مواد ڏانھن هلو

لئائوننگ صوبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لِئَائَونِنگ صوبو

Liaoning
Map showing the location of Liaoning Province
نقشي ۾ لِئَائَونِنگ صوبو نمايان ڏيکاريل
Coordinates: 41°06′N 122°18′E / 41.1°N 122.3°E / 41.1; 122.3
ملڪعوامي جمهوريه چين
سڃاڻپ Liáo—"لئائو ندي"
níng—"سڪون"
"لئائو ندي سان پرسڪون"
گادي جو هنڌ
( ۽ سڀ کان وڏو شھر)
شينيانگ
انتظامي ورهاست14 پريفيڪچر، 100 ڪائونٽيون، 1511 ٽائون شپ
حڪومت
• طرزصوبائي
• باڊيلئائوننگ جي صوبائي پيپلز ڪانگريس
• چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽريجينگ گئوچنگ
• صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمينجينگ گئوچنگ
• گورنرلئو ننگ
• پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمينجئو بو
ايراضي
• ڪل145,900 چورس ڪلوميٽر (56,300 چورس ميل)
ايراضي درجو21 وڏو صوبو
آبادي
 (2010)[2]
• ڪل43,900,000
• اندازو
(2020)
44,312,450
• درجو14ھو وڏو صوبو
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
• ڪثافتي درجو15ھون وڏو صوبو
Demographics
ISO 3166 ڪوڊCN-LN
GDP (2017 [3])CNY 2.39 trillion
354.60 USD billion (14th)
 • per capitaCNY 54,745
USD 8,108 (14th)
HDI (2018)Increase 0.777[4] (high) (7th)
ويب سائيٽwww.ln.gov.cn
Liaoning
"لئائوننگ" آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون)
چیني نالو
آسان چیني 辽宁
روایتي چیني 遼寧
لغوي معنیٰ "لئائو ندي سان پرسڪون ٿيل"
مانچو نالو
مانچو ᠯᡳᠶᠣᠣᠮᠨᡳᠩ
ᠮᡤᠣᠯᠣ

لئائوننگ(انگريزي: Liaoning ) عوامي جمهوريه چين جي اتر اوڀر ريجن ۾ واقع ھڪ ساحلي صوبو آهي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ شينيانگ شھر آھي. ھي صوبو پيلي سمنڊ جي اترئين ڪناري تي واقع آهي. تاريخي طور تي ھن خطي کي اصل چين ۽ منچوريا جي وچ وارو دروازو سڏيو ويندو آهي. موجوده لئائوننگ صوبو 1907ع ۾ فينگٽيان يا فينگٽائن جي نالي سان قائم ٿيو ھو بعد ۾ 1929ع ۾ ان جو نالو لئائوننگ رکيو ويو. ان وقت ھن صوبي کي مڪدين صوبو پڻ سڏيندا ھئا. منچوريائي ٻولي ۾ ان کي شينگجنگ سڏيندا ھئا جيڪو شينيانگ شھر جو پراڻو نالو ھو. چين ۾ ھي صوبو نقشي ۽ اسٽريٽجڪ مقام جي نسبت سانگولڊن ٽرائينگل (سونھري ٽڪنڊو) طور ڄاتو ويندو آهي[5]. ان جي ڏکڻ ۾ پيلو سمنڊ (ڪوريائي اپسمنڊ ۽ بوھائي سمنڊ)، ڏکڻ اوڀر ۾ اتر ڪوريا جا پيونگان ۽ چاگانگ صوبا، اتر اوڀر ۾ جيلن، ڏکڻ اولھ ۾ ھيبئي ۽ اتر اولھ ۾ انر منگوليا واقع آهن. ھن صوبي ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ يالو ندي چين اتر ڪوريا جي سرحد جي آھي. اھا ندي اتر ڪوريا جي صوبي اتر پيونگان جي گادي واري شهر سنويجو ۽ ھن صوبي جي پريفيڪچر واري شھر ڊانڊونگ وچ مان گذرندي ڪوريائي اپسمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

معيشت

[سنواريو]
شينيانگ شھر جيڪو لئائوننگ جي گادي جو هنڌ آهي
ڊالئان لئائوننگ جو ٻيون نمبر وڏو شهر آهي

لئائوننگ جي معيشت اتر اوڀر چين جي سڀ کان امير ۽ وڏي معيشت آھي. ان جي ناليوار جي ڊي پي 2017ع ۾ 2.39 ٽرلين يوئان (354 ارب ڊالر) ھئي. اھا چين جي 31 انتظامي ورھاستن ۾ 14گون نمبر وڏي معيشت ھئي. ھن صوبي جي سرفهرست صنعتن ۾ پيٽروڪيميڪل، ميٽلرجي، اليڪٽرانڪس، ٽيليڪميونيڪيشن ۽ مشينري واريون صنعتون شامل آهن[6]. قومي سطح تي ھي صوبو چين جي ٽن وڏن وڌيڪَ لوھ، اسٽيل ۽ ڌاتو ڪٽيندڙ مشيني اوزار ٺاھيندڙن ۾ شامل آھي. ڪچي مال ٺاھيندڙ چيني صوبن ۾ پڻ سرفهرست آهي. شينيانگ ۽ ڊالئان شھر ھن صوبي جا صنعتي مرڪز آھن. ھن صوبي جي زرعي پيداوار ۾ مڪئي، سويابين ۽ جوئر سرفهرست آهن. ڊالئان پريفيڪچر وارو علائقو چين ۾ صوف ۽ آڙو جي ڪل پيدوار جو 75 سيڪڙو پيداوار ڏئي ٿو. ھن صوبي ۾ ڪپھ جي پيداوار پڻ ٿئي ٿي. ميون ۾ ھتي گولڊن آڙو، صوف کان سواءِ ناشپتي ،اڇي ناشپتي، آلوبخاري ۽ زردالو جي پيداوار پڻ ڪثرت سان ٿئي ٿي. ھن صوبي ۾ لوھ، ميگنيز، ھيرو|ھيرن ۽ بوران جا وڏا ذخيرا آھن جن کي کاڻن ذريعي زمين مان برآمد ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ ھتي پيٽرول ۽ قدرتي گيس پڻ ملن ٿا. صوبي جا ساحلي علائقا ۾ لوڻ جي پيداوار ڏين ٿا.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Doing Business in China - Survey". Ministry Of Commerce – People's Republic Of China. 5 August 2013 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: deprecated archival service (ڳنڍڻو)
  2. "Communiqué of the National Bureau of Statistics of People's Republic of China on Major Figures of the 2010 Population Census [1] (No. 2)". National Bureau of Statistics of China. 29 April 2011. اصل نسخو مان July 27, 2013 تي محفوظ ڪيل. 4 August 2013 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: line feed اکر in |title= at position 82 (مدد)
  3. 辽宁省2017年国民经济和社会发展统计公报 [Statistical Communiqué of Liaoning on the 2017 National Economic and Social Development] (چيني ۾). Liaoning Bureau of Statistics. 2018-02-25. 2018-06-22 تي حاصل ڪيل.
  4. "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org. 2020-04-17 تي حاصل ڪيل.
  5. "Liaoning Travel Guide: Map, History, Sightseeing, Ethnic Minority, Climate". 2010-03-14 تي حاصل ڪيل.
  6. "Archived copy". اصل نسخو مان 2011-10-08 تي محفوظ ڪيل. 2011-10-27 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: archived copy as title (ڳنڍڻو)