مواد ڏانھن هلو

قائم الدين ڪنڀار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانچو:معلومات شخصيت قائم الدين ڪنڀار (1 مارچ 1941ع – 11 اپريل 2016ع) سنڌ جو هڪ ناميارو تعليمي ماهر، سماجي سڌارڪ ۽ اديب هو. هو "پاڪ ڪنڀار جماعت" جو باني هو ۽ کيس ڪنڀار برادري جي سڄاڳي ۽ فلاح لاءِ ڪيل خدمتن سبب سڃاتو وڃي ٿو.

جنم ۽ خانداني پس منظر

[سنواريو]

ٿر دنيا جو اهو خوشنصيب خطو آهي جنهن جي هڪ هڪ شئي قيمتي انمول ۽ منفرد حيثيت رکندڙ آهي. هتي جو ڪوئلو هجي يا باقي معدنيات، تهذيب و ثقافت هجي يا مٺڙا مارو، ڀلاري ڀٽن جي ڀون ۾ ڪيئي ڪونڌر جنميا. جن تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجو اڻ وسرندڙ نانُ سونهري اکرن ۾ لکرائي ڇڏيو. اهڙا جاکوڙي جوڌا قومن جو قيمتي سرمايو هوندا آهن. جيڪي تاريخ جو رُخ موڙي ايندڙ نسل کي هڪ اهڙي گس تي گامزن ڪري ڇڏيندا آهن، جتي ترقي جون راهون سندس منتظر هونديون آهن. جڏهن نيت ۾ خلوص، ڪم ۾ سچائي، جذبن ۾ نواڻ، خدمت خلق جو جذبو، انساني ڀلائي جو اونو، دل ۾ پيدا ٿي پوي ٿو ته راهه جون رنڊڪون ۽ رڪاوٽون نه رڳو ميسارجي پون ٿيون، بلڪه ڪائنات جو ذرو ذرو قدرت پاران مهربان بنجي سندس مددگار بنجي پوي ٿو. ڪنڀار قبيلي جي مسڪين محمد معروف جي گهر ۾ پهرين مارچ 1941 تي ٿرپارڪر ضلعي جي ڇاڇري تعلقي ۾ بارڊر لڪير تي ڳوٺ وائوڙي طيب ڪوٽڙيو ۾ جنم وٺندڙ ” قائم الدين“ نالي ٻالڪ بابت ڪنهن ٿي سوچيو ته ڪنڀار برادري جي قسمت جو ستارو سندس هتان ئي چمڪندو. ۽ ڪنڀار قبيلي جي تاريخ سهيڙي سموهي، ڪتابي شڪل ۾ آڻيندو. ۽ ڪنڀار برادري جي ٽڙيل پکڙيل سٻاجهن، ساڃهه وندن، باشعور ۽ بيباڪ جوانن کي محبت جي تسبيح ۾ حڪمت ۽ ڏاهپ سان پروئي هيرن موتين جي مالها جوڙي، سنڌ جي هن سادگي پسند ۽ درويش صفت قبيلي کي غربت، پسماندگي، لاشعوري جي آڙهه مان ڪڍيقومي ترقي جي ڌارا ۾ آڻي بيهاريندو. اڄ اوهان کي جيڪي مختلف نالن سان ڪنڀار برادري جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جڙيل تنظيمن جا نالا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، سي انهي پوکيل ٻوٽي جي ٻج مان ڦٽندڙ گل آهن.

والد محترم محمد معروف ڪنڀار جو تعارف

[سنواريو]

قائم الدين ڪنڀار اڃان اٺ ڏهه سالن جي ٻاراڻي عمر ۾ مس پير پاتائون ته والد جي شفقت کان محروم ٿي ويا. امڙ مٿي تي دانگيون کڻي پاڙي ۾ وڪڻي پٽ کي پڙهائڻ لڳي. پرائمري تعليم جا ابتدائي درجا ڳوٺ وائوڙي ۾ پاس ڪيا، سندس ڏاڏا محترم ونهيل فقير ڪنڀار نيڪ، پرهيزگار ۽ تهجد گذار درويش صفت انسان هو. ڪنڀار جتي به آباد آهن انهن ڳوٺن جي مسجدن ۽ مدرسن جي سنڀالي، معاونت ۽ پيش امامت ۾ پيش پيش هوندا پئي رهيا آهن.هن ڳوٺ ۾ مسجد ۽ مدرسو به شروع کان قائم هو.معاونت ۽ سڀنالي ۾ والد محترم جو نالو شامل هو. سندس والد محترم محمد معروف ڪنڀار قرآن مجيد جي تلاوت سان گڏ شاهه عبدالطيف جي رسالي جو مطالعو بلاناغه ڪندو هو. اسُرويل ذڪر الٰهي لطيف جون وايون ۽ مداحون مٺڙي دلسوز آواز سان جهونگارڻ سان ماحول معطر بنجي ويندو هو. داناءُ ۽ وقت شناس سنجيدهه طبع جو مالڪ هو. ڪنڀارڪو هنر جو بهترين ڪاريگر هو. خاص ڪري ڍاڪون، تباخ، رڪيبي، سڦالڙو، تسڙي، تيلاٽي، ڪوپ ساسر، پيالو، گاگهر، گگهي، موريو، ڪونئرو، حقو، ٽوپي، ۽ چلم ٺاهڻ ۾ مهارت هوس ڳوٺ جون وڏڙيون سندس ٺاهيل ڪي ٿانو وقت کان سنڀاليو اچن.

تعليم ۽ لڏپلاڻ

[سنواريو]

ورهاڱي ٿيڻ کان پوءِ 1948 ڌاري سندس والد سائين محمد معروف وارن جو اتان لڏي ميرپورخاص کان اتر طرف 5 ميل جي فاصلي تي ڳوٺ ميرو مري ۾ رهڻ ٿيو. جتي ڏڪارن وقت وڏڙا ايندا هئا. استاد قائم الدين ڪنڀار جن 1950ع ۾ ميرو مري اسڪول ۾ پهريون درجو پهرين نمبر سان پاس ڪيو. 1953 ۾ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي. 1957 ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو. 1961 ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ انهي سال ماستري جو آرڊر مليو. 1966 ۾ بي اي، 1968 ۾ ايم اي، ۽ 1969 ۾ بي ايڊ ڪئي.

پاڪ ڪنڀار جماعت جو قيام

[سنواريو]

ننڍپڻ کان ئي برادري جي ڀلائي ۽ سڄاڳي جو اونو هوندو هئس. انڪري اڪثر برادري جي خوشي غمي جي ميڙاڪن ۾ ننڍي ٽهي ۾ ئي سڄاڳي ۽ ايڪي جي پرچار ڪرڻ شروع ڪئي. برادري جي بزرگن ۽ نوجوانن پاران مانائتي موٽ ملڻ بعد اتساهه وڌيو. پهرين مارچ 1960ع ڌاري ٿرپارڪر ضلعي (موجوده ميرپورخاص ڊويزن) ۾ ڪنڀار تنظيم جو بنياد وڌو ويو. ڪنڀار تنظيم جا بنيادي مقصد هي هئا. (1) اولاد کي پڙهائڻ (2) پاڻت ۾ ٻڌي ڪرڻ (3) ڏکي وقت هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ (4) ٻئي جي ستائڻ وقت ڀاءُ جو ساٿ ڏيڻ (5) هنر کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ (6) نوان هنر مند پيدا ڪرڻ. تاريخ 10 آگسٽ 1963 تي محترم ٻيڙو فقير جي جاءِ ڪاري موري ضلع حيدرآباد ۾ ڪنڀار برادري جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان 200 کن ڀائرن شرڪت ڪئي. جيئن ته جاڳرتائي پرچار جو سلسلو ضلع ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ ۾ پهرين شروع ٿي چڪو هو. تنهن ڪري اتي جي ڀائرن ۾ اهڙن ڪمن ۾ حصو وٺڻ جي دلچسپي پيدا ٿيل هئي، تنهن ڪري هن عام اجلاس ۾ آيل ڀائرن ۾ گهڻائي ڄاڻايل ضلعن جي ڀائرن جي هئي. هن گڏجاڻي ۾ ”پاڪ ڪنڀار جماعت“ جو بنياد رکيو ويو. جنهن جو صدر ٻيڙو فقير ڪنڀار ۽ جنرل سيڪريٽري استاد قائم الدين ڪنڀار چونڊيا ويا. انهي جماعت جو دائرو بعد ۾ سنڌ کا وڌائي پنجاب ۽ بلوچستان تائين پهچايو ويو.

علمي ۽ ادبي خدمتون

[سنواريو]

استاد قائم الدين 1957ع ۾ قلمي ڪاوشن جي شرعات ڪئي. اسڪول جي تعليم دوران تعليمي ۽ عام سرگرمين جون خبرون ۽ رپورٽون اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون. جنهن وقت سنڌ جي ناليواري علمي ادبي شخصيت پير علي محمد راشدي جو مشهور ڪالم ”رند ۽ پنڌ“ عبرت اخبار ۾ شايع ٿيندو هو. ان ئي ڪالم ۾ سندس پهريون مضمون 10 مارچ 1960 ۾ عبرت اخبار ۾ شايع ٿيو. مضمونن جو اهو سلسلو ويجهڙ ماضي تائين جاري رهيو. هن وقت تائين مختلف موضوعن تي سندس سوين مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ 25 قسطن تي مشتمل ”سنڌ جي تاريخي سفر جو داستان “ جهڙو جامع ۽ تحقيقي مقالو پڻ شامل آهي. جيڪو روازني هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيو.

سندس لکيل ڪتاب

[سنواريو]

استاد قائم الدين ڪنڀار تقريبا 12 ڪتاب لکيا جن ۾ ھڪ ڪنڀار برادري جي ڀلائي ۽ ايڪي لاءِ ڪيل عملي ۽ قلمي ڪاوشن تي مشتمل ڪتاب ”جاڳرتائي جاکوڙ“ ڇپجي منظر عام تي اچي چڪو آھي ان کان علاوہ جوهر قرآن، قائم ڪٿا، سماجي سڌارو، سنڌ جي پڪار ، ماڻهو موتي داڻا، گهڙيون جن سان گهاريم، ڪنڀارڪو هنر، قائم قلمي ڪاوشون، ڪچهريون قائم، ڪليات قائم، ڪنڀار قبيلو نالي سان ڪتاب تحرير ڪري چڪا آهن.

سماجي ۽ ترقياتي ڪم

[سنواريو]

استاد قائم الدين ڪنڀار معاشري جي ڀلائي لاءِ ڪيئي ڪوششون ڪيون جن ۾ برادري ۾ سڄاڳي پيدا ڪرڻ، تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ پتوڙڻ، غريبن مسڪينن ۽ ضرورتمندن جي سهائتا ڪرڻ، بيروزگارن کي سرڪاري روزگار سان لڳائڻ، علائقي ۾ اسڪول کولرائڻ، روڊ رستا منظور ڪرائڻ، سميت ٻيا ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ شامل آھن. ميرپورخاص حيدرآباد ريلوي لائن تي رتن آباد ريلوي اسٽيشن کولرائڻ، ميرپورخاص نوابشاهه ريلوي لائن تي علي محمد مهر اسٽيشن منظور ڪرائڻ، کاڻ نازڪ آباد وچ ۾ جمڙائو تي ڦڙدي وٽ پل ٺهرائڻ، کاڻ ۾ پهرين مڊل اسڪول، پوءِ هاءِ اسڪول منظور ڪرائڻ، ويجهڙائي ۾ انهي هاءِ اسڪول کي هائير سيڪنڊري جو درجو ڏيارڻ جهڙا تاريخي ڪم پڻ شامل آھن. مڊل اسڪول کاڻ ۾ ان وقت شاگردن کان ماهوار سرڪاري فيس ورتي ويندي هئي، غريب ۽ مسڪين شاگرن جي فيس پنهنجي کيسي مان ادا ڪرڻ، کاڻ ۾ نياڻين لاءِ پهرين پرائمري پوءِ مڊل اسڪول کولرائڻ بعد ۾ انهي کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏيارڻ پڻ شامل آھن. ڳوٺ محمد حسن مري ۾ مڊل اسڪول منظور ڪرائڻ، ڀٽارو ۾ پوسٽ آفيس جي برانچ منظور ڪرائڻ ، جهڙا ڪم شامل آهن. علائقي جي ڪافي ڳوٺن لاءِ اسڪول، روڊ، تلاءُ وغيره جهڙين بنيادي ضرورتون ڏيارڻ لاءِ وقت بوقت قلمي ڪاوشون جاري رهيون.

1988 ۾ گورمنيٽ بوائز هاءِ اسڪول کاڻ جي افتتاح جي موقعي تي استاد قائم الدين ڪنڀار ۽ پير آفتاب شاه جيلاني
1988 ۾ گورمنيٽ بوائز هاءِ اسڪول کاڻ جي افتتاح جي موقعي تي استاد قائم الدين ڪنڀار تقرير ڪندي

اعزازات ۽ اهم واقعا

[سنواريو]
  • حج جي سعادت: 2006ع ۾ سندس مضمونن کان متاثر ٿي تڏهوڪي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کيس سرڪاري خرچ تي حج جي سعادت ڏياري.
  • ميرپورخاص جشن: 2006ع ۾ ميرپورخاص شهر جي قيام جي 200 سالا جشن ملهائڻ جو پروپوزل هن تيار ڪيو، جيڪو حڪومت پاران منظور ڪيو ويو.

وفات

[سنواريو]

استاد قائم الدين ڪنڀار 11 اپريل 2016ع تي، 75 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.

حوالا

[سنواريو]

[1] [2]

[3] [4]