مارئي جو کوهه
ڏيک
(مارئي جو کوھ کان چوريل)
مارئي جو کوھ (انگريزي:Well of Marui) سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ ٿرپارڪر ضلعو جي ننگرپارڪر تعلقو ۾ تاريخي ۽ تفريحي ماڳ آهي. جيڪو ننگر شهر کان 30 ڪلوميٽر ۽ ويراواه ڳوٺ کان 10 ڪلوميٽر پَري آهي.[1] هيءُ ماڳ سنڌ جي نيم تاريخي داستان عمر مارئي جي ڪردار مارئي سان منسوب آهي. وطن جي حُب ۽ پيار جي علامت مارئي لاءِ مشهور آهي ته کيس عمر ڀالوا ۾ واقع هن کوھ تان زوري کنيو هو.[2][3] مارويءَ جو مقامي ڳوٺ ڀالوا آهي، جيڪو ضلعي جي راڄڌاني شهر مٺي کان لڳ ڀڳ 93 ڪلوميٽر پَري آهي.[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Marvi's Well, Tharparkar". heritage.eftsindh.com. 2021-09-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "مارئيء جو کوھ". SindhSalamat. 2020-09-04 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "تاريخي ماڳن کي سياحتي ماڳ بڻائڻ گهرجي! -". 2020-09-04 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Welcome to District Courts Tharparkar@Mithi". districtcourtstharparkar.gos.pk. 2021-09-30 تي حاصل ڪيل.