مواد ڏانھن هلو

ديوتائن جا نالا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ديوتائن جا نالا (انگريزي: Names of gods ) دنيا ۾ قديم تھذيبن م سوين ديوتائن کي پوڄيو ويندو ھو جن جا مختلف درجا ھوندا ھئا.

ھندو مذھب جا ديوتا

[سنواريو]
شري ھري وشنو جو بت

ڌرمي پستڪن ۾ لکيل ڏند ڪٿائن جي اڀياس مان يوروپي عالمن کي سگهو ئي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو ته اهي ڏند ڪٿائون ڪن حقيقتن تان ٺهيل آهن، ۽ بي بنياد ڪينهن، انهن حقيقتن سمجهڻ لاءِ ضرور ڄاتائون ته اول اهي ڏند ڪٿائون سڀني ڌرمي پستڪن مان ڪڍي ڪٺيون ڪجن، ته پوءِ پوريءَ ريت ڀيٽ ڪرڻ ۽ انهن جو سچو پچو مطلب سمجهڻ سولو ٿئي. بس، پوءِ ته گهٽايائون ئي ڪين. هن وقت تائين هندن جي ويدن، اتهاسن ۽ پراڻن مان، ايران، بئلبونيا، اسيريا، مصر ۽ يورپ جي يوناني، رومن ڪيلٽڪ ۽ ٻين قومن جي ڌرمي پستڪن مان ڏند ڪٿائون ڪڍي، ڇاپائي پڌريون ڪيون اٿن. انهن مان ڪيترا تاريخي احوال ڪڍي، جدا جدا ملڪن جون تاريخون جوڙيون اٿن، بلڪه دنيا جي تاريخ به لکي اٿن. اهي سڀ تاريخون ويجهڙائيءَ ۾ هنن کوجنائن کان پوءِ ٺاهيون اٿن، نه ته اڳي ڪين هيون. انهن کوجنائن مان هڪ مکيه ڳالهه هيءَ ظاهر ٿي ته ڪيتريون ڏند ڪٿائون بلڪ ديوتائن جا نالا جهڙا هندن جي ڌرمي پستڪن ۾ تهڙا پارسين جي ”زنداوستا“ ۽ رومن ۽ يوناني لوڪن جي ڏند ڪٿائن ۾! مثلاً رگ ويد مان ڄاڻ ملي ٿي ته آڳاٽا آريا لوڪ آڪاس يا آسمان کي پتا (پيءُ) ۽ پرٿويءَ يا ڌرتيءَ کي ماتا (ماءُ) ڪوٺيندا هئا. آڪاس کي سڏيندا هئا ”ديوس بتر، (Dyus-pitra = ابو اڪاس) جنهن جو اچار لئٽن ٻوليءَ ۾ آهي جوپيٽر (Ju-piter) ۽ هينئر معنيٰ اٿس مشتري يا ورهست ديوتا. جوپيٽر جو منڍ وارو جو جو اچار يوروپي لوڪن ڦيرائي ”ٽيو“ (Tiu) به ڪيو، جنهن مان انگريزي لفظ ٽيوزڊي (Tuesday منگل) ٺهيو. سنسڪرت ديوس جو اچار يونانين ڦيري زينوس (Zeus) ڪيو ۽ اهو هڪ وڏو ديوتا ڪري ليکيندا هئا. رگ ويد ۾ آڪاس جي هڪ مکيه ديوتا جو نالو ورڻ ڄاڻايل آهي، جنهن جي بنيادي معنيٰ آهي ڍڪيندڙ ”ور“ Vri معنيٰ ڍڪڻ. سموريءَ ڌرتيءَ ۽ جبلن، ندين، ساگرن (سمنڊن) ۽ مها ساگرن (وڏن سمنڊن(Oceans کي آڪاس مٿان ڍڪي بيٺو آهي، تنهنڪري آڪاس جي ديوتا تي اهو ورڻ (ڍڪيندڙ) نالو رکيائون.

هن وقت هندو ماڻهو ورڻ ديوتا کي پاڻيءَ جو ديوتا ڪري ليکين ٿا، پر رگ ويد واري زماني ۾ ورڻ ديوتا جو وڏو واسطو تارن ڀريل رات سان هو ۽ ڏينهن جو ديوتا متر (سورج) سڏبو هو، تنهنڪري رگ ويد ۾ ورڻ ۽ متر نالا گهڻن هنڌن گڏ ڪم آيا آهن. ورڻ جو اچار پارسين جي زنداوستا ۾ ورين (Vareena) ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اُرينس يا يورينس. (Ouranous or Uranos) متر جو اچار زنداوستا ۾ مٿر آهي ۽ هاڻوڪي پارسيءَ ۾ ان جو اچار بگڙجي مهر ٿيو آهي؛ پر اڄ به معنيٰ اٿس ”سج“ (سورج ديوتا). سنسڪرت لفظ متر جو اچار قديم ايرانين وانگر قديم رومن لوڪ به ڪيو مٿر (Mithra) ۽ انهيءَ سبب متر ديوتا جا پوڄاري مٿريسٽ (Mithraist) سڏجڻ ۾ آيا، ۽ متر ديوتا جي پوڄا تي مٿر سيزم (Mithra-ism. Mithra-icism) نالو پيو. [1] [2] [3] [4] [5]

قديم مصر جا ديوتا

[سنواريو]

مصري مختلف ديوتائن جي پوڄا ڪندا هئا، جن مان ڪي ته ڪن خاص قبيلن ۽ علائقن جا هئا. جهڙوڪ، نينات (Nebnat) فتا (Ptah)۽ مات (Maat). ڪي سندن خيال مطابق، عالمگير قوتن جو جدا جدا ظهور رکندڙ هئا. جيئن اوزيرس (Osiris)، عالم آخرت جو خدا. ميه اورت آسمان جو خدا، ڪنيمو (Knemos) جسم ٺاهڻ وارو خدا. ايزيز (Isis) روح بخش واري ديوي، طوط (Thoth) عمر جي حد مقرر ڪرڻ وارو، هورس (Horus) ڏکڻ ۽ سورن کان ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو، حاثور (Hathor)، روزي بخشڻ وارو ۽ انهن سڀني کان مٿاهون آمن رع (Ammon Ra)، يعني سج ديوتا هو[6]. مصرين ۾ اُلوهيت گاڏڙ شاهي تصور به پوريءَ طرح نشو و نما وٺي چڪو هو ۽ مصر جو بادشاهه، نيم خدا جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو. ان جو لقب ”فارع“ ان ڪري ٿيو جو هو ”رع“ يعني سج جو اوتار سمجهيو ويندو هو[6].

حوالا

[سنواريو]
  1. قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2020-10-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-09 
  2. "Dyus-pitra. 'Heavenm, the Father'. Is no other than Greek Zeus. Zeus-Pater Latin Dies-Piter. Jupiter." L.A. RagozinL Vedic India. Page 137.
  3. The cognate dyaus. 'heaven'. Is extant. In the Greek Zeus. Gen Dios, and the name of an ancient Teutonic god Tius. Preserved in the word. Tuesday'. Dr. Martin Haug: Essays on Religion of the Parsis. Page 282
  4. * "Varuna" is identical with the good Uranos of the Greeks." Dr. Martin Haug: Essays on the Sacred language, writings and Religion of the Parsis, Page 273. See also Prof. Max Muller's Chiops from a German workshop. ii.65
  5. ڪتاب: قديم سنڌ، ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي
  6. 6.0 6.1 ڪتاب جو نالو: صدين جون صدائون (انساني سعادتن ۽ ان جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ جي حسناڪين جو ڏاهپ حڪمت ۽ اسلامي فڪر جي روشنيءَ ۾ مطالعو) ليکڪ: امام الهند مولانا ابوالڪلام آزاد سنڌيڪار: عبدالرزاق ڊکڻ ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ڊجيٽل ايڊيشن : 2020ع سنڌ سلامت ڪتاب گهر books.sindhsalamat.com-