قراقرم ايڪسپريس
قراقرم ایکسپریس (اردو: قراقرم ایکسپریس) ھڪ مسافر ٽرين آھي جيڪا روزاني پاڪستان ريلوي طرفان ڪراچي ۽ لاهور جي وچ ۾ ھلائي ٿي.[1] 1241 ڪلوميٽر جي شايع ٿيل فاصلي کي پورو ڪرڻ لاءِ سفر لڳ ڀڳ 17 ڪلاڪ ۽ 45 منٽ لڳن ٿا، ڪراچي۔پشاور ريلوي لائين، خانيوال۔وزيرآباد برانچ لائين ۽ شاھدرا باغ۔سانگلا هل برانچ لائين جي ھڪڙي حصي سان سفر ڪندي آھي.[1] ٽرين جو نالو اتر پاڪستان جي مشهور جبل قراقرم جي نالي تي رکيو ويو آهي.
رستو
[سنواريو]• ڪراچي ڪينٽ۔خانيوال جنڪشن ذريعي ڪراچي۔پشاور ريلوي لائين
• خانيوال جنڪشن۔سانگلا هل جنڪشن ذريعي خانيوال۔وزيرآباد برانچ لائين
• سانگلا هل جنڪشن۔شاهدرا باغ جنڪشن ذريعي شاهدارا باغ۔سانگلا هل برانچ لائن
• شاھدرا باغ جنڪشن۔لاهور جنڪشن ذريعي ڪراچي۔پشاور ريلوي لائين
اسٽيشن اسٽاپ
[سنواريو]• ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن
• حيدرآباد جنڪشن ريلوي اسٽيشن
• روهڙي جنڪشن ريلوي اسٽيشن
• بهاولپور ريلوي اسٽيشن
• خانيوال جنڪشن ريلوي اسٽيشن
• ٽوبا ٽيڪ سنگھ ريلوي اسٽيشن
• فيصل آباد ريلوي اسٽيشن
• لاهور جنڪشن ريلوي اسٽيشن
سامان
[سنواريو]ٽرين 13 اڪانومي ڪلاس بوگين، 4 ايئر ڪنڊيشنڊ بزنس ڪلاس بوگين، هڪ پاور وين ۽ هڪ سامان جي وين جي گڏ هلندي آهي.
حوالا
[سنواريو]- 1 2 Mughal, Owais (29 October 2004), "Pakistan Railway Train Names", irfca.org, Indian Railways Fan Club, حاصل ڪيل 19 June 2017۔