مواد ڏانھن هلو

مدهوش مير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(مدھوش مير کان چوريل)

مدهوش مير (انگريزي: Madhosh Mir) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر ،ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار آهي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

مدهوش مير جو اصل نالو محمدعلي انصاري آهي هيءُ دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي شهر خانپور ۾ هڪ پورهيت عبدالرحمان انصاري جي گهر ۾ 5 اپريل 1994ع ۾  جنم ورتو..

تعليم

[سنواريو]

مدهوش مير شروعاتي تعليم خيرپور ناٿن شاه جي پرائمري اسڪول شهباز ڪالوني مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ خيرپور ناٿن شاه جي بوائز هاء اسڪول مان پاس ڪئي ۽ انٽر جو امتحان پڻ  گورنمينٽ ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاھ مان پاس ڪيائين.

ادبي خدمتون

[سنواريو]

مدهوش مير  کي ننڍي هوندي کان لکڻ پڙهڻ جو شوق هو. پهريون مضمون 13 سالن جي عمر ۾ 2007 ۾ لکيو جيڪو روزاني ڪاوش هيڊ اخبار  ۾ شايع ٿيو، مدهوش مير  شاعري سان گڏ ڪهاڻيون، تاريخي، فلسفي، ۽ سائنسي علمن بابت مضمون[1] لکيا جيڪي سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مسلسل شايع ٿيا. سندس لکڻيون ڪاوش، سنڌ ايڪسپريس، عوامي آواز هزار داستان افيئر مئگزين، همسري مئگزين، عبرت مئگزين ۽ جهد حق ۾ ليک، شاعري ۽ ڪهاڻيون شايع ٿيل آهن. مدهوش مير صحافت سان سلهاڙيل رهيو آهي. مدهوش مير 2019ع ۾  پريس ڪلب خيرپور ناٿن شاهه جو صدر رهيو.[2][3][4][5][6]

ڪتاب

[سنواريو]

"ماريو جن موت کي، ڪنول پبليڪيشن حيدرآباد،[3]

" تاريخ جو تخت گاھ، ڪنول پبليڪيشن حيدرآباد

حوالا

[سنواريو]
  1. Ali, Farhan (09 سيپٽمبر 2021), "ڪتابن جا انساني ذهنن تي اثر : مدهوش مير", Humsari (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 02 مارچ 2022۔
  2. "Page No.05", www.thekawish.com, حاصل ڪيل 02 مارچ 2022۔
  3. 1 2 "سنڌي ادبي سنگت جي ڌڙابندي سبب نوجوان باغي ٿي چڪا آهن، ادب جي دنيا کي سڀ وڏو نقصان نئين ٽهي جي شاعرن ڏنو: مدهوش مير", Daily Sobh (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 02 مارچ 2022۔
  4. "Page No.06", www.thekawish.com, حاصل ڪيل 02 مارچ 2022۔
  5. "مدهوش مير ڪي اين شاهه", SindhSalamat, حاصل ڪيل 02 مارچ 2022۔
  6. "مدهوش مير انصاري", madhoshmeeransarik.blogspot.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 02 مارچ 2022۔