لويف
لويف (Lviv) Львів | ||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
شھر | ||||||||
مٿان کان، کاٻي کان ساڄي: تاريخي سٽي سينٽر، اوپيرا ۽ بيليٽ جو ٿيٽر، ڊورميشن چرچ، سينٽ اولھا ۽ ايلزبيٿ جي چرچ، مارڪيٽ اسڪوائر، پولوڪي محل | ||||||||
| ||||||||
| Nickname(s): City of Lion, Ukrainian Piedmont, Banderstadt | ||||||||
| Motto(s): "Lviv is open to the world" "Semper fidelis" (historical) | ||||||||
| Coordinates: 49°50′33″N 24°01′56″E / 49.84250°N 24.03222°E | ||||||||
| ملڪ | ||||||||
| صوبو (Oblast) | لويف صوبو | |||||||
| ضلعو (Raion) | لويف | |||||||
| بنياد پيو | 1256 | |||||||
| ايراضي | ||||||||
| • ڪل | 148.9 چورس ڪلوميٽر (57.5 چورس ميل) | |||||||
| آبادي (2021) | ||||||||
| • ڪل | 717486 | |||||||
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر | |||||||
| وقتي علائقو | UTC+2 (EET) | |||||||
| • اونهارو (ر.ب.و) | UTC+3 (EEST) | |||||||
| پوسٽل ڪوڊ | 79000–79490 | |||||||
| ڊائلنگ ڪوڍ | +380 32(2) | |||||||
| Licence plate | BC (before 2004: ТА, ТВ, ТН, ТС) | |||||||
| Sister cities | Plovdiv, Freiburg, Chengdu, Kraków, Lublin, Novi Sad, Przemyśl, Tbilisi, Kutaisi, Winnipeg, Vilnius, Banja Luka, Budapest, Rishon LeZion, Lodz, Rzeszów, Wroclaw, Rochdale | |||||||
| ويب سائيٽ | city-adm | |||||||
لِوِيف يا لِِوِِيو (انگريزي: Lviv, يوڪريني: Львів (ⓘ)، پولش: Lwów، (ⓘ) جرمن: Lemberg (ⓘ)، روسي: Lvov) يوڪرين جو ڇھون وڏو شھر جنھن جي آبادي 717,510 (2021ع) آھي[1]. ھي شھر يوڪرين جو ھڪ وڏو ثقافتي مرڪز آھي. ھن شھر تي اھو نالو روٿينيا جي بادشاھ ڊينئل جي پٽ لئو (Leo)جي ياد ۾ 1256ع ۾ رکيو ويو[2]. ھي شھر 1272ع کان 1349ع تائين گيليشيا - وولھائينيا (Galicia–Volhynia) سلطنت جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو[3]. 1434ع ۾ ھن شھر کي پولينڊ جي صوبي (Voivodeship) روسينين (Ruthenian) جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو. 1772ع ۾ پولينڊ جي پھرئين ورھاڱي کان پوءِ ھي شھر گيليشيا ۽ لوڊوميريا بادشاھت (Kingdom of Galicia and Lodomeria) جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. 1918ع ۾ ٿوري عرصي لاءِ ھي شھر اولھ يوڪرين جي عوامي جمھوريہ جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ رھيو. 1939ع ۾ ھي شھر سوويت يونين جو حصو بنجي ويو جڏھن تہ 1991ع ۾ يوڪرين جي آزاديءَ کان پوءِ انھيءَ ملڪ جو حصو بنجي ويو. ھي شھر لويف صوبي (Oblast) جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھي شھر پولينڊ جي سرحد کان 70 ڪلوميٽر (43 ميل) اوڀر ۾ آباد آھي[4].
ھي شھر بالٽڪ سمنڊ ۽ اسود سمنڊ جي تاريخي واپاري رستي تي وسيل آھي. پولينڊ کان يوڪرين جي شھر ڪيف ڏانھن ويندڙ رستو بہ ھن شھر مان گذري ٿو، انڪري ھي شھر واپاري، ثفافتي ۽ سياسي سرگرمين جو محور رھيو آھي[5].
ھن شھر جو مرڪزي حصو (City Centre) يونيسڪو جي عالمي ورثي وارن ماڳن جي فھرست ۾ شامل آھي. ھن شھر جي قومي عجائب گھر ۾ وچئين دور جي فن ۽ نادر مذھبي نسخن جو مڪمل مجموعو سانڍيل آھي. ھن شھر ۾ ڪيتريون ئي مذھبي ۽ تاريخي عمارتون موجود آھن. مارچ 2022ع کان ھي شھر روسي فوجن جي حملن جو شڪار آھي[4].
ھاڻوڪو لويف شھر يوڪرين جو ھڪ وڏو صنعتي مرڪز آھي. ھتي بسن ٺاھڻ، زرعي مشينري، سائيڪلن، ٽيليويزن سيٽ ٺاھڻ ۽ کاڌن کي دٻن ۾ بند ڪرڻ سميت ٻيا بہ ڪيترائي ڪارخانا موجود آھن[6].
مارچ 2022ع کان ھي شھر روسي فوج جي حملن جي زد ۾ آھي. 26 مارچ 2022ع تي روسي فوجين ھن شھو ويجھو قائم ھوائي جھازن جي مرمت وارو پلانٽ تباھ ڪري ڇڏيو[7].
جاگرافي
[سنواريو]ھي شھر پولينڊ جي سرحد کان 70 ڪلوميٽر (43 ميل) اوڀر ۾ آباد آھي. ھن شھر جي سامونڊي مٿاڇري کان سراسري اوچائي 296 ميٽر (997 فوٽ) آھي. شھر ۾ وسوسڪي زموڪ (Vysokyi Zamok) نالي تاريخي قلعو ھڪ جبل جي چوٽيءَ تي تعمير ٿيل آھي. شھر جي مرڪز ۾ سائي رنگ جي گنبندن وارا گرجا گھر ۽ خوبصورت تاريخي عمارتون شھر جي قدرتي سونھن کي چار چنڊ لڳائين ٿيون. پراڻو لوئيف شھر قلعي جي دامن ۾ پولٽوا نديءَ (Poltva River) جي ڪناري تي آباد ھو جنھن جي حفاظت لاءَ چوڌاري ھڪ مضبوط ڀت ڏنل ھئي. ھيءَ ندي موجودھ شھر جي مرڪزي گھٽي، فريڊم اوينيو ۽ ٿيٽر آف اوپيرا ۽ بيلٽ جي بلڪل ھيٺان وھي ٿي.
ھن شھر جي موسم گھميل براعظمي (ڪوپن ڪلائيميٽ درجابندي: Dfb) آھي. ھتي سياري ۾ ٺيڪ ٺاڪ ٿڌ پوي ٿي ۽ اونھارا ڪنھن حد تائين گرم ھوندا آھن. ھتي جنوريءَ ۾ سراسري گرميءَ جو درجو 30C (270F) ۽ جولاءِ ۾ سراسري گرميءَ جو درجو 180C (640F) رھي ٿو. سال ۾ سراسري طور تي 745 ملي ميٽر (29 انچ) مينھن وسي ٿو. گھڻو مينھن اونھاري جي موسم ۾ وسي ٿو. سراسري طور تي سال ۾ 1804 ڪلاڪ سج جي روشني موجود ھوندي آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ آرڪائيو ڪاپي (PDF), اصل نسخو (PDF) مان 2022-04-06 تي محفوظ ڪيل, 2022-03-20 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "LvivTravel - the official Lviv tourism website". lviv.travel (انگريزي ۾). 2022-03-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Waugh, Daniel Clarke (1974-12). "[http://dx.doi.org/10.2307/2494516 The Galician-Volynian Chronicle: An Annotated Translation. By George A. Perfecky. With an editor's preface. Harvard Series in Ukrainian Studies, vol. 16, II : The Hypatian Codex, part 2. Munich: Wilhelm Fink Verlag, 1973. 159 pp. Genealogical table. DM 38, paper.]". Slavic Review 33 (4): 769–771. doi:. ISSN 0037-6779. http://dx.doi.org/10.2307/2494516.
- 1 2 CNN, Petro Zadorozhnyy, Yulia Kesaieva, Mohammed Tawfeeq, Seán Federico-O'Murchú, Adam Renton and Tamara Qiblawi. "Russia has attacked Lviv. Here's why the western city is so important to Ukraine's defense". CNN. 2022-03-20 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}:|last=has generic name (مدد)CS1 maint: multiple names: authors list (ڳنڍڻو) - ↑ "Lviv". www.encyclopediaofukraine.com. 2022-03-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Lviv،Ukraine، Britannica". www.britannica.com (انگريزي ۾). 2022-03-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Ukraine war: Russia destroys aircraft repair plant near western city of Lviv". BBC News (برطانوي انگريزي ۾). 2022-03-18. 2022-03-27 تي حاصل ڪيل.
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Articles containing Ukrainian-language text
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Pages using the Phonos extension
- CS1 errors: unsupported parameter
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 errors: generic name
- CS1 maint: multiple names: authors list
- CS1 برطانوي انگريزي-language sources (en-gb)
- لويف اوبلاسٽ
- يوڪرين جا شهر