عبدالله

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حضرت عبدالله عبدالمطلب جو پٽ آهي


حضرت عبدالمطلب جي منت[سنواريو]

اُٺن تي قرا نڪرڻ سان عبدالله قرباني کان بچي ويا ته حضرت عبدالمطلب جن کي سندن شادي جو فڪر ٿيو ۽ پاڻ قبيلي بنون زهره جي رئيس وهب بن عبدالمناف جي ڌي آمنه سان سند شادي ڪرائي ڇڏي[1]۔ خود عبدالمطلب به وهب جي هڪ ٻي نياڻي (هاله) سان نڪاح ڪيو۔ جنهن مان حضرت حمزه رضه جن پئدا ٿا۔ ائين حضرت حمزه رضيه جن نبي سائين صلعم جي چاچي هُئڻ سان سندن ماسات به آهن۔

شادي[سنواريو]

هڪ روايت موجب حضرت آمنه جي شادي وقت حضرت عبدالله جي عُمره 17 سالن کان ڪُجهه مٿي هُئي هو واپار سانگي شام ويا هُئا ته واپسي وقت يثرب ۾ بيمار ٿي پيا ۽ وفات ڪري ويا۔ پاڻ وراست ۾ اُٺ، ٻڪريون ۽ هڪ ٻانهين ڇڏي ويا هُئا جنهن جو نالو (برڪه) ۽ رُڪنيت (اُم ايمن) هُئي۔ حضرت عبدالله جي وفات کان هڪ مهنو پو بمُطابق 9 ربيع الاول مطابق 22 اپريل 571ع(تاريخ ۾ اختلاف آهن) ۾ حضرت آمنه رضه جي بطن مان نبي سائين صلي الله عليه وسلم جن پيدا ٿيا[2]

حوالا[سنواريو]