ڀالوا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڀالوا:(انگريزي: Bhalwa) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ننگرپارڪر جو ھڪ ڳوٺ آھي. جتي خاصخيلي ۽ ڀيل رهن ٿا. ملير وارو ڀاڱو اهو آهي. هتي مارئيءَ جو کوهه ۽ پٿر جي ڪونڊي اڄ تائين موجود آهن. هتي پهريون دفعو 6- مارچ 1967ع تي، الحاج مير محمد بخش خان ٽالپر (اڳوڻو وائيس چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر ۽ اڳوڻو ايم پي اي) جي ڪوشش سان ”مارئيءَ جو ميلو“ لڳو. وري 10، 11 ۽ 12 فيبروري 1968ع تي ٻيو دفعو پڻ ميلو لڳو. انهن ميلن ۾ ادبي ڪانفرنس، ملاکڙي، سئنيما، بجلي وغيره جو بندوبست هو ۽ ٿر جي ڀرت جو چڱو واپار هليو هو. مٺي کان ننگرپارڪر ڏي ويندڙ لاري هتان لنگهي ٿي[1].


حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو