لائوس
لائو عوام جي جمھوريا لائوس | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
| گادي جو هنڌ | ويانچان 17°58′N 102°36′E / 17.967°N 102.600°E | ||||
| سڀ کان وڏو شهر | ويانچان | ||||
| دفتري ٻوليون | لائو | ||||
| تسلیم ٿيل ٻوليون | فرينچ [1] | ||||
| مروج ٻوليون | |||||
| نسلي گروھ (2005[2]) |
| ||||
| مذهب | بدھ مت %64.7 تائی مقامی مذھب %31.4 عيسائيت %1.7 اسلام %0.8 بیا %1.3 | ||||
| مقامي آبادي | لائو لائوشیئن | ||||
| حڪومت | وحداني، مارڪسي، ھڪ پارٽي واري، سوشلسٽ رياست | ||||
• پارٽي جنرل سيڪرٽري ء صدر |
بونھانگ ووراچيٿ | ||||
• نائب صدر |
ڦانکام ويڦاوانھ | ||||
• وزیر اعظم |
ٿونگلون سيسوليٿ | ||||
• قومی اسیمبلي جو صدر |
پني ياٿوتو | ||||
| مقننه | قومی اسیمبلي | ||||
| بنیاد | |||||
• لانچان بادشاھت |
1354ع سان 1707ع تائین | ||||
• لانچان جو زوال، لوانگ ڦرابانگ جی بادشاھت، ويانچان جی بادشاھت، چمپاساک جی بادشاھت ء ڦوان جی ریاست |
1707ع سان 1778ع تائین | ||||
• ٿنبری ۽ سیام جی باجگذار |
1778ع سان 1893ع تائین | ||||
• جانشینی جی جنگ |
1826ع سان 1828ع تائین | ||||
• فرانس جي انڊو-چائنا نو آبادي جو حصو |
1893ع سان 1949ع تائین | ||||
• آزادی جو اعلان |
19 جولاء، 1949ع | ||||
• فرانس کان آزادی |
22 آکتوبر، 1953ع | ||||
• لائوشیئن گھرو ويڙهه |
9 نویمبر، 1953ع کان 2 دیسیمبر، 1975ع تائین | ||||
• لائو بادشاھت جو خاتمو |
2 دسیمبر، 1975ع | ||||
• موجود آئین |
14 آگسٽ، 1991ع | ||||
• آسیان اعلامیو |
23 جولاء، 1997ع | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي |
237٬955 km2 (91٬875 sq mi) (82nd) | ||||
• پاڻي (%) |
2 | ||||
| آبادي | |||||
• اندازو |
6,758,353[3] (103ھون) | ||||
• 2015ع مردم شماري |
70,96,376 6,492,228[4] | ||||
• گھاٽائي |
26.7 /km2 (69.2 /sq mi) (177ھون) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018ع لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
53.752 بلین آمريڪي ڈالر[5] | ||||
• في سيڪڙو |
7,932 آمريڪي ڈالر[5] | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018ع لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
18.337 بلین آمريڪی ڈالر[5] | ||||
لاؤس (Laos)، سرڪاري طور لاؤ عوامي جمهوري جمھوريا، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ زمين سان گھيريل هڪ سوشلسٽ رياست آھي جيڪا ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هند-چيني جزيري نما جي وچ ۾ آهي. لاوس اتر۔اولهه ۾ ميانمار ۽ چين، اوڀر ۾ ويٽنام، ڏکڻ۔اوڀر ۾ ڪمبوڊيا ۽ اولهه ۽ ڏکڻ۔اولهه ۾ ٿائلينڊ کان سرحدون رکي ٿو. ان جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر ويانچان آهي.
موجوده ڏينهن لاؤس پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي سڃاڻپ "لانچان"، 13ھین کان 18ھین صدي تائين، ڏکڻ اوڀر ايشيا جي وڏي بادشاهتن مان هڪ، ڏانهن ڇڪي ٿو. ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ان جي مرڪزي جاگرافيائي مقام جي ڪري، اها زميني رستن سان واپار جو مرڪز ۽ اقتصادي ۽ ثقافتي طور تي مالدار بادشاھت بڻجي وئي. اندروني تڪرار جي عرصي کان پوء، لانچان بادشاھت ٽي جدا جدا سلطنتن؛ لوانگ ڦرابانگ، ويانچان ۽ چمپاسڪ، ۾ ورهائي وئي. سال 1893ع ۾، ٽين رياستون فرانس جي سامراجي قبضي هيٺ آيون ۽ ھنن کي هڪ ئي نالي، "لائوس" سان فرانس پنهنجي انتظام هيٺ ڪيو.
لاؤس ٻي مهاڀاري جنگ دوران جاپان جي قبضي ۾ هو ۽ 1945ع ۾ جاپاني ڪٺ پتلي رياست جي حيثيت ۾ مختصر طور تي آزادي حاصل ڪئي پر فرانس طرفان ٻيهر نوآبادي ۾ رکيو ويو جيستائين ان کي 1949ع ۾ خودمختياري ملي. هن 1953ع ۾ لاؤس جي بادشاهت جي حيثيت سان آزادي حاصل ڪئي، جنهن ۾ آئيني بادشاهت سيساوانگ وانگ هيٺ آئي. 1959ع ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي، جنهن ۾ اتر ويٽنام ۽ سوويت يونين جي مدد سان ڪميونسٽ "پاٿئٽ لاو" ۽ آمريڪا جي حمايت واری "رائل لاؤ" هٿياربند فوجن خلاف وڙهندي ڏٺو. 1975ع ۾ ويٽنام جي جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ، لاؤ پيپلز ريووليوشنري پارٽي اقتدار ۾ آئي، گهرو ويڙهه ۽ بادشاهت جو خاتمو ڪيو. ان کان پوءِ لاوس سال 1991ع ۾ سوويت يونين جي خاتمي تائين، سوويت يونين جي فوجي ۽ معاشي امداد تي انحصار ڪندو هو.
لاوس ايشيا۔پئسفڪ واپاري معاهدي، آسيان، اوڀر ايشيا سمٽ، ۽ فرانسيسي ڳالھائيندڙ ملڪن جي تنظيم "لا فرانڪوفوني" جو ميمبر آهي. لاوس سال 1997ع ۾ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جي رڪنيت لاء درخواست ڪيو ۽ 2 فيبروري، 2013ع تي ان کي مڪمل رڪنيت ڏني وئي. اها هڪ پارٽي واري سوشلسٽ جمهوريه آهي، جن تي مارڪسزم۔ليننزم جي اصولن تي لاؤ پيپلز ريووليوشنري پارٽي جي حڪومت آهي، جنهن تحت غير سرڪاري تنظيمون ملڪ جي انساني حقن جي ريڪارڊ کي غير معمولي طور تي خراب قرار ڏينديون آھن. بار بار بدسلوڪي، جهڙوڪ تشدد، شهري آزادين تي پابندين ۽ اقليتن تي ظلم جو حوالو ڏينديون آھن. سياسي ۽ ثقافتي طور تي غالب لاؤ نسل اڪثر ڪري هيٺاهين علایقن رھندڙ آهي ۽ آبادي جو %53.2 ٺاهيندي آهي. مون۔کيمر، هامونگ ۽ ٻيا مقامي جبل واري قبيلن جا ماڻهو، اتر جي جابلي علائقي ۾ رهن ٿا.
لاوس جي ترقيءَ لاءِ حڪمت عمليون دريائن مان بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن يعني ٿائيلينڊ، چين ۽ ويٽنام کي بجلي وڪڻڻ تي ٻڌل آهي. ان سان گڏ هڪ ”زمين سان جڙيل“ قوم ان جي ابتڙ آهي، جنهن جو ثبوت، لاوس ۽ پاڙيسري کي ڳنڍڻ لاء چار نئين ريلوي لائینن جي تعمير آهي. لاوس جو حوالو، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ پئسفڪ جي تيز ترين وڌندڙ معيشتن مان هڪ مان ڏنو ويو آهي. ورلڊ بئنڪ پاران سالياني GDP جي اوسط 7.4 سيڪڙو جي اوسط 2009ع کان، باوجود اقوام متحده پاران گهٽ ۾ گهٽ ترقي يافته ملڪ جي طور تي درجه بندي ڪئي وئي.
نالو
[سنواريو]تاريخ
[سنواريو]جاگرافي
[سنواريو]انتظامي ورھاست
[سنواريو]حڪومت ۽ سياست
[سنواريو]معيشت
[سنواريو]آباديات
[سنواريو]ثقافت
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "The Languages spoken in Laos", Studycountry, حاصل ڪيل 16 September 2018۔
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedcia.gov - ↑ "World Population Prospects: The 2017 Revision", ESA.UN.org (custom data acquired via website), United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division, حاصل ڪيل 10 September 2017۔
- ↑ "Archived copy", اصل کان 13 November 2016 تي آرڪائيو ٿيل۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|deadurl=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - 1 2 3 "World Economic Outlook Database, April 2018, Laos", International Monetary Fund, April 2018, حاصل ڪيل 28 April 2018۔