her, The Kali sat together with Durga continuously with her" _Mariamman Lullaby [1]
  3. "ஆயி உமையானவளே ஆதிசிவன் தேவியரே" (Oh Mother Uma, Consort of Siva!) – Mariamman Thalattu, Goddess Mari Prayer.
  4. "The truthful Kali who guarded the homesteads sat with her, The Kali sat together with Durga continuously with her" _Mariamman Lullaby [2]
  5. M.K.V.Narayan, Exploring the Hindu Mind: Cultural Reflection and Symbolism، Readworthy, 2009, pp 93