لال سنگھ اجواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي ٻوليءَ جو عالم ۽ تعليمدان لالسنگهہ هزاري سنگهہ اجواڻي 1899ع ۾ سنڌ ۾ ڄائو. سنڌ ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيڻ بعد، ڀارت ۾ نئشنل ڪاليج باندرا (بمبئي) مان پرنسپاليءَ تان رٽائر ٿيو. هن مرڪزي ساهتيہ اڪادميءَ تي ڪيترن سالن تائين سنڌي زبان جي نمائندگي ڪئي ۽ سنڌي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر رهيو. هي ڪيترن ئي سنڌي ۽ انگريزي ڪتابن جو مصنف هو. ”History of Sindhi Literature“. سندس شاهڪار ڪتاب آهي، جنھن جو پھريون ڇاپو، ساهتيہ اڪادمي دهليءَ پاران 1970ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، ٻيو ڇاپو 1977ع ۾، ٽيون ڇاپو 1990ع ۾ ۽ چوٿون ڇاپو 1994ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڊيمي سائيز جي 226 صفحن تي مشتمل پڪي جلد واري هن ڪتاب جي چوٿين ڇاپي جي قيمت 80 رپيا آهي. هي ڪتاب ’هندستاني ٻولين جي ادب‘ واري سلسلي جو اٺون ڪتاب آهي، جڏهن تہ ان کان اڳ آسامي، بينگالي، ميٿلي، ملايالم، اُڙيا، ڪنڙ ۽ تيليگو زبان جي ادب جون تاريخون اڳئي اداري پاران ڇپجي چڪيون آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌ ۽ سنڌي، سنڌي ٻولي ۽ ان جو بڻ بنياد، صوفي ازم ۽ سنڌي طرز زندگي، شاھ عبداللطيف، سچل سرمست، انگريزن کان اڳ جي دور جا ليکڪ، سامي، انگريزي دور جو سنڌي نثر ۽ ڊراما وغيره شامل آهن. اجواڻي صاحب 1976ع ۾ وفات ڪري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]