لعل بخش جسڪاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لعل بخش جسڪاڻي

لعل بخش جسڪاڻي (انگريزي:Lal Bux Jiskani) سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ ۽ محقق آهي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، قائم خان جسڪاڻيءَ جي گهر ۾ پهرين جنوري 1947ع تي سنڌ جي ضلعي خيرپور ميرس جي ڪوٽ ڏيجيءَ شهر کان ڇھ ڪلوميٽر اولھ پاسي ڳوٺ جسڪاڻيءَ ۾ جنم ورتو[1]

تعليم[سنواريو]

لعل بخش چار درجا سنڌيءَ جا پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي پاس ڪيا. بعد ۾ ڪوٽڏيجي شهر جي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪائين. هن بي اي  سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد منجهان 1966ع ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ ايم اي سماجيات ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو مان ايم. اي 1968ع ۾ ڪيائين.[1]

علمي ۽ ادبي خدمتون[سنواريو]

پروفيسر جسڪاڻي 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو جي سماجيات واري شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، ڪجهه عرصي کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي تحقيقي ۽ تدريسي مرڪز، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ پروفيسر ٿيو. پروفيسر لعل بخش سينيئر استاد جي حيثيت ۾ تحقيق جي طريقن جهڙي اهم مضمون پڙهائڻ سان گڏ ايم. اي فائنل جي شاگردن جي لازمي مضمون جي تحقيقي مقالن جي تياريءَ لاءِ رهنما طور به ڪم ڪيو.[1][2]

ادبي ۽ تحقيقي ڪم[سنواريو]

پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي محقق ۽ مورخ[3] طور سنڌي توڙي انگريزي ٻولين ۾ لکيو آهي. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيل آهن. سندس ڇپيل ڪتاب سماجيات جو تعارف علم سماجيات بابت اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ تحقيقي مقالا شامل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "جسڪاڻي لعل بخش : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-21. 
  2. "Homage paid to Quaid-i-Azam at SU | ePaper | DAWN.COM". epaper.dawn.com. حاصل ڪيل 2019-12-21. 
  3. "يونس رومي" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-01.