لقب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

لقب اصل نالي کان علاوہ اهو نالو هوندو آهي جنهن ۾ ڪنهن خوبي يا ڪنهن خامي جو مطلب سمايل هجي۔ تاريخ جا دفتر شاهد آهن ته اسان جي ملڪ ۾، انگريزن جي دور ۾ به مختلف قسم جا ’لقب‘ ڏنا ويندا هئا.’القاب‘ ڪڏهن خود پنهنجي ’حڪومت‘ جي طرفان ڏنا وڃن ٿا، ۽ ڪڏهن ٻاهريون حڪومتون ڏين ٿيون، ڪڏهن ادارن جي طرفان پيش ڪيا وڃن ٿا.انگريزن پنهنجي دور ۾، ڪن سياسي ۽ ملڪي مصلحتن کي مدنظر رکي، ’خان صاحب ۽ خانبهادر‘، ’راءِ صاحب ۽ راءِ بهادر‘ جا لقب ڏيندا ھئا.علمي طور ’شمس العلماء، جو لقب ۽ خلعت فاخره ڏيندا هئا. برصغير هند-پاڪ ۾ اهو لقب، مولانا محمد حسين آزاد، مولانا حاليءَ، خواجه حسن نظامي، ڊپٽي نظير احمد، مرزا قليچ بيگ، پير سائين پاڳاره، ۽ علامه دائود پوٽي پارن عالمن کي مليا. ڪي القاب، قومي ۽ اجتماعي تحريڪن پاران پيدا ٿيا ۽ اهي غير سرڪاري رهيا.ان طرح سيد احمد کي ’ابوالڪلام‘، مولانا ٿانويءَ کي ’حڪيم الامت‘، اڪبر الهه آبادي کي ’لسان العصرعلامه اقبال کي ’ترجمان حقيقتبهادر جنگ کي ’قائدملت‘، محمد علي جناح کي ’قائد اعظم‘، لياقت علي خان کي ’شهيد ملت‘، علي برادران کي ’رئيس الاحرار‘، مولانا سنڌي کي ’امام الانقلاب‘، ظفر علي خان کي ’ظفر الملت‘، اجمل خان کي غير سرڪاري طور ’مسيح الملڪ، ۽ سرڪاري طور ’حاذق الملڪ‘ ابو سعيد عبدالمجيد (اجمل خان جي وڏي ڀاءُ) کي قوم ’ارسطوئي زمان‘ سڏيو حسرت موهانيءَ کي ’رئيس الاحرار‘، ۽ گانڌيءَ کي ’مهاتما‘، عطاءالله شاهه بخاريءَ کي ’امير شريعت‘، انور شاهه ڪاشميريءَ ’امام اعظم ثاني‘، مولانا محمود الحسن کي ’شيخ الهند‘، حسين احمد مدنيءَ کي ’اسير مالٽا‘، عبدالحق کي ’بابائي اردو‘، مولوي فضل الحق کي ’شيربنگال‘، کهڙي کي ’قائد سنڌ‘، سروجني نيڊو کي ’بلبل هند‘، غلام محمد خان ڀرڳڙي کي ’ستاره مشرق‘، مرحوم بلبل کي ’حالي سنڌ‘، جان محمد جوڻيجي کي ’رئيس المهاجرين‘، واسواڻي نولراءِ ۽ هيرانند کي ’ساڌو‘، ’جگر‘، مراد آباديءَ کي ’رئيس المتغزلين‘ ۽ حفيظ جالنڌريءَ کي ’فردوسي اسلام‘، ’جوش‘، کي ’شاعر انقلاب‘، نياز فتحپوري کي ’پدما ڀوشن‘ سڏيو ويو آهي. ٻاهرين دنيا جي اعزاز ۾ ’نوبل پرائز‘ هڪ وڏو اعزاز آهي، جو ٽيگور کي مليو، ۽ علامه مشرقيءَ کي ان شرط سان ڏنو ويو ته هو ’تذڪره‘ کي عربيءَ ۽ اردوءَ مان ترجمو ڪري،انگريزيءَ ۾ پيش ڪري. علامه صاحب ائين نه ڪيو. انگريزن جي دور ۾، ’نواب‘ جو لقب، جهوناڳڙهه ۽ ڀوپال جي حاڪمن کي مليو، سنڌ ۾ غيبي خان کي پڻ ’نواب‘ جو لقب ڏنو ويو. والي دکن کي ’هز اگزاليٽڊ هائينس‘-- ۽ ملا سيف الدين طاهر (بوهر پيشوه) کي ’هزهائينس‘، ۽ سر آغا خان (اسماعيليه پيشوا) کي ’هزهائينس‘ جا لقب ڏنا ويا. ان طرح ’علامه‘ به ڪن عالمن جي علمي وقار ۽ خدمات جي سلسلي ۾ قوم پاران چيو ويو آهي. جئن علامه قاضي، علامه مشرقي،علامه علاء الدين صديقي، علامه شبلي، علامه مودودي ۽ علامه سيد سلمان ندوي. اڳئين دور ۾، ’ملا‘ هڪ وڏو اعزاز هو. ان سلسلي ۾، ملا علي قاري، ملا عبدالرحمان ’جامي‘، ملا معين ٺٽوي، ملا عبدالحڪيم سيالڪوٽي، ملا شوربازار، ملا باقر مجلسي (شيعو)، ملا عبدالقادر بدايوني، ملافيضي ۽ ملا ابولفضل مشهور آهن. وزيرن ۽ اميرن کي دبيرالملڪ، اميرالدوله، نجيب الودوله، سالار جنگ، بهادريار جنگ، وقار الملڪ، عمارالملڪ به لقب ڏنا ويا آهن. مذهبي عالمن کي رئيس المحدثين، خاتم المحدثين، خاتم الفقراء، قلم الفقراء، وغيره سڏيو ويو آهي. ان طرح ’سر‘ جو خطاب به انگريزن عام جام ڏنو. ان سلسلي ۾ سر فضل حسين، سر عبدالقادر، سر سيد احمد، سر عبدالرحيم، سر حسن امام، سر ساپرو، سرشاهنواز خان ڀٽو، ۽ سر غلام حسين مشهور معروف ماڻهو ٿي گذريا آهن. مرحوم رستم ڪيانيءَ، چيف جسٽس کي ’لسان پاڪستان‘ ۽ ’لسان قوم‘ سڏيو وڃي ٿو. ٻاهرين ملڪن جي ڏنل اعزاز ۾، ترڪيءَ پاران مرحوم حسن عليءَ کي افندي، جو لقب مليو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. اعزاز ۽ القاب- غلام احمد گرامي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع