ڪراچي۔پشاور ريلوي لائين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پاڪستان ريلوي جو اليڪٽرڪ لوڪو موٽیو - ڪلاس 7026 -BCU30E

ڪراچي-پشاور ريلوي لائين جنهن کي مين لائين 1 يا مختصر طور ML-1 جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو، ڪياماڙي ريلوي اسٽيشن يا ڪراچي سٽي ريلوي اسٽيشن کان شروع ٿئي ۽ پشاور ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تي ختم ٿئي ٿو. ريلوي لائين جي ڪل ڊگھائي 1687 ڪلوميٽر آهي.

ڪياماڙي ريلوي اسٽيشن کان پشاور ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تائين هن لائين تي 174 ريلوي اسٽيشنون آهن. هي ريلوي لائين ملڪ جي مکيه مسافرن ۽ مال بردار لائن طور ڪم ڪري ٿي. ملڪ جو 75 سيڪڙو سامان ۽ مسافر ٽريفڪ ريلوي لائين استعمال ڪري ٿو. چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور جي حصي جي طور تي، ان لائن کي ڇهن سالن دوران 6.8 بلين آمريڪي ڊالرن جي اپ گريڊيشن ۽ مرمت ڪئي ويندي، مڪمل ٿيڻ تي سراسري رفتار کي ٻيڻو ڪري 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پهچايو ويندو. ڪياماڙي ۽ شاهدره باغ، چکلالا ۽ گولرا شريف وچ ۾ ريلوي ٽريڪ ڊبل ٿي ويندو.[1]

اسٽيشن[سنواريو]

ھن لائین تي ھیتیان ڊنل اسٽيشن آھن؛

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]