مواد ڏانھن هلو

ھيبئي صوبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھيبئي صوبو

Hebei
Map showing the location of Hebei Province
نقشي ۾ ھيبئي صوبو نمايان ڏيکاريل
Coordinates: 39°18′N 116°42′E / 39.3°N 116.7°E / 39.3; 116.7
ملڪعوامي جمهوريه چين
سڃاڻپ —"پيلي ندي"
běi—"اتر"
"پيلي ندي جي اتر ۾"
گادي جو هنڌ
(۽ سڀ کان وڏو شھر)
بئوڊنگ (1729–1913, 1935–1937, 1946–1947, 1949–1958, 1966–1968)
بيجنگ(1928–1930, 1945–1946, 1947–1949)
تيانجين (1870–1902, 1913–1928, 1930–1935, 1958–1966)
شجيئاشئنگ (1968– ھاڻي تائين)
انتظامي ورهاست11 پريفيڪچر، 121 ڪائونٽيون، 2207 ٽائون شپ
حڪومت
• طرزصوبائي حڪومت
• باڊيصوبائي پيپلز ڪانگريس
• ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽريوانگ ڊانگفينگ
• پيپلز ڪانگريس جو چيئرمينوانگ ڊانگفينگ
• گورنرشو چن
• پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمينيي ڊانگسانگ
ايراضي
• ڪل188,800 چورس ڪلوميٽر (72,900 چورس ميل)
ايراضي درجوپکيڙ م 12ھون وڏو صوبو
آبادي
 (2016)[1]
• ڪل74700500
• اندازو
(2019)
75,920,000
• درجوآبادي ۾ 6ھون وڏو صوبو
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
• ڪثافتي درجو11th
Demographics
آء ايس او 3166 ڪوڊCN-HE
GDP (2017 [2])CNY 3.60 trillion
USD 532.66 billion
$1.0 trillion (PPP)
(8th)
 • per capitaCNY 47,985
USD 7,107 (18th)
HDI (2018)Increase 0.737[3]
high · 20th
ويب سائيٽwww.hebei.gov.cn
(Simplified Chinese)
english.hebei.gov.cn (English)
ھيبئي صوبو
"ھيبئي" چيني ٻولي ۾ لکيل
چیني 河北
لغوي معنیٰ "پيلي ندي جو اتريون پاسو"
اختصار
چیني
لغوي معنی جديد ڏکڻ ھيبئي ۾ ھڪ قديم صوبو
جيلي صوبو
روایتي چیني 直隸
آسان چیني 直隶省
لغوي معنی "سڌي راڄ ھيٺ"

ھيبئي(انگريزي: Hebei )河北 ; ھوپيھ(انگريزي: Hopeh ) اتر چين واري ريجن ۾ واقع عوامي جمهوريه چين جو ھڪ ساحلي صوبو آهي. 1911ع ۾ بطور جديد صوبي جي ان جو نالو جيلي صوبو رکيو ويو ھو. ان جي گادي جو هنڌ شجيئاشئنگ شھر آھي. لفظ ھيبئي جي معني آهي "ندي جو اتريون پاسو" آھي[4] اھو صوبو پيلي ندي جي اترئين پاسي ۾ واقع ھجڻ ڪري ان تي ھيبئي نالو پيو[5] ھي صوبو دنيا جي انھن علائقن منجھ شامل آهي جتي تھذيبن جي شروعات ٿي ھئي[6] تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ بيجنگ ھن علائقي جو گاديءَ جو هنڌ ٿيندو رھيو آھي. ھي صوبو زرعي جنسن جي پيداوار سان سرشار آهي. انھن م مختلف اناج، ميوا ۽ ڪپھ شامل آهن. ھي صوبو چين جو پھريون صوبو آهي جتي صنعتي ترقيءَ جو آغاز ٿيو[7][8] مينيوفيڪچرنگ جو مرڪز ھئڻ ڪري ھتان جي اسٽيل جي پيدوار چين م پھرين نمبر تي رھي آھي. صنعتن ھتي فضائي گدلاڻ جي مسئلي کي سنگين ڪري ڇڏيو آهي[9] بيجنگ ميونسپلٽي ۽ تيانجين ميونسپلٽي وارا علائقا ھن صوبي مان ڌار ڪري چيني حڪومت جي سڌي اختيار ھيٺ آندا ويا. ھن صوبي جون حدون اتراوڀر ۾ لئائوننگ، اتر ۾ انر منگوليا، اولھ ۾ شانڪسي صوبو، ڏکڻ ۾ ھينان، ڏکڻ اوڀر ۾ شئنڊانگ ۽ اوڀر ۾ بوھائي سمنڊ جو بوھائي نار واقع آهي. ھن صوبي ۾ پنج مقام عالمي ورثو قرار ڏنل آهن جن ۾ ڪينگدي مائونٽين رزارٽ، ديوار چين، گرينڊ ڪئنال، اوڀر وارا چنگ گھراڻي جا مقبرا، ۽ اولھ وارا چنگ گھراڻي جا مقبرا شامل آهن. ھن صوبي جي آبادي ست ڪروڙ چاليھ لک آھي ۽ اھو آبادي ۾ چين جو ڇھون نمبر وڏو صوبو آھي. آبادي جو 96 سيڪڙو ھان چيني ماڻھن تي مشتمل آهي. اقليتن ۾ مانچو، ھئي ۽ منگول شامل آهن.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Communiqué of the National Bureau of Statistics of People's Republic of China on Major Figures of the 2010 Population Census [1] (No. 2)". National Bureau of Statistics of China. 29 April 2011. اصل نسخو مان 27 July 2013 تي محفوظ ڪيل. 4 August 2013 تي حاصل ڪيل.
  2. 河北省2017年国民经济和社会发展统计公报 [Statistical Communiqué of Hebei on the 2017 National Economic and Social Development] (چيني ۾). Statistical Bureau of Hebei. 2018-02-28. 2018-06-22 تي حاصل ڪيل.
  3. "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org. 2020-04-17 تي حاصل ڪيل.
  4. "Yellow bridge Chinese Dictionary". Yellow Bridge. 15 April 2016 تي حاصل ڪيل.
  5. (in Chinese) Origin of the Names of China's Provinces آرڪائيو ڪيا ويا 2016-04-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., People's Daily Online.
  6. 中国大百科全书出版社汇编, مرتب (1998). 中国大百科全书. 中国地理 (1 ڇاپو). 北京: 中国大百科全书出版社. ص. 169.
  7. "河北概况". 河北省人民政府. اصل نسخو مان 2020-08-13 تي محفوظ ڪيل. 2020-01-23 تي حاصل ڪيل.
  8. "河北省工业经济概况". 河北省工业和信息化厅. اصل نسخو مان 2020-01-21 تي محفوظ ڪيل. 2020-01-23 تي حاصل ڪيل.
  9. "河北钢铁工业概况". 中国铁合金网. اصل نسخو مان 2020-02-18 تي محفوظ ڪيل. 2020-01-23 تي حاصل ڪيل.