قلات تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(قلات سب ڊويزن کان چوريل)
قلات تعلقو
ڪلات
بلوچستان جو تعلقو
قلات سب ڊويزن
قلات شھر جو ھڪ منظر
قلات شھر جو ھڪ منظر
قلات تعلقو is located in Balochistan, Pakistan
قلات تعلقو
قلات تعلقو
قلات تعلقو is located in Pakistan
قلات تعلقو
قلات تعلقو
پاڪستان ۽ بلوچستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 29°03′26″N 66°35′38″E / 29.05722°N 66.59389°E / 29.05722; 66.59389مڪانيت: 29°03′26″N 66°35′38″E / 29.05722°N 66.59389°E / 29.05722; 66.59389
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو بلوچستان
ضلعو قلات ضلعو
صدر مقام قلات شھر
آبادي (2017)
 • ڪل [1]

قلات تعلقو (انگريزي: Qalat Tahsil) يا قلات سب ڊويزن،(انگريزي: Qalat sub division ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي قلات ڊويزن جي ضلعي قلات جي قلات سب ڊويزن جي هڪ تعلقو يا سب ڊويزن آهي جنھن جو صدر مقام قلات شھر آھي. ھن تعلقي ۾ ٽي سرڪلون، 10 پٽوار (تپا)، 231 مئوزا (ديھون) واقع آهن. [2] انھن مان 136 مئوزن م ٻھراڙيءَ ۽ ھڪ مئوزي ۾ شھري آبادي رھندڙ آھي باقي 94 مئوزن ۾ ڪا بہ وسندي ڪانہ آھي.[2] تحصيل ۾ سڀ کان وڏو انتظامي نگران تحصيلدار ھوندو آھي ۽ سب ڊويزن م سڀ کان وڏو انتظامي نگران اسٽنٽ ڪمشنر ھوندو آھي. سب ڊويزن م ھڪ کان وڌيڪَ تحصيلون يا سب تحصيلون پڻ ھونديون آھن. گازگ سب تحصيل قلات سب ڊويزن جو حصو آهي. قلات سب ڊويزن م واقع ٻين وسندين ۾ ڳوٺ علي جان، بڊوزئي، نچرا، ماماتاوا، بين چاھ، ڇائو، شھر حاجي ۽ مارگاند شامل آهن. ھنن سب ڊويزن ۾ برساتي پاڻي کي جمع ڪرڻ لاء قلات شھر جي اولھ ۾ جبلن اندر ھڪ نئو نلونگ ڊيم پڻ واقع آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. - https://www.citypopulation.de/php/pakistan-distr-admin.php?adm2id=82405
  2. 2.0 2.1 [ https://www.pbs.gov.pk › acoPDFBalochistan Province Report on Mouza Census 2008]