لکي غلام شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لکي غلام شاھ
تعلقو
Lakhi Ghulam Shah
لکي غلام شاھ is located in سنڌ
لکي غلام شاھ
لکي غلام شاھ
لکي غلام شاھ is located in Pakistan
لکي غلام شاھ
لکي غلام شاھ
جاگرافي بيهڪ: 27°50′N 68°42′E / 27.833°N 68.700°E / 27.833; 68.700مڪانيت: 27°50′N 68°42′E / 27.833°N 68.700°E / 27.833; 68.700
ملڪ پاڪستانپاڪستان
صوبو سنڌ

لکي غلام شاھ (انگريزي: Lakhi Ghulam Shah)شڪارپور ضلعي جو ھڪ شھر آھي ھي شھر شڪارپور جي ڏکڻ ۾ 13 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. ھي شھر لکي تعلقي جو صدر ھنڌ آھي. تاريخ 30 – جنوري 1979ع تي “لکي” کي تعلقي جو درجو ڏيئي، شڪارپور ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو[1].

تاريخ[سنواريو]

رحيمداد مولائي شيدائي، شڪارپور جي بنياد، مهرن ۽ دائود پوٽن وچ ۾ جنگين ۽ لکي شهر جي بنياد پوڻ جي حوالي سان تحرير ڪري ٿو ته: ”دائودپوٽن..... منجهان دائود خان بهادر ٿي گذريو آهي. هن جهانگير جي زماني ۾ مهر قوم کي شڪست ڏيئي، لکيءَ جو ڳوٺ تعمير ڪرايو. لکي ۽ خانپور وارو جهنگ دائود پوٽن جو شڪار گاهه هو. منجهائن بهادر خان دائود پوٽي پير سلطان ابراهيم شاهه جي فرمائش موجب، سن 1026ھ ( 1617ع) ۾ شڪارپور جو شهر ٻڌو.[2]پروفيسر شريف ”شاد“ سومرو، رحيمداد مولائي شيدائي جي مٿين بيان جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”هڪ انگريز مصنف جي. بي مالسن (G.B. Malleson)پنهنجي مشهور ڪتاب ”اين هسٽاريڪل اسڪيچ آف دي نيٽيو انڊين اسٽيٽس ان انڊيا“ جي بيان مطابق شهنشاهه جهانگير جي دور ۾ امير بهادر خان دائودپوٽو، ”مهرن جي قبيلي کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ، جتوئين کي شڪست ڏيئي، لکيءَ جو ڳوٺ تعمير ڪرايو. لکي ۽ خانپور وارو جهنگ دائود پوٽن جو شڪارگاهه هو..... .“[3] شريف شاد سومرو، مولائي شيدائي ۽ جي. بي ميلسن جي بيانن کي رد ڪندي تحرير ڪري ٿو ته: ”مٿي ذڪر ڪيل تاريخي بيانن م تضاد نظر اچي ٿو. هڪ طرف ”جنت النسڌ“ جو مصنف رحيمداد مولائي شيدائي اهو لکي ٿو ته ”مهرن جي قوم کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ جتوئين کي شڪست ڏيئي لکيءَ جو ڳوٺ تعمير ڪرايو ته ٻئي طرف وري تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور وارو غلام رسول مهر صفحي 107 تي لکي ٿو ته ”لکي ۽ خانپور شڪارپور جي تعمير کان اڳ جا واقع هئا ۽ ان زماني جا مشهور شهر هئا.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -
  2. {رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو 1985ع، ص. 453.}
  3. {شريف شاد سومرو، ”لکي“ (مقالو)، ڪتاب: ”سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ“ مرتب- ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، 2005ع، ص. 506. 507.}
  4. {شريف شاد سومرو، ”لکي“ (مقالو)، ڪتاب: ”سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ“ مرتب- ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، 2005ع، ص. 506. 507.}