مدهوش مير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مدهوش مير

مدهوش مير (انگريزي: Madhosh Mir) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر ،ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار آهي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

مدهوش مير جو اصل نالو محمدعلي انصاري آهي هيءُ دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي شهر خانپور ۾ هڪ پورهيت عبدالرحمان انصاري جي گهر ۾ 5 اپريل 1994ع ۾  جنم ورتو..

تعليم[سنواريو]

مدهوش مير شروعاتي تعليم خيرپور ناٿن شاه جي پرائمري اسڪول شهباز ڪالوني مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ خيرپور ناٿن شاه جي بوائز هاء اسڪول مان پاس ڪئي ۽ انٽر جو امتحان پڻ  گورنمينٽ ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاھ مان پاس ڪيائين.

ادبي خدمتون[سنواريو]

مدهوش مير  کي ننڍي هوندي کان لکڻ پڙهڻ جو شوق هو. پهريون مضمون 13 سالن جي عمر ۾ 2007 ۾ لکيو جيڪو روزاني ڪاوش هيڊ اخبار  ۾ شايع ٿيو، مدهوش مير  شاعري سان گڏ ڪهاڻيون، تاريخي، فلسفي، ۽ سائنسي علمن بابت مضمون[1] لکيا جيڪي سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مسلسل شايع ٿيا. سندس لکڻيون ڪاوش، سنڌ ايڪسپريس، عوامي آواز هزار داستان افيئر مئگزين، همسري مئگزين، عبرت مئگزين ۽ جهد حق ۾ ليک، شاعري ۽ ڪهاڻيون شايع ٿيل آهن. مدهوش مير صحافت سان سلهاڙيل رهيو آهي. مدهوش مير 2019ع ۾  پريس ڪلب خيرپور ناٿن شاهه جو صدر رهيو.[2][3][4][5][6]

ڪتاب[سنواريو]

"ماريو جن موت کي، ڪنول پبليڪيشن حيدرآباد،[3]

" تاريخ جو تخت گاھ، ڪنول پبليڪيشن حيدرآباد

حوالا[سنواريو]

  1. Ali, Farhan. "ڪتابن جا انساني ذهنن تي اثر : مدهوش مير". Humsari. حاصل ڪيل 2022-03-02. 
  2. "Page No.05". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2022-03-02. 
  3. 3.0 3.1 "سنڌي ادبي سنگت جي ڌڙابندي سبب نوجوان باغي ٿي چڪا آهن، ادب جي دنيا کي سڀ وڏو نقصان نئين ٽهي جي شاعرن ڏنو: مدهوش مير". Daily Sobh. حاصل ڪيل 2022-03-02. 
  4. "Page No.06". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2022-03-02. 
  5. "مدهوش مير ڪي اين شاهه". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2022-03-02. 
  6. "مدهوش مير انصاري". madhoshmeeransarik.blogspot.com. حاصل ڪيل 2022-03-02.