قاضي موسیٰ بن يعقوب ثقفي
ڏيک
قاضي موسيٰ ان کان پوءِ اسان کي قاضي موسيٰ جو نالو ملي ٿو، جو محمد بن قاسم جي خاندان مان هو ۽ سندس سڄو نالو موسيٰ بن يعقوب ثقفي هو. الور جو قاضي ۽ سنڌ جو قاضي القضاه هو. عالم هجڻ سان گڏ، هڪ فقير منش بزرگ هو. سندس خاندان التمش جي زماني تائين موجود هو. سال 1216ع ۾ ان خاندان مان ڪمال الدين اسماعيل بن علي بن محمد ثقفي، الور ۾ قضا جي عهدي تي فائز هو. عربيءَ وارو اصلي "چچ نامو" هن ئي بزرگ وٽ هو، جنهن وٽان محمد ڪوفيءَ هٿ ڪري ان کي فارسيءَ ۾ 1613ع ڌاري ترجمو ڪيو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 1961ع